×
No Description

المحرمات استهان بها الناس يجب الحذر منها

محرمات استهان بها كثير من الناس

فهرست

1

مقدمو

4

2

الله تعالي سان شرڪ ڪرڻ

13

3

قبرن جي پوڄا

14

4

غير الله جي نذر ۽ نياز

16

5

حرام کي حلال ۽ حلال کي حرام قرار ڏيڻ

17

6

جادو ،ڪهانت ۽ غيبي خبرن جي جي علم جي دعوى ڪرڻ

18

7

ڪجھ شين کي فائديمند هجڻ جوعقيدو

20

8

عبادت ۾ رياڪاري

21

9

برو سؤڻ

22

10

الله کان علاؤ ڪنهن ٻي جو قسم کڻڻ

25

11

منافقن ۽ گناهگارن سان محفلون مچائڻ

27

12

نمازن ۾سڪون جو نه هجڻ

28

13

نماز ۾بي جا ۽ فضول حرڪتون ڪرڻ

30

14

مقتدي جو ڄاڻندي ٻجھندي امام کان اڳرائي ڪرڻ

31

16

بصر ،ٿوم يا ٻي ڪا ٻي بددبورا شيءِ کائي مسجد ۾اچڻ

34

17

زنا

35

18

هم جنس پرستي( (Sodomy

38

19

زال جو سواءِ ڪنهن عذر شرعي جي همبستري کان انڪارڪرڻ

39

20

عورت جو پنهنجي مڙس کان ڪنهن عذر شرعي جي طلاق جو مطالبو ڪرڻ

21

عورت سان حيض جي ڏينهن ۾ همبستري ڪرڻ

43

22

زالن جي وچ ۾ انصاف نه ڪرڻ

45

23

عورت جو خوشبو لڳائڻ

48

24

اڪيلي عورت جوسفر ڪرڻ

49

25

اجنبي عورت کي ڏسڻ

50

26

بي حيائيءَ تي راضي رهڻ

51

27

پنهجي نسب کي تبديل ڪرڻ

51

28

وياج کائڻ

52

29

سامان جو عيب لڪائڻ

55

30

جمعي جي ٻي اذان کان پوءِ وٺڻ ۽ وڪڻڻ

57

31

جوا

58

32

چوري

61

33

رشوت جي ڏي وٺ

63

34

زمين تي ناجائز قبضوڪرڻ

64

35

سفارش سببان تحفن جي ڏي وٺ

65

36

مزدور کان پورو ڪم وٺڻ ۽ ان جو حق نه ڏيڻ

67

37

اولاد کي تحفا ڏيڻ ۾ ظلم ڪرڻ

69

38

ضرورت کان سواءِ ماڻهن کان سوال ڪرڻ

71

39

واپس نه ڪرڻ جي نيت سان قرض وٺڻ

73

40

حرام کائڻ

74

41

وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائڻ

75

42

شراب

76

43

سون ۽ چانديءَ جا ٿانؤ استعمال ڪرڻ

79

44

ڪوڙي گواهي

80

45

غيبت

82

46

چغلخوري

84

47

ماڻهن جي گھرن ۾ اجازت کان سواءَ جهاتيون پائڻ

85

48

ٻن شخصن جو ٽين شخص کان الڳ ٿي ڪن ڦس ڪرڻ

86

49

ڪپڙولٽڪائڻ

87

50

مردن جو ڪنهن به طرح سون پائڻ

89

51

عورتن جو سوڙها ۽ سنها ڪپڙ پائڻ

89

52

وار ڳنڍڻ

90

53

مردن جو عوررتن سان ۽ عورتن مردن سان مشابهت اختيار ڪرڻ

91

54

ڪارو خضاب لڳائڻ

92

55

جاندار جي تصويرٺاهڻ

93

56

ڪوڙو خواب بيان ڪرڻ

95

57

قبر تي ويهڻ ،لتاڙڻ يا قبرستان ۾ قضاءِ حاجت ڪرڻ

96

58

پيشاب کان نه بچڻ

98

59

برو پاڙيسري

100

60

وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائڻ

102

61

تاش ،شطرنج ،ڇڪو کيڏڻ

103

62

مؤمن کي ڪنهن شيءِ تي ناحق لعنت ڪرڻ

104

63

ماتم ڪرڻ

104

64

چهري کي مارڻ يا داغڻ

105

65

ٽي ڏينهن کان مٿي تعلقات ٽوڙڻ

106

مقدمو

إن الحمد لله تعالى نحمده ، ونستعينه ونستغفره ، ونعوذ بالله تعالى من شرور أنفسنا وسيئات أعمالنا ، من يهد الله تعالى فلا مضل له ومن يضلل فلا هادي له ، وأشهد أن لا إله إلا الله وحده لا شريك له ، وأشهد أن محمدا عبده ورسوله. أما بعد

« ما أحل الله في كتابه فهو حلال ، وما حرم فهو حرام ، وما سكت عنه فهو عافية ، فاقبلوا من الله العافية ، فإن الله لم يكن نسيا » ثم تلا هذه الآية ( وما كان ربك نسيا ([1])

الله تعالى جنهن شيءِ کي پنهنجي ڪتاب ۾ حلال قرار ڏنو آهي اها شيءِ حلال آهي ۽ جنهن شيءِ کي پنهنجي ڪتاب ۾ حرام قرار ڏنو آهي اها شيءِ اها حرام آهي ۽ جنهن شيءِ بابت خاموشي فرمائي اها الله تعالى طرفان عافيت (آزادي ) آهي بي شڪ الله تعالى پنهنجي ڀلنجندڙ نه آهي پوءِ پاڻ ﷺ جن هي ءَ آيت تلاوت ڪئي

âوَمَا كَانَ رَبُّكَ نَسِيًّا ..........á

تنهنجورب ڀلنجدڙ نه آهي .......)

حرام ڪيل شيون الله تعالى جون حدون آهن جيئن ارشاد آهي

âتِلْكَ حُدُودُ اللَّهِ فَلَا تَقْرَبُوهَاá البقرہ :187

اهي الله جون حدون آهن انهن کي قريب به نه وڃو

جيڪو به شخص الله جي حدن جي پامالي ڪندو يا اورانگھيندو ته الله تعالى ان کي ڌمڪي ڏيندي فرمايو

âوَمَنْ يَعْصِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدُودَهُ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيهَا وَلَهُ عَذَابٌ مُهِينٌ á

النساء(14)

" جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪندو۽ سندس حدن کي اورانگھيندو ته الله ان کي باھ ۾ داخل ڪندو جنهن ۾هو هميشه رهندو ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.“

حرام شين کان بچڻ واجب ۽ لازمي آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو

مَا نَهَيْتُكُمْ عَنْهُ فَاجْتَنِبُوهُ وَمَا أَمَرْتُكُمْ بِهِ فَافْعَلُوا مِنْهُ مَا اسْتَطَعْتُمْ

جنهن شيءِ کان اوهان کي روڪيوآهي ان کان بچو ۽ جنهن جواوهان کي حڪم ڏنو آهي انهيءَ تي پنهنجي وس آهر عمل ڪريو. ([2])

اها ڳالھ مشاهدي ۾ آيل آهي ته ڪمزور ۽ گھٽ علم وارا ، خواهشن جا غلام،ڪمزور دل جڏهن انهن حرام شين جي باري ۾ مسلسل ٻڌنڌا آهن ته هڪدم پريشان ۽ بي قرار ٿي ۽ افسوس ڪندي چوندا آهن ته هر شيءِ کي حرام آهي اوهين هر شيءِ حرام قرار ڏيئي ڇڏيندا توهان اسان جي زندگي کي بوريت وارو بنائي ڇڏيو آهي اسان جي لائف اسٽائل Life style)) کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي ۽اسان جي سينن کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي اوهان وٽ حرام۽ حرام جي فتوائن کان سواءِ ڪجھ به نه آهي دين ته تمام آسان اسلام ۾ ته ڪشادگي آهي ۽ الله بخشيندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي

انهن ماڻهن جي اعتراض جي جواب ۾ اسين اهو ئي چونداسين ته

الله تعالى بلند آهي جنهن شيءِ جو چاهي حڪم ڪري ،ڪوبه ان جي فيصلي تي اعتراض نٿو ڪري سگھي هوءُ حڪمت جو ڌڻي ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي انڪري اسان جي بندگي جو هي اصول هجڻ گھرجي ته اسين ان جي هر فيصلي تي راضي رهون ان جي پيروي ڪيون .

الله تعالى جا سمورا حڪم حڪمت ڀريا ، علم ۽ انصاف واراآهن انهن مان ڪوبه حڪم فضول ۽ بي جا نه آهي

الله تعالى جو ارشاد آهي

âَتَمَّتْ كَلِمَةُ رَبِّكَ صِدْقًا وَعَدْلًا لَا مُبَدِّلَ لِكَلِمَاتِهِ وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ áالانعام(115)

" تنهنجي پالڻهار جو قول سچائي ۽ انصاف ۾پورو آهي ان جي ڳالھ کي ڪوبه تبديل ڪندڙ نه آهي “

الله تعالى ان اصول کي واضح فرمايو جنهن تي حلال۽ حرام جو بنياد آهي .فرمايائين :

âوَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبَاتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ الْخَبَائِثَáالاعراف: 157

پاڪ شيون انهن لاءِ حلال ڪري ٿو۽ پليت شيون انهن لاءِ حرام قرار ڏي ٿو

پاڪ شيون حلال آهن ۽ پليت شيون حرام آهن ڪنهن شيءِ کي حرام يا حلال قرار ڏيڻ فقط الله جو حق آهي انڪري جنهن به ان حق جي پاڻ جي لاءِ يا ڪنهن ٻي لاءِ انهي حق جي دعوى ڪري ٿو ته اهو اهڙو ڪافر آهي اهڙو ڪفر جو حامل آهي جنهن ڪفر جي ڪري انسان دين مان نڪري ويندو آهي ارشاد باري تعالى آهي :

âأَمْ لَهُمْ شُرَكَاءُ شَرَعُوا لَهُمْ مِنَ الدِّينِ مَا لَمْ يَأْذَنْ بِهِ اللَّهُá الشورى (21)

اهڙي طرح قرآن ۽ سنت جي عالمن کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ به جائز آهي ته حلال ۽ حرام جي باري ۾ بحث ڪري جيڪي ماڻهو علم کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام يا حلال چون ٿا انهن کي سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي . الله تعالى جو فرمان آهي :

âوَلَا تَقُولُوا لِمَا تَصِفُ أَلْسِنَتُكُمُ الْكَذِبَ هَذَا حَلَالٌ وَهَذَا حَرَامٌ لِتَفْتَرُوا عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ إِنَّ الَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى اللَّهِ الْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ á النحل (116)

جن شين کي پنهجي زبان ڪوڙو چئو ته هي شيءِ حلال ۽ هي حرام آهي ته جيئن الله تي ڪوڙوٺاھ ٺاهيو بيشڪ جيڪي الله تي ٺاھ ٺاهيندا آهن اهي ڪامياب نه ٿيندا

قطعي حرام شين جو بيان قرآن ۽ حديث ۾موجود آهي

جيئن الله تعالى جو فرمان آهي ته :

âقُلْ تَعَالَوْا أَتْلُ مَا حَرَّمَ رَبُّكُمْ عَلَيْكُمْ أَلَّا تُشْرِكُوا بِهِ شَيْئًا وَبِالْوَالِدَيْنِ إِحْسَانًا وَلَا تَقْتُلُوا أَوْلَادَكُمْ مِنْ إِمْلَاقٍ á الانعام(151)

"اي نبي کين فرماءِ !اچو ته آئون اوهان کي پڙهي ٻڌايان جيڪي شيون اوهان جي پالڻهار حرام ڪيون آهن(انهن مان هڪ هيءَ آهي ته ) توهان الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ پنهنجي اولاد کي سڃائيءَ جي ڊپ کان قتل نه ڪريو .“

سنت ۾ ڪيترين ئي حرام شين جو بيان موجود آهي

إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَ بَيْعَ الْخَمْرِ وَالْمَيْتَةَ وَالْخِنْزِيرَ وَالْأَصْنَامَ

"الله تعالى شراب ،مردار، سوئر ،بتن جي خريد ۽ فروخت کي حرام قرار ڏنو ويو آهي “. ([3])

نبي ﷺ جن فرمان آهي ته

إِنَّ اللَّهَ تَعَالَى إِذَا حَرَّمَ شَيْئًا حَرَّمَ ثَمَنَهُ ».

الله تعالى جڏهن ڪنهن شيءِ کي حرام قرارڏنو ته انهيءَ جي قيمت (يعني ان کي وٺڻ ۽ وڪڻڻ ) به حرام ڪيو آهي قرآن ۽ حديث جي ڪجھ دليلن ۾ فقط هڪ قسم جي شين جو بيان ڪيوويو آهي جيئن کائڻ پيئڻ شين جي باري ۾ فرمان آهي :

âحُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِيرِ وَمَا أُهِلَّ لِغَيْرِ اللَّهِ بِهِ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيحَةُ وَمَا أَكَلَ السَّبُعُ إِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ وَمَا ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَنْ تَسْتَقْسِمُوا بِالْأَزْلَامِ.......... áالمائده (3)

اوهان تي حرام ڪيا ويا آهن مئل جانور ۽ وهندڙ رت ۽ سوئر جوگوشت ۽ جنهن شيءِ کي الله کان علاوه ڪنهن ٻي جي نالي پڪاريو وڃي ۽ گھٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان ماريل ۽ مٿاهين جاءِ تان ڪريل جانورٽڪر (يا ٻي جانور جي سڱ سان)مئل جانور ۽ جنهن کي چيرندڙ جانورن کاڌو پر اهو جانور اوهان لاءِ حلال آهي جنهن کي اوهان مرڻ کان اڳ ذبح ڪيو هجي اهو جانور جيڪو آستانن تي ذبح ڪيو وڃي اهڙي طرح اوهان تي حرام آهي ته اوهين تيرن ذريعي فال ڪڍو قسمت جو حال معلوم ڪريو

اهڙي طرح جن سان نڪاح حرام آهي انهن جي باري ۾ فريائين ته :

âحُرِّمَتْ عَلَيْكُمْ أُمَّهَاتُكُمْ وَبَنَاتُكُمْ وَأَخَوَاتُكُمْ وَعَمَّاتُكُمْ وَخَالَاتُكُمْ وَبَنَاتُ الْأَخِ وَبَنَاتُ الْأُخْتِ وَأُمَّهَاتُكُمُ اللَّاتِي أَرْضَعْنَكُمْ وَأَخَوَاتُكُمْ مِنَ الرَّضَاعَةِ وَأُمَّهَاتُ نِسَائِكُمْ .áالنساء :23

اوهان تي حرام ڪيون ويون آهن اوهان جون مائرون ۽ ڌيئرون ۽ ڀينرون ۽ پڦيون ۽ ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري ۽ اوهان جون رضاعي ٿڃ ۾ شريڪ ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ( يعني اوهان جون سسون )

ڪمائڻ جي ذريعن جي حرام هجڻ جي وضاحت هن آيت مبارڪ ۾ڪئي وئي:

âوَأَحَلَّ اللَّهُ الْبَيْعَ وَحَرَّمَ الرِّبَاá البقرة (275)

" ۽ الله واپار کي حلال ۽ وياج کي حرام ڪيو آهي . “

الله تعالى پنهجي ٻانهن تي تمام گھڻو ٻاجھارو آهي انڪري جيڪي شيون اسان لاءِ حلال ڪيون آهن انهن کي گھڻائيءَ ۽ قسمن جي ڪري انهن کي شمار نٿوڪري سگهجي ان ڪري انهن شين جي تفصيل بيان نه ڪئي وئي آهي ڇاڪاڻ جي اهي گھڻيون ۽ بي شمارآهن ، پرحرام شين جو تعداد ٿوروآهي انڪري انهن کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي جيئن اسين انهن کي سڃاڻي انهن کان بچي سگھون الله تعالى جو فرمان آهي

وَقَدْ فَصَّلَ لَكُمْ مَا حَرَّمَ عَلَيْكُمْ إِلَّا مَا اضْطُرِرْتُمْ إِلَيْهِ وَإِنَّ كَثِيرًا لَيُضِلُّونَ بِأَهْوَائِهِمْ بِغَيْرِ عِلْمٍ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِالْمُعْتَدِينَ (الانعام 119 )

" ڪي شيون اوهان تي حرام آهن انهن کي کولي بيان ڪيو اٿس پر جيڪڏهن توهان حرام کائڻ جي لاءَ مجبور ٿي پئو ۽ گھڻا اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري پنهجي نفساني خواهشن سان گمراھ ٿين ٿا بيشڪ تنهنجو رب انهن ظالمن کي ڀليءَ طرح ڄاڻي ٿو“

يَا أَيُّهَا النَّاسُ كُلُوا مِمَّا فِي الْأَرْضِ حَلَالًا طَيِّبًا وَلَا تَتَّبِعُوا خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُبِينٌ (البقره 168 )

"اي ماڻهؤ !جيڪي شيون زمين ۾ آهن تن مان پاڪ حلال کائو ۽ شيطان جي وکن تي نه هلو بي شڪ اهو اوهان جو پڌرودشمن آهي “

ڪجھ ماڻهو جڏهن حرام شين جو تعداد ۽ تفصيل ڏسندا آهن ته انهن جو ساھ گھٽجڻ لڳندو آهي اها ڪيفيت فقط انڪري آهي جو انهن جو ايمان ڪمزور آهي ديني علم جي سمجھ کان محروم آهن ڇا انهن ماڻهن جو اهو مطالبو آهي ته سمورين حلال شين جي تفصيل انهن کي ٻڌائي وڃي ايستائين جو هو هي ڳالھ مڃي وٺن ته دين آسان آهي ۽ دين انهن جي زندگين کي تنگ نه ڪيو آهي اهي هن قسم جي تفصيل چاهين ٿا ته :

ذبح ٿيل اٺ ، ڳئون ،ٻڪري ،سهو، هرڻ ،جابلو ٻڪرو ،ڪڪڙ ،ڪبوتر ،بطخ ، مرغابي ،اٺ پکي جو گوشت ۽ مئل مڪڙ ۽ مڇي به حلال آهي .

هر قسم جو سبزيون ۽ ڀاڄيون ميوا ،هر قسم جو اناج ، فائديمند ميوا حلال آهن

پاڻي ، کير ، ماکي ، تيل ، سرڪو حلال آهي .

هر جو ڪاٺ ،لوھ ،مٽي ڪڪريون ،پلاسٽڪ ،شيشو ۽ رٻڙ کي استعال ڪرڻ جائز آهي

هرقسم جي سواري وارن جانورن ،گاڏين ، ريل گاڏين ،بحري جهازن ،تي سواري ڪرڻ جائز آهي .

اهڙي طرح ايئرڪنڊيشن ،واشنگ مشن،پاڻي خشڪ ڪرڻ جي مشن ،پسائي جي مشن ،اٽي ڳهڻ جي مشن ،قيمو بنائيدڙمشن ،جوسرمشن.

اهڙي طرح ڊاڪٽري ،انجنيئرنگ ،حساب ،تعميرات ،فلڪيات جي استعال ٿيندڙ اوزارن جو استعمال جائز آهي اهڙي طرح پاڻي پيٽرول ۽ ٻيون معدني شين کي دريافت ڪندڙ اوزارن جو استعال ڪرڻ ڪاٽن ،سوٽي ، ڪتان (هڪ خاص قسم جي وڻ ڪڍيل تيل ) وارن ، حلال کلن ،نائلون ۽ پوليسٽر مان ٺاهيل ڪپڙا پائڻ جائزآهن .

جيڪڏهن اسين انهن شين کي ترتيبوارڳڻڻ شروع ڪنداسين انتها تائين پهچڻ چاهيندا سين ته اهو سلسلو ڇا ختم ٿيندو ؟ (هرگز به نه )

ته پوءِ اهڙا اجايا اعتراض ڪندڙ ڇو نٿا سمجهن ته انهن جو اهو بهانو "ته دين آسان آهي“ اها ڳالھ ته بالڪل صحيح آهي پر ان جو مطلب غلط وٺن ٿا دين آسان آهي مطلب انهن جي ناجائزخواهشن جو پورو هجڻ نه آهي بلڪ انهي آسان هجڻ جي اها تشريح قابل قبول ٿيندي جيڪا دين جي مطابق هجي پردين آسان هجڻ جو بهانو ڪري دين جي قانونن جي پامالي ڪرڻ ۽ دين جي آسان هجڻ ڪري ان ۾ مليل رخصتن تي عمل ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق شرعي رخصتن جو مقصد هي ته سفر ۾قصر نماز يا ٻن نمازن جو جمع ڪرڻ ، مسافرجو ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن ۽ مقيم جو هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات موزن تي مسح ڪرڻ.

پاڻي جي استعال سان ڪنهن وڏي نقصان جو خوف هجي ته تيمم ڪرڻ بيماري ۾ يا مينهن وسڻ وقت ٻن نمازن کي گڏي پڙهڻ نڪاح جوپيغام موڪليندڙ کي اجنبي عورت کي ڏسڻ جي اجازت ،قسم ٽوريندڙ ڪفاري ۾ چاهي ته غلام کي آزاد ڪري چاهي ته مسڪين کي کاڌو کارائي چاهي انهن کي لباس پهرائي ،مجبوريءَ جي حالت ۾ مردار کائڻ جي اجازت اهي سڀ رخصتون ۽ اجازتون شريعت طرفان آهن.

هڪ مسلمان جي علم ۾ هيءَ ڳالھ به هجڻ گھرجي ته ڪجھ شين کي حرام قرار ڏيڻ ۾ڪيترائي فائدا ۽ حڪمتون آهن

(1)الله تعالى انهن حرام شين سان ٻانهن جو امتحان وٺي ٿو ته ڪيئن انهن کا بچن ٿا .

(2)(حلال ۽ حرام ) انهيءَ امتحان جا اهي ذريعا جن سان جنتين ۽ دوزخين ۾ فرق ٿئي اهوئي سبب جو دوزخي هن دنيا ۾ انهن لذتن ۾ غرق آهن جن لذتن سان دوزخ کي گھيريو ويو آهي ۽ جنت ۾داخل ٿيندڙ هن دنيا ۾مصيبتن تي صبر ڪيو.

3)هڪ مؤمن انسان الله جي رضا ۽ ثواب جي ارادي سان شريعت جي پابندي ڪندو آهي انڪري ان جي لاءِ ان تي پابندي ۽ تڪليف به آسان ٿي ويندي آهي .جڏهن ته منافق شريعت جي پابنديءَ کي تڪليف . مصيبت ۽ محرومي جوذريعو سمجھندوآهي انڪري ان جي لاءِ پابندي شر جي پيروڪاري هڪ تمام گھڻي ڏکي ٿي پوندي آهي

حرام شين کان پري رهڻ ڪري ملندڙ سڪون جي لذت فقط شريعت جي پابندي ڪندڙ محسوس ڪري سگھي ٿو .جيڪو شخص الله جي خاطر ڪابه شيءِ ڇڏيندوآهي ته الله ان کي ان کان بهتر عطا ڪندو آهي “

اهوئي شخص پنهنجي دل ۾حقيقي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندو آهي

هن ڪتاب ۾ انهن حرام شين کي ذڪر ڪيو ويوآهي جن جو حرام هجڻ جو قران سنت جي دليلن مان ثابت آهي پر اڄ ڪيترائي مسلمان انهن حرام شين ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن ان ڪري مون مسلمانن جي خير خواهي جي نيت سان هن ڪتاب ۾ انهن حرام معاملن بابت (اسلام جي تعليمات کي کولي کولي بيان ڪيو آهي )

الله تعالي کان اهائي دعا آ ته مونکي ۽ سڀني مسلمانن کي هدايت ۽ توفيق الله جي حدن جي نگهباني ۽ گناهن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي الله سڀ کان وڌيڪ حفاظت ڪندڙ ۽ نهايت مهربان آهي .

والله خيرحافظا وهو ارحم الراحمين

محمد صالح المنجد

الخبر سعودي عرب

شرڪ ڪرڻ الله تعالي سان

الله تعالى سان مطلق طورتي حرام ۽ ڪبيرھ گناھ آهي . حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

أَلَا أُنَبِّئُكُمْ بِأَكْبَرِ الْكَبَائِر( ثَلَاثًا) قالو :قلنا بلى يارسول الله ! الْإِشْرَاكُ بِاللَّهِ

ڇاآئون توهان کي سڀ کان وڏن گناهن جي باري ۾نه ٻڌايان پاڻ ﷺٖ جن هي ڳالھ ٽي دفعا فرمائي:اسان عرض ڪيوسين اي الله جا رسول! ڇونه بالڪل ضرور ٻڌايورسول الله جن فرمايوته سڀ کان وڏوگناھ الله سان شرڪ آهي([4])

شرڪ کان سواءِ باقي هر گناھ جي باري ۾ هيءَ اميد رکي سگھجي ٿي ته الله تعالى ان کي معاف فرمائيندو پر شرڪ اهڙو گناھ آهي شرڪ جهڙي گناھ جي معافي لاءِمخصوص توبه(يعني هميشه جي لاءِ ان کان رڪجي وڃڻ جو عهد توحيد جي ڪلمي جو اقرا ر ۽ اسلام جي احڪامن تي پابندي ڪرڻ جو پختو ارادو لازمي آهي

ارشاد باري تعالى آهي

إِنَّ اللَّهَ لَا يَغْفِرُ أَنْ يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَنْ يَشَاءُ وَمَنْ يُشْرِكْ بِاللَّهِ فَقَدِ افْتَرَى إِثْمًا عَظِيمًا النساء :48

"يقينا الله تعالى پاڻ سان شرڪ کي معاف نه ڪندو ۽ ان کان سواءِ جنهن گناھ کي چاهي معاف فرمائي “

شرڪ جي قسمن مان هڪ قسم شرڪ اڪبر آهي جنهن جي ارتڪاب سان انسان دين جي دائري مان خارج ڪري ڇڏيندو آهي.انهيءَ حالت ۾ مرندڙدائمي جهنمي بنجي ويندوآهي

هن شرڪ جون هيٺيون برائيون ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ ڦهلجي چڪيون آهن :

قبرن جي پوڄا

هي عقيدو رکڻ ته مري ويل نيڪ ٻانها حاجتون پوريون ڪن ٿا مشڪلاتون هٽائين ٿاانهن کان مددطلب ڪرڻ ،۽مشڪلات ۾ پڪارڻ هي سڀ شرڪ جون صورتون آهن جڏهن ته الله تعالى جو فرمان آهي

وَقَضَى رَبُّكَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ الاسرى :23

"۽ تنهنجي رب اهو چٽو فيصلوڪيوآهي ته اوهين ان کان سواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو“

الله تعالى جو فرمان آهي

أَمْ مَنْ يُجِيبُ الْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ السُّوءَ وَيَجْعَلُكُمْ خُلَفَاءَ الْأَرْضِ أَئِلَهٌ مَعَ اللَّهِ قَلِيلًا مَا تَذَكَّرُونَ النمل : 62

ترجمو: (ڀلاڪيرآهي جيڪو لاچار ۽ بي قرار جي پڪار کي ٻڌي ان کي اگھائي،ان جي تڪليف کي ختم ڪري ،۽ ڪير جيڪو اوهان کي زمين ۾هڪ ٻئي جو جانشين بنائي ٿو ڇا الله کان سواء ٻيوڪومعبود جيڪواهي ڪم ڪري سگهي)

ڪجھ ماڻهو ته پنهنجي پير يا مرشد جو نالو تڪيوڪلام بنائي اٿهندي، ويهندي ، ٿڙندي ان کي پڪاريندا آهن ۽ جڏهن ڪومصيبت ،مشڪلات ۽ پريشانيءَ ۾گرفتارٿيندوته ڪو "يا محمد“ ته ڪو وري "يا علي“ جو نعروهڻندو آهي ته ڪو وري ياحسين جو هوڪو هڻي ٿو ته وري ڪو يا بدوي “ جو نالو کڻي ٿو ته ڪو وري "يا عبدالقادر “چوي ٿو ته وري ڪو يا شاذلي تي ڀروسو ڪري ٿو ته ڪو يا رفاعي “ جو سهارو وٺي ٿو ته ڪنهن جي منهن تي يا عيد روس جي رڙ آهي ته ڪو بيبي زينب کي پڪاري ٿو ته ڪي وري بيبي زينب ۽ ابن علوان جي ورد ڪن ٿا

جڏهن ته الله تعالى جو فرمان آهي:

إِنَّ الَّذِينَ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ الاعراف: 194

" بي شڪ توهان جنهن کي الله کان سواءِ پڪاريوٿا اهي توهان جهڙا ئي ٻانھا آهن .“

ڪجھ قبرن جا پڄاري ته انهن قبرن جو طواف ڪن ٿا ۽ ڪجھ قبر جي هر ڪنڊ کي هٿ لڳائيندا آهن ۽ ڪجھ انهن کي ڇوهندا آهن ڪجھ انهن جي چائنٺ کي چمندا آهن ۽ ڪجھ پنهنجي منهن کي انهن جي مٽي تي مليندا آهن ۽ ڪجھ انهن کي ڏسڻ شرط ئي سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ انهن قبرن جي اڳيان انتهائي عاجزي ۽ انڪساري ۽ ذلت سان پنهنجيون پنهنجيون ضرورتون پيش ڪن ٿا بيماريءَ کان ڇوٽڪاري ،اولاد پائڻ ،مشڪلاتن جي آسانيءَ لاءِ انهن کي پڪاريندا آهن بلڪ ڪجھ ته قبر واري کي مخاطب ٿي چوندا آهن

اي اسان جا سردار! آئون پرڏيھ مان آيوآهيان انڪري مون کي نامراد خالي هٿين نه موٽائي

الله عزوجل جو فرمان آهي ته :

وَإِنْ يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ وَإِنْ يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلَا رَادَّ لِفَضْلِهِ يُصِيبُ بِهِ مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ يونس : 107

ترجمو : جيڪڏهن الله توکي ڏک پهچائي ته ان کان سواءِ ان کي ڪو لاهڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن توسان چڱائيءَ جو ارادو ڪري ته ان جي فضل کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي فضل پهچائي ۽ اهو بخشڻهار مهربان آهي “

غير الله جي نذر ۽ نياز

الله تعالى کانسواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ نذر ۽ نياز ڪرڻ به شرڪ جي هڪ صورت آهي.

جهڙي طرح اڄڪلھ ڪجھ ماڻهو قبرن تي چراغ روشن ڪرڻ (چادرون چڙاهڻ ،پيرين پنڌان ڏانهن وڃڻ جونذر ۽ نياز ڪندا آهن

غير الله جي نالي تي جانور ذبح ڪرڻ

غير الله جي نالي تي ذبح ڪرڻ به الله رب العالمين سان شرڪ اڪبر جي هڪ صورت آهي

الله تعالى جو فرمان آهي ته

فَصَلِّ لِرَبِّكَ وَانْحَرْ. الكوثر2:

" (اي نبي !)پنهنجي رب جي لاءِ نمازپڙھ ۽ قرباني ڪر. “

يعني خاص الله جي لاءِ ۽ الله جي نالي سان ذبح ڪر

رسول اڪرم ﷺ جن فرمايوته :

لعن الله من ذبح لغير الله

"الله جي ان تي لعنت آهي جيڪو الله کانسواءِ ڪنهن ٻي جي لاءِ ذبح ڪري ٿو “([5])

ڪڏهن ڪڏهن الله کانسواءِ ڪنهن ٻي جي نالي تي ذبح ٿيل جانور ۾ ٻئي شيون جمع ٿي وينديون آهن

يعني هڪ غير الله جي نالي تي ذبح ڪرڻ

ٻي هي جو ان جي ذبح وقت الله کان علاوه ڪنهن ٻي جي نالي تي ذبح ڪرڻ

انهن ٻنهي سببن جي ڪري انهيءَکي کائڻ ناجائز آهي

جاهليت جي زماني ۾هڪ ذبح جي صورت اڄڪلھ عام ٿي چڪي آهي جنهن کي" جنن جي لاءِ ذبح“ جو نالوڏنوويوآهي ڪجھ ماڻهو جنن جي تڪليف جي خوف کان گھرجي خريداري ياتعمير وقت گھرجي چانئٺ يا کوھ کوٽڻ وقت کوھ جي ڪناري تي جانور ذبح ڪن ٿا

حلال کي حرام قرارڏيڻ حرام کي حلال قرار ڏيڻ

هي به شرڪ اڪبر جي هڪ صورت آهي يا هي عقيدو رکڻ ته الله کان سواءِ ٻي ڪنهن کي به اهواخيتار آهي

اهڙي طرح رضا ۽ خوشيءَ سان اهڙي ڪورٽن يا غير شرعي قانون مطابق فيصلا ڪرائڻ ۽ انهيءَ کي صحيح سمجھڻ تمام وڏوڪفر آهي .

جيئن قرآن مجيد ۾ آهي

اتَّخَذُوا أَحْبَارَهُمْ وَرُهْبَانَهُمْ أَرْبَابًا مِنْ دُونِ اللَّهِ

"انهن پنهنجن عالمن ۽ راهبن کي الله کان سواءِ رب قرار ڏنو. “

التوبہ :31

عدي بن حاتم بيان ڪري ٿو آئون نبي ﷺ جن وٽ حاضر ٿيس جڏهن هي آيت (اتَّخَذُوا أَحْبَارَهُمْ.....الخ) تلاوت ڪندي ٻڌي ته عرض ڪيو اي الله جا رسول

انهم لم يكونوا يعبدونهم

اهي انهن جي عبادت ته نه ڪندا هئا پاڻ ﷺ جن فرمايو

اجل ولكن يحلون لهم ما حرم الله فيستحلونه ويحرمون عليهم ما احل الله فيحرمونه فتلك عبادتهم لهم

ته ها پر اهي انهن جي اهي شيون حلال ڪندا هئا جنهن کي الله تعالى حرام قرار ڏنوآهي ۽ انهن جي لاءِ اهي شيون حرام قرار ڏيندا هئا جيڪي الله تعالى حرام قرار ڏنيون پوءِ انهن عالمن ۽ راهبن جي انهيءَ ڳالھ کي مڃڻ ئي انهن جي عبادت آهي([6])

قُلْ أَرَأَيْتُمْ مَا أَنْزَلَ اللَّهُ لَكُمْ مِنْ رِزْقٍ فَجَعَلْتُمْ مِنْهُ حَرَامًا وَحَلَالًا قُلْ آَللَّهُ أَذِنَ لَكُمْ أَمْ عَلَى اللَّهِ تَفْتَرُونَ يونس :59

ترجمو :

کين ٻڌايو ته جيڪورزق الله تعالى نازل فرمايوآهي ان مان ڪجھ کي حرام ۽ ڪجھ کي حلال قرار ڏيو ٿا

کانئن پڇو ته ڇا الله اوهان کي اجازت ڏني آهي يا الله تي ٺاھ ٺاهيو ٿا “

جادو ،ڪهانت ۽ غيبي خبرن جي جي علم جي دعوى ڪرڻ

وَاتَّبَعُوا مَا تَتْلُو الشَّيَاطِينُ عَلَى مُلْكِ سُلَيْمَانَ وَمَا كَفَرَ سُلَيْمَانُ وَلَكِنَّ الشَّيَاطِينَ كَفَرُوا يُعَلِّمُونَ النَّاسَ السِّحْرَ وَمَا أُنْزِلَ عَلَى الْمَلَكَيْنِ بِبَابِلَ هَارُوتَ وَمَارُوتَ وَمَا يُعَلِّمَانِ مِنْ أَحَدٍ حَتَّى يَقُولَا إِنَّمَا نَحْنُ فِتْنَةٌ فَلَا تَكْفُرْ البقرہ:102

" ۽ انهن اهڙن علمن جي پيروي ڪئي جيڪي شيطان سليمان جي زماني ۾ پڙهندا هئا ۽ سليمان ڪفر نه ڪيو پر شيطانن ڪفر ڪيو جو ماڻهن کي جادو سکاريندا هئا ۽ پڻ جيڪي ڪجھ ٻن ملائڪن هاروت ۽ماروت تي جيڪي ڪجھ نازل ڪيو اهو ۽ اهي ٻئي ايستائين ڪنهن کي نه سيکاريندا هئا جيستائين ائين نه چوندا اسين رڳو اوهان لاءِ ِصرف آزمائش آهيون ان ڪري ڪفر نه ڪريو “

جادوگر جي لاءِ شرعي فيصلو هيءُ آهي ته ان کي قتل ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي ڪمائي پليت ۽ حرام آهي ڪجھ جاهل ، ظالم ۽ ڪمزور ماڻهو جادوگرن وٽ وينداآهن ته جيئن جادو جي مدد سان پنهنجي مخالف ماڻهن کا بدلو وٺن ڪجھ ماڻهو جادوءَ جو اثر ختم ڪرڻ جي لاءِ جادوگر وٽ ويندا آهن ته جيئن (اهي سڀ معاملا ناجائز ۽ حرام آهن )

(هڪ مسلمان) تي واجب آهي ته الله کان شفا گھري ۽ الله جي ڪلام سان شفا حاصل ڪري مثلا سورة الناس ۽ سورة الفلق جي تلاوت ڪري

باقي جادوگر ۽ ڀوپو اهي جڏهن اهي علم غيب ڄاڻڻ جي دعوى ڪندا آهن الله جا تمام وڏا انڪاري بنجي ويندا آهن ڇوته الله کانسواءِ ڪوبه علم غيب نٿو ڄاڻي

اهي مختلف طريقن سان ماڻهن جا مال هڙپ ڪرڻ جي لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪنداآهن جيئن زمين تي لڪيرون ڪڍڻ ،سپي وڄائڻ ،پيالي يا شيشي جي ڪنهن گل شيءِ تي منتر ڦوڪڻ جهڙ ا طريقا اختيار ڪندا آهن جيڪڏهن هڪ ڀيرو سچ ڳالهائيندا آهن ته نوانوي ڀيرا ڪوڙ ڳالهائيندا آهن پر بيوقوف فقط انهن جي انهيءِ هڪڙي سچيءَ ڳالھ کي ياد ڪري مستقبل جي خوش نصيبي يا بد بختي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ،شادي ۽ واپار جي معاملي ياگم ٿيل شيون ڳولهائڻ جي لاءِ انهن ڪوڙن وٽ ايندا آهن .

جڏهن اهو ماڻهو جيڪو اچي ٿو انهن جي ڳالھ کي سچو مڃي ٿو ته اهو ماڻهو ڪافر ۽ دين مان نڪري ويندوآهي .انهي حڪم جودليل رسول ﷺ جن جو هيءُ فرمان آهي ته

مَنْ أَتَى عَرَّافًا فَصَدَّقَهُ بِمَا يَقُولُ فقد كفر بما أنزل على محمد .

جيڪو به ڪنهن نجومي ،بوپي (ياجادوگر ) وٽ آيو ۽ ان جي ڳالھ کي سچو سمجھيائين ته محمد ﷺ تي نازل ٿيل ڪتاب قرآن جو انڪارڪيو([7])

پر جيڪڏهن ڪو شخص اها ڳالھ مڃي ٿو اهي علم غيب نٿا ڄاڻن پر صرف مشاهدي لاءِ انهن وٽ وڃي ٿو ته ان کي ڪافر ته قرار نه ڏبو پر انهيءِ جي نما ز چاليھ ڏينهن تائين قبول نه ٿيندي آهي.

رسول ﷺ جن فرمايو :

قَالَ مَنْ أَتَى عَرَّافًا فَسَأَلَهُ عَنْ شَيْءٍ لَمْ تُقْبَلْ لَهُ صَلَاةٌ أَرْبَعِينَ لَيْلَةً [8]

جيڪو به ڪنهن نجومي ،بوپي (ياجادوگر ) وٽ اچي ڪنهن شيءِ جي باري ۾ پڇيائين ته ان جي نماز چاليھ راتين (۽ ڏينهن ) تائين قبول نه ٿيندي “

واقعن ۽ ماڻهن جي زندگي ۾ تارن جي اثر جو عقيدو

زيد بن خالد الجهني ﷦ روايت ڪري ٿوته رسول الله جن حديبيه وٽ ان رات جي مينهن وسڻ کان پوءِ اسان کي نماز پڙهائي پوءِ جڏهن نماز مان فارغ ٿيا ته پاڻ ماڻهن جي طرف رخ ڪري فرمايائون اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي رب ڇا فرمايو آهي صحابه ڪرام عرض ڪيو الله ۽ ان جو رسول بهتر سمجھن ٿا

پاڻ ﷺ فرمايو الله تعالى فرمايو ته : منهنجا ڪجھ ٻانها مومن ٿيا ۽ ڪجھ ٻانها ڪافر ٿي ويا پوءِ جنهن چيو ته الله جي مهربانيءَ ۽ رحمت سان اسان تي مينهن وٺو آهي ان مون تي ايمان آندو۽ تارن جو انڪار ڪيو پر جنهن چيو ته فلاڻي تاري جي ڪري اسان تي مينهن وٺو آهي ان منهنجو انڪار ڪيو۽ تارن تي ايمان آندو([9])

اهڙي طرح مختلف اخبارن ، رسالن ۽ ڊائجسٽن۾ شايع ٿيندڙ مختلف برجن ستارن Stars)) ذريعي (ايندڙ هفتي يا مهيني جا حالات ٻڌائڻ )انهن کي سچو سمجھندڙ مشرڪ پر جيڪو نفسياتي تسلي جي ڪري انهن کي پڙهي ٿوته اهو به سخت گنهگارآهي ڇاڪاڻ جو شرڪ سان ڀريل تحريرن کي پڙهڻ سان تسلي حاصل ڪرڻ جائر نه آهي ڇوته شيطان هن جي دل ۾ شرڪي عقيدو پيدا ڪري سگھي ۽ اها شيءِ شرڪ جو ذريعو بنجي وڃي.

ڪنهن شي مان نفعي پهچڻ جوعقيدو

ڪجھ ماڻهو تعويذن ،شرڪيه منترن مڻڪن يا معدني داتن مان بنيل ڪنگڻن ۽ خاص قسم جي پٿرن جي باري ۾ اهو عقيدو رکندا آهن ته اهي شيون فائدوپهچائين ٿيون

ان عقيدي جو بنياد ڪنهن نجومي يا جادوگر جي ڳالھ تي هوندي آهي يا ابن ڏاڏن کان مليل وهمي عقيدا .

اهي شيون پنهجي يا اولاد جي گلي ۾ لٽڪيندا ته انهن جي وهمي عقيدي جي مطابق نظر نه لڳي يا انهن کي مخلتف جڳهين ،گاڏين يا جسم جي عضون تي ٻڌندا آهن

اهڙيون مختلف جڙائن واريون منڊيون پائي اهو سمجھنداآهن ته انهي سان خاص مصيبتون ختم ٿي وينديون آهن

اهي سڀ معاملا الله تعالى تي توڪل واري عقيدي جي خلاف آهن اهي معاملا انسان کي وڌيڪ ڪمزور ڪندا آهن اهي طريقا حرام شين سان به علاج ڪرائڻ م اچن ٿا (جنهن جي شريعت ۾ ڪابه گنجائش موجود نه آهي) . انهيءَ قسم جي تعويذن ۾ واضح شرڪ لکيل هوندو آهي مخلتف جنن ۽ شيطانن کان مدد جا سوال لکيل هوندا آهن يا ڪجھ سمجھ نه ايندڙ نقشا ۽ عبارتون لکيل هونديون آهن ڪجھ مداري قرآني آيتن سان شرڪي عبارتون ملائي لکندا آهن ته وري ڪجھ ظالم قران گندگي (پيشاب ،) يا حيض جي رت سان لکنداآهن گذريل شين ڪنهن به شيءِ کي بڌڻ شرڪ آهي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

من علق تميمة فقد اشرڪ

"جنهن تعويذ ٻڌو ان شرڪ ڪيو.([10])

جيڪو ماڻهو انهن شين جي باري ۾ عقيدو رکي ٿو ته الله کانسواءِ مستقل اهي شيون نقصان يا نفعي جواختيار رکن ٿيون اهو مشرڪ آهي ۽ وڏي شرڪ ۾ گرفتار آهي پر جيڪڏهن جن شين کي الله تعالى نقصان يا نفعي جو ذريعو نه بنايو آهي انهن جي باري ۾ نفعي يا نقصان جي عقيدو به شرڪ اصغر آهي اهو به شرڪ بالاسباب جي هڪ قسم آهي .

عبادت ۾ رياڪاري

ڪنهن عمل جي قبوليت جي لاءِ شرط آهي ته عمل انتهائي اخلاص وارو ، رياءَ کان پاڪ ۽ سنت جي مطابق هجي جيڪو ڪابه عبادت ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ادا ڪري ٿو ته شرڪ اصغر ڪري ٿو انهي جا سمورا نيڪ عمل تباھ ٿي ويا جيئڻ ڪو ڏيکاء لاءِ نماز پڙهي ٿو

الله تعالى جو فرمان آهي :

إِنَّ الْمُنَافِقِينَ يُخَادِعُونَ اللَّهَ وَهُوَ خَادِعُهُمْ وَإِذَا قَامُوا إِلَى الصَّلَاةِ قَامُوا كُسَالَى يُرَاءُونَ النَّاسَ وَلَا يَذْكُرُونَ اللَّهَ إِلَّا قَلِيلًا النساء (142)

بي شڪ منافق الله سان ڌوکي بازي ڪن ٿا ۽ الله کين انهن جي ڌوکي جي سزا ڏيندڙ آهي ۽ جڏهن ائي نماز لاءِ اٿن ٿا ته سست ٿيندي اٿن ٿا صرف ماڻهن کي ڏيکارين پر الله کي ٿورو ياد ڪن ٿا .

جنهن ڪوبه نيڪ عمل انهي نيت سان ڪيو ته انهيءَ جي عمل جي مشهوري ٿئي ۽ ماڻهو انهي جي (نيڪ نامي ) ٻڌن ته ان شرڪ ڪيو

ائين ڪرڻ واري لاءِ حديث ۾ سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي

ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

مَنْ سَمَّعَ سَمَّعَ اللَّهُ بِهِ وَمَنْ يُرَائِي يُرَائِي اللَّهُ بِهِ

جيڪو شهرت چاهيندو ته الله تعالى (انهيءَ کي دنيا ۾ ئي ) ان کي شهرت ڏيندو( ۽ آخرت ۾ خواري واري شهرت ڏيندو جيڪونمائش چاهيندو ته الله ان کي ( دنيا ۾ نيڪ نامي سان پر آخرت ۾ بدنامي ) نمايان ڪندو([11])

جنهن ڪو اهڙو عمل ڪيو جنهن ۾ هن جون ٻئي نيتون آهن ته الله به راضي ٿئي ۽ ماڻهو به ڏسن ته اهو به پنهجي نيڪ عمل کي تباھ ڪندڙ آهي ابن عمر ﷦ جن جي روايت آهي رسول الله ﷺ جن ،فرمايو ته الله تعالى جو فرمان آهي ته :

أَنَا أَغْنَى الشُّرَكَاءِ عَنْ الشِّرْكِ مَنْ عَمِلَ عَمَلًا أَشْرَكَ فِيهِ مَعِي غَيْرِي تَرَكْتُهُ وَشِرْكَهُ

"آئون شرڪت جي معالي ۾ هر قسم جي شريڪ کان بي پرواه آهيان جنهن اهڙو عمل ڪيو جنهن ۾هن مون سان ڪنهن ٻي کي شريڪ ڪيو ته آئون ان ۽ انهيءَ جي عمل کي ( تباھ ) ڪري ڇڏيندو آهيان.([12])

جنهن ڪوبه عمل ڪيو پر اوچتو ان ۾ رياڪاري پيدا ٿي وئي هن کي ناپسند ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو اهو عمل صحيح آهي پر اهو انهيءَ رياڪاري تي خوش ۽ مطمئن آهي ته علماء جي وضاحت جي مطابق ان جو اهو عمل باطل آهي .

برو سؤڻ

ڪنهن شيءِ ۾ بروسؤڻ وٺڻ حرام آهي

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

فَإِذَا جَاءَتْهُمُ الْحَسَنَةُ قَالُوا لَنَا هَذِهِ وَإِنْ تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَطَّيَّرُوا بِمُوسَى وَمَنْ مَعَهُ الاعراف:131

"پوءِ جڏهن کين سک پهتو ته چيائون ته هي ته اسان جي لاءِ آهي ۽ جيڪڏهن ڏک پهچندو هو ته چوندا هئا ته موسى ۽ سندس ساٿين کي نڀاڳو سمجھندا هئا “

عرب ۾هيءَ وهم پرستي رائج هئي ته انهن مان جڏهن ڪو سفر ڪرڻ چاهيندو هو ته پکي جھلي ان کي اڏاريندو هوجيڪڏهن اهو پکي ساڄي طرف اڏاميو ته ان سٺو سؤڻ سمجھندا هئا پر جيڪڏهن اهو پکي کاٻي طرف اڏاميو ته ان کي برو سؤڻ سمجھي پنهجي ارادي واري ڪم کي ڇڏي ڏيندو هو .نبي ﷺ جن هن جي شرعي حڪم کي بالڪل واضح ڪري ڇڏيوآهي

(الطيرة شرك) بدشگوني شرڪ آهي([13])

اهڙي طرح هن حرام ۽ ڪامل توحيد جي مخالف ڪم جي هڪ صورت هي ءَ به ته انسان ڪجھ مهينين کي منحوس سمجھي جيئن صفر جي مهيني ۾ انهي وهم جي ڪري شادي نه ڪرڻ ،اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن کي منحوس سمجھڻ جيئن هر مهيني جي آخري اربع جي ڏينهن کي منحوس سمجھڻ اهڙين طرح ڪجھ انگن کي منحوس سمجھڻ جيئن 13 جو انگ جنهن جي باري ان وهم جو شڪار ٿيڻ اهڙي طرح ڪجھ نالن يا مصيبت يا ڪنهن بيماريءَ يا ڪنهن عيب ۾ مبتلا ماڻهو کي ڏسي برو سؤڻ وٺڻ جيئن ڪو ماڻهو دڪان کولڻ جي لاءِ نڪتو ته رستي ۾ هن کي ڪو ڪاڻو مليو هن ان کي منحوس سمجھي (دڪان ۾ نقصان جي ڊپ ) کان گھر موٽي آيو

اهي سڀ وهم شرڪ آهن

انهن کا ن رسول اڪرم ﷺ جن لا تعلقي جو اعلان ڪيو آهي

قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ:"لَيْسَ مِنَّا مَنْ تَطَيَّرَ وَلا تُطُيِّرَ لَهُ، وَلا تَكَهَّنَ وَلا تُكُهِّنَ لَهُ"أَظُنُّهُ، قَالَ:"أَوْ سَحَرَ أَوْ سُحِرَ لَهُ".

عمران بن حصين کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" جنهن برو سؤن ڪيو يا ڪرايو جنهن به ڪهانت (غيبي معاملا معلوم هجڻ جي دعوى ڪرڻ) ڪئي يا ڪرائي

حديث جو راوي فرمائي ٿو آئون سمجھان ٿو پاڻ ﷺ جن فرمايو ته :جنهن جادوڪيو يا ڪرايو ته انهي جو اسان (مسلمان ) سان ڪوبه تعلق نه آهي. “([14])

جنهن انهيءَ قسم جي ڪا ڳالھ ڪئي يا عقيدو رکيو ته ان جو ڪفارو هن حديث ۾ موجود آهي

عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو قَالَ :قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ رَدَّتْهُ الطِّيَرَةُ مِنْ حَاجَةٍ فَقَدْ أَشْرَكَ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ مَا كَفَّارَةُ ذَلِكَ قَالَ أَنْ يَقُولَ أَحَدُهُمْ

رسول ﷺ جن فرمايو :جيڪو بري سؤڻ جي ڪري ڪنهن ڪم کان رڪجي ويو ته ان شرڪ انهي گناھ جوڪفارو هيءُ آهي ته الله کان هن (بخشش لاءِ ) دعا گھري

اللَّهُمَّ لَا خَيْرَ إِلَّا خَيْرُكَ وَلَا طَيْرَ إِلَّا طَيْرُكَ وَلَا إِلَهَ غَيْرُكَ

" اي الله! نه آهي ڪابه نحوست (نڀاڳائي) ثابت سواءِ

انهيءَ نحوست (نڀاڳائي) جي جنهن جو تون حڪم ڪرين ۽ نه آهي ڪابه ڀلائي سواءِ انهيءَ ڀلائي جي جيڪا تنهنجي مرضي سان هجي ۽ توکان سواءِ ڪوبه برحق معبود نه آهي ـ“([15])

بري سؤڻ جو طبيعت جي اعتبار سان ڪنهن ۾ وڌ ته ڪنهن ۾ گھٽ ٿئي ٿو انهيءَ جو بهترين علاج الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ آهي جيئن ابن مسعود ﷦ جن فرمايو

وَمَا مِنَّا إِلَّا( اي الا يقع في نفسه شيءُ من ذالک ) وَلَكِنَّ اللَّهَ يُذْهِبُهُ بِالتَّوَكُّلِ،

اسان مان هر هڪ جي دل ۾ بر سؤن جي ڪري ڪو وهم پيدا ٿي ويندو آهي پر الله تي توڪل ڪرڻ جي ڪري الله تعالى ان وهم کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي .([16])

الله کان علاؤه ڪنهن ٻي جو قسم کڻڻ

الله تعالى پنهجي مخلوق مان جنهن جو چاهي قسم کڻي پرمخلوق لاءِ الله کانسوءِ ڪنهن ٻي جو قسم کائڻ جائز نه آهي پر ماڻهن جي زبانن تي الله کانسواءِ قسم کڻڻ عام آهي جڏهن ته قسم عظمت بيان ڪرڻ جو هڪ وڏوذريعو آهي انڪري الله کان سواءِ ڪنهن ٻي جو قسم کڻڻ جائز نه آهي رسول الله ﷺ جن فرمايوته :

أَلَا إِنَّ اللَّهَ يَنْهَاكُمْ أَنْ تَحْلِفُوا بِآبَائِكُمْ مَنْ كَانَ حَالِفًا فَلْيَحْلِفْ بِاللَّهِ أَوْ لِيَصْمُتْ

خبردار بي شڪ الله تعالى اوهان کي پهنجن ابن ڏاڏن (۽ بزرگن ) جون قسمون کائڻ کان روڪي ٿو،جنهن کي به قسم کڻڻو آهي ته اهو الله جو قسم کڻي يا خاموش رهي.“([17])

ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

مَنْ حَلَفَ بِغَيْرِ اللَّهِ فَقَدْ أَشْرَكَ

"جنهن الله کان علاؤ ڪنهن ٻي جو قسم کنيو ته ان شرڪ ڪيو.“([18])

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

مَنْ حَلَفَ بِالْأَمَانَةِ فَلَيْسَ مِنَّا

"جنهن امانت جوقسم کنيو ان جواسان سان ڪوبه تعلق نه آهي “([19])

انڪري ڪعبي امانت ،بزرگي ،مدد ، برڪت ڪنهن نبي جو يا ولي جي رتبي ،ماءُ پيءِ ، ابن ،ڏاڏن اولاد جي جان جي قسم کائڻ هرگز به جائز نه آهي .

انهن مان ڪنهن به شيءِ جو قسم کنيائين ته ان جوڪفارو هي ته لاالہ الاالله پڙهي

قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ حَلَفَ فَقَالَ فِي حَلْفِهِ وَاللَّاتِ فَلْيَقُلْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ

"جنهن قسم کنيو ۽ پنهنجي قسم ۾ چيائين ته لات بت جو قسم ته ان کي گھرجي ته لاالہ الاالله چوي .“([20])

انهيءَ قسم جا ٻيا به شرڪي لفظ ۽ جملا مسلمانن جي زبانن تي عام ٿي ويا آهن مثال جي طور تي

آئون الله جي ۽ تنهنجي پناھ ۾ اچان ٿو

آئون الله تي ۽ تو مٿي ڀروسوڪندڙآهيان

هي الله جي ۽ تنهنجي طرفان آهي

منهنجو الله کان ۽ توکان سواءِ ڪوبه سهارو نه آهي

الله منهجو آسمانن ۾ تون منهجو زمين تي سهارو آهين

جييڪڏهن الله ۽ فلاڻو نه هجي ها ته (هيئن ٿي وڃي ها )

آئون اسلام مان تنگ ٿي ويوآهيان .....

اهڙي طرح اهي لفظ جنهن سان زماني جي يا زماني جي ڪنهن حصي جي برائي ڪئي وڃي .جيئن چيووڃي ته زمانو برو آهي ،هي لمحو منحوس آهي ، زمانو بيوفا آهي اهو زماني کي برو چوڻ الله کي ئي برو چوڻ آهي ڇوته الله ئي زماني کي خلقيو آهي

اهڙي طرح اهو نالو جنهن سان الله کان سواءِ ڪنهن ٻي جي بندگي جو اظهار ٿئي مثلا

عبد النبي (نبي جو ٻانهو ) عبد الرسول(رسول جو ٻانهو ) ، (عبد الحسين حسين جو ٻانهو ) (اهي سڀ شرڪي لفظ آهن

اهڙي طرح اسلامي سوشلزم اسلامي جمهوريت ،وعوام جي راءِ الله جي راءِ آهي دين الله جي لاءِ ۽ ملڪ سڀني جي لاءِ عرب قوم جي نالي تي انقلاب جي نالي تي .....

مٿي ڄاڻايل جديد اصطلاحون ۽ نعرا به توحيد جي عقيدي جي خلاف آهن .اهڙي طرح ڪنهن انسان کي "شهنشاھ“ "حاڪمن جوحاڪم “ لقب ڏيڻ يا ڪنهن منافق کي عزت وارو خطاب ( جناب ، سائين sir ) ڏيڻ به حرام آهي .

اهڙو لفظ "جيڪڏهن “ جڏهن ڪنهن ڏک،حسرت ۽ پشيماني لاءِاستعمال ڪيووڃي (جيئن چيو وڃي ته آئون "جيڪڏهن“ هن طرح ڪريان ها ته ائين نه ٿئي ها ) لفظ "جيڪڏهن “ "ڪاش“ وغيره به شيطاني ڪمن جو دروازوکولي ڇڏينداآهن

هن طرح به چوڻ جائز نه آهي

" اي الله جيڪڏهن تون چاهين ته مون کي معاف فرماءِ “

گنهگارن ۽ منافقن سان محفلون مچائڻ

ڪيترائي ڪمزور ايمان واراگنهگارن ۽ ڏوهارين سان مجلسون مچائيندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته انهن مجلسن الله جي شريعت تي طعنا ڏيندا يا الله جي دين ۽ا لله جي نيڪ ٻانهن تي ٺٺي مذاق ڪندا آهن .

اهڙن ماڻهن جي محفلن جو حصوبنجڻ ناجائز ۽ حرام ۽ عقيدي کي خراب ڪندڙ عمل آهي .

الله تعالى جو فرمان آهي

وَإِذَا رَأَيْتَ الَّذِينَ يَخُوضُونَ فِي آَيَاتِنَا فَأَعْرِضْ عَنْهُمْ حَتَّى يَخُوضُوا فِي حَدِيثٍ غَيْرِهِ وَإِمَّا يُنْسِيَنَّكَ الشَّيْطَانُ فَلَا تَقْعُدْ بَعْدَ الذِّكْرَى مَعَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ (سورة الانعام 68)

"جڏهن توهان انهن کي ڏسو ته اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪن ٿا ته توهان انهن کان منهن موڙيو جيستائين ان کان علاوه ڪنهن ٻي ڳالھ بابت بحث نه ڪن ۽ جيڪڏهن توکي شيطان وساري ته پوءِ ياد اچڻ تي انهن ظالم ماڻهن سان نه ويھ “

اهڙي صوتحال ۾ انهن سان مجلسن ۾ ويهڻ بالڪل به جائز نه هجي ڀلي ويجھا مائٽ بهترين سلوڪ ڪندڙ مٺين زبانن وارائي ڇونه هجن پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن مجلسن ۾ انهن ڳالهين جي رد ڪرڻ (يا انهن جي اصلاح ) جي نيت سان ويهڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي پر انهيءَ ٺٺي مذاق تي راضي رهي چپ رهڻ جي صورت ۾ وڃڻ جائز نه آهي.

الله تعالى جو فرمان آهي

فَإِنْ تَرْضَوْا عَنْهُمْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يَرْضَى عَنِ الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ سورة التوبه :96

جيڪڏهن توهان انهن سان راضي ٿي ويا تڌهن به الله انهن گنهگارن سا راضي نه ٿيندو

نمازن ۾سڪون جو نه هجڻ

وڏن گناهن مان هڪ گناھ هيءُ به جونماز ۾چوري ڪئي وڃي رسول الله ﷺ جن فرمايوته :

قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَسْوَأُ النَّاسِ سَرِقَةً الَّذِي يَسْرِقُ مِنْ صَلَاتِهِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ وَكَيْفَ يَسْرِقُ مِنْ صَلَاتِهِ قَالَ لَا يُتِمُّ رُكُوعَهَا وَلَا سُجُودَهَا

رسول ﷺ جن فرمايوماڻهن ۾ سڀ کان بروچوراهوآهي جيڪو نماز جو چورآهي صحابہ ڪرام عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! ڪو شخص پهنجي نماز ۾ڪيئن چوري ڪري سگھي ٿو پاڻ ﷺ جن فرمايو ته اهو نماز جو چور آهي جيڪو نماز جا رڪوع ۽ سجدا نٿو ڪري “ ([21])

نماز ۾ بي سڪوني رڪوع ۽ سجدي ۾ ۽ رڪوع مان پٺ کي سڌو نه ڪرڻ اهڙي طرح ٻن سجدن ۾ سڌ سنئون ٿي نه وهڻ اهي سب غلطيون عام ۽ اڪثر نمازين ۾ موجود آهن ان ڪري شايد ئي ڪا اهڙي مسجد هجي جيڪا ان قسم جي نمازين کان خالي هجي جڏهن ته معاملي ۾ سستي انتهائي خطرناڪ آهي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

لَا تُجْزِئُ صَلَاةُ الرَّجُلِ حَتَّى يُقِيمَ ظَهْرَهُ فِي الرُّكُوعِ وَالسُّجُودِ

" ڪنهن شخص جي نمازان وقت تائين نه ٿيندي جيستائين هو پهنجي پٺيءَ کي رڪوع ۽ سجدي ۾ سڌو نه ڪري “([22])

ابو عبد الله الاشعربيان ڪري ٿو ته

رسول الله جن صحابه ڪرام کي نماز پڙهائي پوءِپاڻ ﷺ ڪجھ صحابه ڪرام سان گڏ ويهي رهيا انهي دوران هڪ شخص آيو ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪيائين جلدي جلدي رڪوع ڪيائين ۽ سجدي ۾ ٺونگون هڻي رهيو هو

نبي ﷺ جن فرمايو ته

« أترون هذا, من مات على هذا مات على غير ملة محمد ، ينقر صلاته كما ينقر الغراب الدم ، إنما مثل الذي يركع وينقر في سجوده كالجائع لا يأكل إلا التمرة والتمرتين ، فماذا تغنيان عنه

هن کي ڏسو ٿا ؟ جيڪوبه انهي وانگر نماز پڙهندي مئو ته محمدي طريقي کان سواءِ جنهن ٻي طريقي تي مئو اهو نماز ۾ اهي ٺونگون هڻندو آهي جيئن هڪ ڪانگ رت ۾ٺونگون هڻندوآهي جيڪوجلدي جلدي رڪوع ڪري ۽ سجدي ۾ٺوگوڻ هڻي ٿو ان ماڻهون جو مثال انهيءَ بکئي وانگر آهي جيڪو هڪ يا ٻه کجور کائي ٿو ڇا اهي کجورون فائدو ڏينديون ان جي بک کي مٽائينديون ؟([23])

يقينا اهوهڪ ناجائز عمل آهي رڪوع ۽ سجدي ۾ پنهنجي پٺ کي سڌو نه ڪندڙ ڌمڪي ۽ سزا جومستحق آهي

زيد بن وهب بيان ڪري ٿو ته حذيفہ ﷦ جن هڪ شخص کي ڏٺو ته هوءُ رڪوع ۽ سجدا پورا نه پيوڪري پاڻ ﷦ کيس فرمايو ته جيڪڏهن تون مرين وئين ان دين فطرت تي نه مرندين جنهن تي الله تعالى محمد ﷺ کي پيدا فرمايو([24])

سڪون سان نمازنه پڙهندڙ کي جيئن هن مسئلي جو علم ٿئي ته جنهن نماز جو وقت هجي ته ان کي ٻيهر سڪون سان پڙهي وٺي ،باقي ماضي ۾ پڙهيل نمازن لاءِ الله کان بخشش گھري باقي انهن کي ٻيهر پڙهڻ جي ضرورت نه آهي جيئن ته نبي ﷺ جن بي سڪونيءَ سان نماز پڙهندڙ کي فرمايو ته

ارجع فصل فانک لم تصل تون نماز ٻيهر پڙھ بي شڪ تو نماز ناهي پڙهي (يعني رسول الله ﷺ جن فقط اهائي نماز موٽائڻ جو حڪم ڪيو )

نمازن ۾بيجا ۽ گھڻي حرڪت ڪرڻ

هن مصيبت کان اڪثر نمازي بچيل نه ڇوجو اهي الله جي فرمان تي عمل پيرا نٿا ٿين

وَقُومُوا لِلَّهِ قَانِتِينَ

"۽ لله لاءِفرمانبردار ٿي بيهو “ البقره(238)

الله تعالى جي هن فرمان کي نٿا سمجھن جنهن فرمايوويو

قَدْ أَفْلَحَ الْمُؤْمِنُونَ (1) الَّذِينَ هُمْ فِي صَلَاتِهِمْ خَاشِعُونَ (2)سورة المومنون 1-2

"بي شڪ اهي مؤمن ڪامياب ٿيا جيڪي پنهنجي نمازن ۾عاجزي ڪن ٿا “

جڏهن نبي ﷺ جن کان پڇيو ويو ته پاڻ سجدي دوران مٽي(ڪنڪرين ) وغيره کي هٽائي سگھجي ٿوپاڻ ﷺ جن فرمايوته

لَا تَمْسَحْ وَأَنْتَ تُصَلِّي فَإِنْ كُنْتَ لَا بُدَّ فَاعِلًا فَوَاحِدَةٌ تَسْوِيَةَ الْحَصَى

نماز دوران مٽي وغيره کي هٽائي سگھجي ٿو پاڻ ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن ائين ڪرڻ لازمي بنجي وڃي ته صرف هڪ دفعي ئي زمين کي هموار ڪري سگھجي ٿو “([25])

علماء ڪرام فرمائين ٿا بغير ڪنهن ضرورت جي مسلسل حرڪتون نماز کي باطل ڪري ڇڏينديون آهن جيڪي ماڻهو نماز ۾ بي جا حرڪت ڪن ٿا ڪڏهن ٽائيم ڏسن ٿا ،ڪڏهن ڪپڙا ٺيڪ ڪن ٿا ، ڪڏهن نڪ ۾ آگر وڃن ٿا ڪڏهن ساڄي ۽ کاٻي ڏسن ٿا ڇا انهن کي انهي ڳالھ جو ڊپ نٿوٿئي ته انهن جي نظرن کي ختم ڪيو وڃي يا شيطا ن انهن جي نماز مان هڪ وڏو حصو ڇني وٺي

مقتدي جو ڄاڻندي ٻجھندي امام کان اڳرائي ڪرڻ

تڪڙ ڪرڻ انسان جي فطري عادت آهي الله تعالى جو فرمان آهي ته :

وَكَانَ الْإِنْسَانُ عَجُولًا بني اسرائيل :11

رسول الله ﷺٖ جن فرمايو ته :

التاني من الله والعجلة من الشيطان

" وقار بردباري الله جي طرفان آهي ۽ تڪڙ شيطان جي طرفان آهي “([26])

پر نماز ۾ انسان ساڄي ۽ کاٻي طرف بيهندڙ ڪيترن ئي نمازين کي ڏسي ٿو ته هو رڪوع ، سجدي ، تڪبيرن ۽ سلام ڦيرڻ ۾ امام کان جلدي ڪندا آهن خود ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻ کي به ان طرح ڪندي ڏسندوآهي امام کي جلدي ڪرڻ واري کي ڪيترائي نمازي ڪا به اهميت نه ڏيندا آهن جڏهن ته حديث ۾ انهيءَ جي باري ۾ سخت ڌمڪي موجود پاڻ ﷺ جن فرمايو :

أَمَا يَخْشَى الَّذِي يَرْفَعُ رَأْسَهُ قَبْلَ الْإِمَامِ أَنْ يُحَوِّلَ اللَّهُ رَأْسَهُ رَأْسَ حِمَارٍ

"جيڪو ماڻهو(رڪوع ۽ سجدي ۾) امام کان اڳ مٿومٿي کڻي ٿو اهو هن ڳالھ کان نٿو دڄي ته متان الله ان جي مٿي کي گڏھ جو مٿو بنائي ڇڏي“([27])

جڏهن نماز لاءِ اچڻ وقت به سڪون ۽ وقار اختيار ڪرڻو آهي ته پوءِ نماز ۾ سڪون ۽ وقار جو هجڻ تي ڪيتري قدر نه لازمي آهي

فقيهن هن جي لاءِ هڪ بهترين قاعدو بيان ڪيوآهي اهي ته مقتدي کي گھرجي مقتدي ان وقت حرڪت شروع ڪري جڏهن امام تڪبير چئي وٺي جڏهن (الله اڪبر )

الله اڪبر جي( ر) چئي وٺي مقتدي امام جي پيروي ۾ رڪوع ،قيام ۽ سجدي جي لاءِ حرڪت ڪري نه اڳ جلدي ڪري نه وري دير ڪري ائين ڪرڻ سان انهن غلطين جوسڌارو ٿي ويندو

نماز صحابه ڪرام رسول الله ﷺ جن کان اڳتي نه وڌڻ ۾ انتهائي درجي جو خيال ڪندا هئا براءِ بن عازب ﷦ بيان ڪري ٿو :

أَنَّهُمْ كَانُوا يُصَلُّونَ خَلْفَ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَإِذَا رَفَعَ رَأْسَهُ مِنْ الرُّكُوعِ لَمْ أَرَ أَحَدًا يَحْنِي ظَهْرَهُ حَتَّى يَضَعَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ جَبْهَتَهُ عَلَى الْأَرْضِ ثُمَّ يَخِرُّ مَنْ وَرَاءَهُ سُجَّدًا

صحابه ڪرام رسول ﷺ جن جي اقتدا ۾ نماز پڙهندا هئا جڏهن رسول الله ﷺ جن رڪوع مان مٿو کڻندا هئا ته جيستائيين پاڻﷺ جن پنهجي پيشاني سجدي ۾ نه رکندا هئا تيستائين مون ڪوبه اهڙو مقتدي نه ڏٺو جنهن پهنجي چيلھ جھڪائي هجي پاڻ ﷺ جن کانپوءِ سجدو ڪندا هئا.([28])

جڏهن نبي ﷺ هن پوڙهائپ جي عمر کي پهتا ته جسم جي حرڪت ۾ ڪجھ ڪمزوري پيدا ٿي وئي پاڻ ﷺ جن نمازين کي خبردار ڪندي فرمايو ته :

عن ابى هريرة قال سمعت رسول الله صلى الله عليه وسلم يقول يا ايها الناس انى قد بدنت فلا تسبقوني بالركوع والسجود

اي انسانؤ !منهجو جسم ڳروٿي پيو آهي انڪري رڪوع ۽ سجدي ۾ مون کان اڳرائي نه ڪريو([29])

كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا قَامَ إِلَى الصَّلَاةِ يُكَبِّرُ حِينَ يَقُومُ ثُمَّ يُكَبِّرُ حِينَ يَرْكَعُ ...ثُمَّ يُكَبِّرُ حِينَ يَهْوِي ثُمَّ يُكَبِّرُ حِينَ يَرْفَعُ رَأْسَهُ ثُمَّ يُكَبِّرُ حِينَ يَسْجُدُ ثُمَّ يُكَبِّرُ حِينَ يَرْفَعُ رَأْسَهُ ثُمَّ يَفْعَلُ ذَلِكَ فِي الصَّلَاةِ كُلِّهَا حَتَّى يَقْضِيَهَا وَيُكَبِّرُ حِينَ يَقُومُ مِنْ الثِّنْتَيْنِ بَعْدَ الْجُلُوسِ

رسول الله ﷺ جن جڏهن نماز پڙهڻ جوارادوڪيائون ته سڌو بيهي ڪري الله اڪبر چيائون ،پوءِ رڪوع ۾ويندي الله چيائون پوءِ سجدي ۾جھڪڻ وقت الله اڪبر چيائون پوءِ سجدي مان اٿندي وقت الله اڪبر چيائون پوءِ ٻي سجدي ۾ وڃڻ وقت الله اڪبر چيائون پوءِ ٻي سجدي مان اٿندي وقت الله اڪبر چيائون پوءِ پاڻ ﷺ انهي طرح باقي نماز ادا ڪيون ۽ ٻن رڪعتن کانپوءِ ٽي رڪعت لاءِ اٿڻ وقت الله اڪبر چيائون([30])

جيڪڏهن امام سجدي يا ۾رڪوع وڃڻ جي حالت سان گڏ تڪبير چوي ۽ مقتدي مٿي بيان ڪيل طريق جي پابندي ڪري ته جماعت جي معاملي جي اصلاح ٿي ويندي .

بصر ،ٿوم يا ٻي ڪا ٻي بددبورا شيءِ کائي مسجد۾اچڻ

الله تعالى جو فرمان آهي :

يَا بَنِي آَدَمَ خُذُوا زِينَتَكُمْ عِنْدَ كُلِّ مَسْجِدٍ

ترجمو :اي آدم جا اولاد ! نمازمسجد ۾ حاضر ٿيڻ وقت سنوارواريون شيون استعال ڪريو الاعراف :31

جَابِرَ بْنَ عَبْدِ اللَّهِ زَعَمَ أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ مَنْ أَكَلَ ثُومًا أَوْ بَصَلًا فَلْيَعْتَزِلْنَا أَوْ قَالَ فَلْيَعْتَزِلْ مَسْجِدَنَا وَلْيَقْعُدْ فِي بَيْتِهِ

جابر ﷦ جن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

"جنهن به ڪچوبصر يا ٿوم کاڌي ته ان کي گھرجي ته اسان کان الڳ ٿي وڃي يا فرمايون ته ان کي گھرجي اسان جي مسجد کان پري رهي ۽ پنهجي گھر ۾ ويٺو رهي“([31])

عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ مَنْ أَكَلَ مِنْ هَذِهِ الْبَقْلَةِ الثُّومِ و قَالَ مَرَّةً مَنْ أَكَلَ الْبَصَلَ وَالثُّومَ وَالْكُرَّاثَ فَلَا يَقْرَبَنَّ مَسْجِدَنَا فَإِنَّ الْمَلَائِكَةَ تَتَأَذَّى مِمَّا يَتَأَذَّى مِنْهُ بَنُو آدَمَ [32]

جابررضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" جنهن به ٿوم يا بصر يا ڪراث ( بصرجي هڪ قسم يا انهي سان ملندڙ هڪ بدبودارڀاڄي آهي) کاڌي ته اهو هرگز اسان جي مسجد ويجھو به نه اچي بيشڪ ملائڪن کي به ان شيءِ کان تڪليف ٿيندي آهي جنهن شيءِ سان انسانن کي تڪليف ٿيندي آهي .“

سيدنا عمر بن خطاب ﷦ هڪ ڏينهن خطبو ڏيندي فرمايو:

أَيُّهَا النَّاسُ تَأْكُلُونَ شَجَرَتَيْنِ لَا أَرَاهُمَا إِلَّا خَبِيثَتَيْنِ هَذَا الْبَصَلَ وَالثُّومَ لَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ إِذَا وَجَدَ رِيحَهُمَا مِنْ الرَّجُلِ فِي الْمَسْجِدِ أَمَرَ بِهِ فَأُخْرِجَ إِلَى الْبَقِيعِ فَمَنْ أَكَلَهُمَا فَلْيُمِتْهُمَا طَبْخًا

"اي انسانو! توهان بدبوء پيدا ڪندڙ ٻوٽا بصر ۽ ٿوم کائو ٿا مون رسول الله ﷺ جن کي ڏٺو ته پاڻ ﷺ جن انهي ماڻهو کي مسجد مان ڪڍي بقيع طرف روانوڪري ڇڏيندا هئا جنهن مان بصر يا ٿوم جي بدبو ايندي هئي .پوءِ جيڪوبه انهن کي کائڻ چاهي ٿو ان کي گھرجي ته انهن جي پچائڻ سان انهن جي بدبوء ختم ڪري “([33])

اهڙي طرح ڪجھ ماڻهو ڪم ڪم ڪار ڊيوٽي تان فورا مسجدن ۾ ايندا آهن انهن جي بغلن ۽ جورابن جي مان نڪرندڙ بدبوءَ جي لاءِ به ساڳيو مٿيون حڪم آهي

انهي کان برو عمل سگريٽ پيئندڙن جو آهي جيڪي سگريٽ پئي مسجد پهچي ويندا آهن جتي الله جي ٻانهن نمازين ۽ ملائڪن تڪليف ڏيندا آهن .

زنا

عزت ۽ نسل جي حفاظت ڪرڻ دين اسلام جو اهم ۽ بنيادي مقصد آهي

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

وَلَا تَقْرَبُوا الزِّنَا إِنَّهُ كَانَ فَاحِشَةً وَسَاءَ سَبِيلًا (32)

(سورة بني اسرائيل 32 )

"زنا کي هر گز به قريب نه وڃو بيشڪ اها بدڪاري ۽ برو رستوآهي “

بلڪ شريعت پردي ،نگاهن کي جھڪائڻ جهڙن حڪمن ۽ عورت سان اڪيلائپ اختيار ڪرڻ جي منع سان زنا جي ذريعن کي به هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي شادي شده زاني جي سخت سزا جو حڪم ڏنو آهي ته مرڻ تائين ان تي پٿروسايا وڃن ته جيئن هن جي جسم جي هر عضووي کي سزا ملي جن هن کي انهي شيطاني عمل ذريعي لطف اندوز ڪيو غير شادي شده جي شريعت ۾ سزا هيءَ آهي ته ان کي سؤ ڪوڙا هنيا وڃن ان سزا کان علاوه اها خواري الڳ (روحاني سزا) جو هن کي مسلمانن جي هڪ وڏي هجوم ۾ اها سزا ڏني ويندي ۽ اهڙي طرح هن کي هڪ سال جلاوطن جهڙي سزا به هن جي خواري ۾ اصافو ڪندي .

مرڻ کانپوءِ برزخي زندگي ۾ ان جي سزا هيءِ آهي جو زانين کي هڪ باھ جي اهڙي تندور ۾ وڌو ويندو جنهن جو منهن تنگ ۽ هٺيون حصو ڪشادو هوندو جڏهن باھ ٻاري ويندي ته اهي رڙيون ڪندي ان تندور جي منهن تائين اچي ويندا جڏهن اها ڪجھ جھڪي ٿيندي ته هيٺ هليا ويندا اها سزا انهن کي قيامت تائين ٿيندي رهندي .

جيڪڏهن ڪو انسان جنهن کي الله وڏي زندگي ڏني پوڙهائپ ۽قبر جي ڪنڌي تائين پهچڻ کانپوءِ انهي بدڪاري کان نٿو رڪجي ته انهي جو ڏوھ بدترين ۽ تمام گھڻوقابل مذمت آهي

ابوهريرہ جن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

ثَلَاثَةٌ لَا يُكَلِّمُهُمْ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَلَا يُزَكِّيهِمْ قَالَ أَبُو مُعَاوِيَةَ وَلَا يَنْظُرُ إِلَيْهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ شَيْخٌ زَانٍ وَمَلِكٌ كَذَّابٌ وَعَائِلٌ مُسْتَكْبِرٌ

الله تعالى ٽن ماڻهڻ سان قيامت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو

(1)پوڙهو زاني

(2)ڪوڙو حاڪم

(3) تڪبر ڪندڙ ڪنگال([34])

زاني عورت جي اها ڪمائي جيڪا هن زنا جي ذريعي سان ڪمائي آهي ها بد ترين ڪمائي آهي .

زاني عورت جي اڌ رات گذرڻ وقت به دعا قبول نه ٿيندي جنهن وقت دعا جي قبوليت جي لاءِ

دروازا کوليا ويندا آهن([35])

باقي الله جي حدن کي پامال ڪرڻ لاءِ مسڪيني ۽ مجبوريءَ جي بهاني ڪابه شرعي حيثيت حاصل نه آهي .

پراڻي زماني جي هيءَ چوڻي ڪيتري قدرسچي آهي ته !

تجوع الحرة ولاتاکل بثديها فکيف بفرجها

جڏهن پاڪ دامن عورت بک ته برداشت ڪندي پر پنهجي ڇاتي جي ڪمائي نه کائيندي ته پوءِ شرمگاھ جي ڪمائي ڪيئن ٿي کائي سگھي

اڄ جي زماني ۾ بدڪاري جاسمورا دوازا کلي ويا آهن، شيطان پنهجي چالن ۽ چيلن ذريعي ان کي انتهائي آسان بنائي ڇڏيوآهي گنهگارن ۽ مجرمن به شيطان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي جنهن جي ڪري بي پردگي ،نظر جوغلط استعال ،عورتن ۽ مردن جي ميلاپ ،بي حيائي ڦهلائيندڙ ناول ،رسالا ،ڊائجسٽ ،بي حيائي سان ڀريل فلمون ۽ بي حياء ملڪن لاءِ گھڻو سفر ڪرڻ عزتن جي پامالي بدڪاري جي بازار جو عروج حرام ٻارن جي گھڻائي ٻار ضايع ڪرائڻ يا قتل ڪرائڻ جھڙا بدترين گناھ عام ٿي ويا آهن اي الله ! تون پنهنجي رحمت ۽ ٻاجھ سان اسان جي گناهن کي ڍڪ ۽ هر قسم برائي کان پري رهڻ جي توفيق عطاء فرما اي الله ! اسان ۽ حرام ڪمن جي وچم هڪ وڏي رڪاوٽ پيدا فرماءِ.

هم جنس پرستي( (Sodomy

قوم لوط جو گناھ هي جو هي ڇوڪرن سان پنهنجي جنسي خواهش کي پوروڪندا هئا جيئن الله تعالى جو فرمان آهي

وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الْفَاحِشَةَ مَا سَبَقَكُمْ بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِنَ الْعَالَمِينَ (28) أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ وَتَقْطَعُونَ السَّبِيلَ وَتَأْتُونَ فِي نَادِيكُمُ الْمُنْكَرَ العنکبوت28 ،29

" ۽ لوط کي ( پهنجي قوم جي طرف نبي بنائي موڪليو سين ) جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين اهو بيحيائيءَ جوڪم ڪندا آهيو جو اوهان اڳ جهان وارن مان ڪنهن به نه ڪيو آهي ؟ ۽ واٽ تي ڦرلٽ ڪريوٿا ۽ پنهجي مجلسن ۾ اهوڪڌوڪم ڪريو ٿا پر سندس قوم جو وراڻي هن جواب کا ن سواءِ ٻي نه هئي ته جوچيائون ته جيڪڏهن سچن مان آهين ته عذاب کي آڻ “

هن عمل جي بڇڙي ،قابل مذمت ۽ خطرناڪ هجڻ جي ڪري الله تعالى هي ڪڌو ڪم ڪندڙن کي چار سزائون ڏنيون.

(1)انهن کي انڌو ڪيو ويو.

(2)انهن جي وسندي کي اونڌو ڪيو ويو .

(3)انهن مٿي چهنبدار پٿريون وسايون ويون

(4)انهن کي هانءُ ڏاريندڙ رڙ سان ماريوويو.

اهي سزائون الله تعالى ڪنهن ٻي قوم گڏي نازل نه فرمايون

هن شريعت جي راجح قول جي مطابق اهڙي ڪڌي ڪم ڪندڙ کي تلوار سان قتل ڪيو وڃي ڪندڙ ۽ ڪرائيندر ٻنهي جي اهاسزا پر پر اها سزا ڪرائيندڙ کي ان وقت ڏني ويندي جڏهن هو ان برائي تي راضي هجي

عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ قَالَ

قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ وَجَدْتُمُوهُ يَعْمَلُ عَمَلَ قَوْمِ لُوطٍ فَاقْتُلُوا الْفَاعِلَ وَالْمَفْعُولَ بِهِ

ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

جنهن کي توهان لوط جي قوم وارو ڪڌو عمل ڪندي ڏسو ته ٻنهي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ کي قتل ڪريو “([36])

هن زماني ۾ انهي بدڪاري جي ڪري اهڙيون لاعلاج بيماريون پيدا ٿي ويون آهن جيڪي اڳين ماڻهن ۾نه هيون هن زماني ۾ طاعون ۽ ايڊز جهڙيون بيماريون به انهي جي ڪارڻ آهن

هن مان هيءَ ڳالھ واضح ٿي ته اسلام ۾ هن ڪڌي ڪم جي ايتري قدر سخت سزا مقرر ڪرڻ شريعت جي حڪمت ڀريوهجڻ جو دليل آهي.

زال جو سواءِ ڪنهن عذر شرعي جي همبستري کان انڪارڪرڻ

ابوهريرة ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

إِذَا دَعَا الرَّجُلُ امْرَأَتَهُ إِلَى فِرَاشِهِ فَأَبَتْ فَبَاتَ غَضْبَانَ عَلَيْهَا لَعَنَتْهَا الْمَلَائِكَةُ حَتَّى تُصْبِحَ

"جڏهن ڪو شخص پنهنجي زال کي همبستري لاءِ آماده ڪري ٿو پر هوءَ انڪار ڪري ٿي ۽ اهو شخص ناراضگي ۾ رات گذاري ته صبح تائين ملائڪ ان عورت تي لعنت ڪن ٿا.“([37])

ڪيتريون ئي عورتون جن جو جڏهن پهنجي مڙس سان جھڳڙو ٿي پوندو آهي ته پنهنجي گمان مطابق مڙس کي سزا ڏيڻ لاءِ ان کي ويجھو به اچڻ نه ڏينديون آهن

هن سان وڏيون وڏيون برايون پيدا ٿين ٿيون مڙس يا زنا جهڙي حرام ڪم جو ارتڪاب ڪندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن وري عورت جي تدبير بلڪل برعڪس ثابت ٿيندي آهي جو ان جو مڙس ٻي شادي جي بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ لڳندو (عورت جي طرفان ڏنل سزا خود انهيءِ عورت جي سزا جو سبب بنجي وئي )

انڪري عورت تي لازمي ته جڏهن به کيس سندس مڙس همبستري لاءِ آماده ڪري ته ان جي ضرورت کي پوروڪري ائين ڪرڻ سان نبي ﷺ جن جي هن فرمان تي عمل ٿيندو. پاڻ ﷺ جن فرمايو :

إذا دعا الرجل امرأته إلى فراشه فلتجب و إن كانت على ظهر قتب

" جڏهن مڙس پنهجي زال کي همبستري لاءِ گھرائي ته ان کي لازمي آهي ته ان جي ڳالھ کي مڃي ڀلي هوءَ اٺ جي پاکڙي تي سوار هجي.“([38])

پر جيڪڏهن عورت بيمار آهي يا اميد سان آهي يا ڪنهن ٻي تڪيلف مان مبتلا آهي ته مڙس تي لازمي آهي ته هو ان جو خيال ڪري ته جيئن ٻنهي جي وچ ۾ محبت ۽ اتفاق باقي رهي ته جيئن ٻنهي ۾ڪنهن قسم جو اختلاف پيدا نه ٿئي .“

عورت طرفان طلاق جو بي جا مطالبو

ڪيتريون ئي عورتون يا ته معمولي اختلاف جي ڪري يا خواهش جي مطابق مال نه ملڻ جي ڪري مڙس کان طلاق جو مطالبوڪنديون آهن يا ڪڏهن ڪڏهن فتني باز مائٽن ۽ ساهيڙين جي ڀڙڪائڻ جي ڪري اهو مطالبو ڪندي ۽ مڙس جي ذهن کي جھنجوڙيندڙ لفظن سان چيلنج ڪندي مثلا :

تون واقعي مرد آهين ته طلاق ڏيئي ڇڏ

هي ڳالھ سڀني کي معلوم آهي ته طلاق جي ڪري خاندان جي تباهي اولاد جي بد اخلاق ٿيڻ جھڙيون خرابيون پيدا ٿينديون آهن ڪڏهن ڪڏهن ته عورت طلاق کان پوءِ پڇتائيندي آهي پرانهيءَ پڇتائڻ جو جو ڪوبه فائدو نه آهي .انڪري ڪنهن عذر کان سواءِ شريعت طلاق کي حرام قرار ڏنوآهي

ثوبان ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو

أَيُّمَا امْرَأَةٍ سَأَلَتْ زَوْجَهَا الطَّلَاقَ مِنْ غَيْرِ مَا بَأْسٍ فَحَرَامٌ عَلَيْهَا رَائِحَةُ الْجَنَّةِ

جنهن به عورت سواءِ ڪنهن عذز جي مڙس کان طلاق گھري ته ان تي جنت جي خوشبو به حرام آهي.([39])

عقبہ بن عامر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

إِنَّ الْمُخْتَلِعَاتِ وَالْمُنْتَزِعَاتِ هُنَّ الْمُنَافِقَاتُ

ڪنهن عذر کان سواءِ خلع (طلاق جومطالبو ) ڪندڙ ۽ هن (تعلق ) مان( سواءِ عذر ) جي ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ عورتون منافق هونديون آهن.“([40])

پر جيڪڏهن ڪو عذر شرعي موجود آهي مثلا

مڙس بي نمازي آهي ، يا نشائي آهي يا عورت کي ڪنهن حرام ڪم تي مجبور ڪري ٿويا عورت کي سخت سزائون ڏيئي ان تي ظلم ڪري ٿو يا انهي جا شرعي حق ادا نٿو ڪري ۽ سمجھائڻ سان ڪوبه فائدو نه ٿيو ۽ سمجھائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ويون ته عورت تي ڪوبه گناھ نه ٿيندو ته هوءَ پنهنجي پاڻ يا دين کي بچائڻ جي لاءِ طلاق جومطالبوڪري .

الظهار

جهالت جا زماني جي ڪيترائي لفظ مسلمانن عا ۾ ٿي ويا آهن انهن مان هڪ ظاهر به آهي يعني مڙس پنهنجي زال کي چئي ته تون منهنجي لاءِ ماءُ جي پٺ وانگر آهين يا چوي ته منهنجي لاءِ ڀيڻ وانگر آهين انهن لفظن کي شريعت ۾ سخت ناپسند قرار ڏنو ويو آهي ڇوته اهي عورت تي ظلم آهن (دل آزاري جو سبب آهن )

الله تعالى جو فرمان آهي

الَّذِينَ يُظَاهِرُونَ مِنْكُمْ مِنْ نِسَائِهِمْ مَا هُنَّ أُمَّهَاتِهِمْ إِنْ أُمَّهَاتُهُمْ إِلَّا اللَّائِي وَلَدْنَهُمْ وَإِنَّهُمْ لَيَقُولُونَ مُنْكَرًا مِنَ الْقَوْلِ وَزُورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفُورٌ

جيڪي پنهنجي زالن کي ماء ڪوٺي ويهندا آهن اهي زالون انهن جون مائرون نه آهن سندن مائرون ته اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي بي شڪ اهي اڻ جڳائيندڙ (بري) ڳالھ ۽ ڪوڙ ڪندا آهن

المجادلة

(2) وَالَّذِينَ يُظَاهِرُونَ مِنْ نِسَائِهِمْ ثُمَّ يَعُودُونَ لِمَا قَالُوا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَتَمَاسَّا ذَلِكُمْ تُوعَظُونَ بِهِ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ (3) فَمَنْ لَمْ يَجِدْ فَصِيَامُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَتَمَاسَّا فَمَنْ لَمْ يَسْتَطِعْ فَإِطْعَامُ سِتِّينَ مِسْكِينًا ذَلِكَ لِتُؤْمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَتِلْكَ حُدُودُ اللَّهِ وَلِلْكَافِرِينَ عَذَابٌ أَلِيمٌ (4)

جيڪي پنهنجي زالن کي ماء ڪوٺي ويهندا آهن پوءِ انهن پنهنجي ڪيل ڳالھ واپس ورتائون ته (پوءِ) انهن تي (زال ۽ مڙس ) هڪ ٻئي کان ڇهڻ کان اڳ ته (لازمي آهي ) هڪ غلام آزاد ڪن انهي (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪي ڪجھ ڪندا آهيو تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي .جيڪوشخص( غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت) نٿو پائي ته ان جي ذمي (زال ۽ مڙس ) هڪ ٻئي کان ڇهڻ کان اڳ ته ٻن مهنين جا لڳاتار روزا آهن ۽ جيڪو (روزن جي طاقت ) نٿو پائي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي ته جيئن توهان الله ۽ ان جي رسول جي حڪم جي فرمانبرداري ڪريو ائي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ ڪافرن جي ڏکوئيندڙ عذاب آهي .

المجادلة

عورت سان حيض جي ڏينهن ۾ همبستري ڪرڻ

الله تعالى جو فرمان آهي :

وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْمَحِيضِ قُلْ هُوَ أَذًى فَاعْتَزِلُوا النِّسَاءَ فِي الْمَحِيضِ وَلَا تَقْرَبُوهُنَّ حَتَّى يَطْهُرْنَ البقرہ :222

اي پيغمبر ! توکان حيض جي (حڪم ) جي باري ۾ پڇن ٿا ته کين فرماءِ ته اها پليتي آهي تنهن ڪري زالن سان حيض ۾ پري رهو ايستائين کين ويجھا نه وڃوجيستائين پاڪ ٿين

عورت جي حيض مان پاڪ ٿي غسل ڪرڻ کان اڳ مڙس لاءِ جائز نه آهي ته ان سان همبستري جيئن الله

تعالى جو فرمان آهي ته

فَإِذَا تَطَهَّرْنَ فَأْتُوهُنَّ مِنْ حَيْثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ

" ۽ جڏهن اهي پاڪ ٿي وڃن ته انهن وٽ ان جڳه وٽان اچو جنهن جو الله جو اوهان کي حڪم ڏنو آهي .“

رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي هن ڪڌي ڪم جي بدترين هجڻ جو واضح دليل آهي :

مَنْ أَتَى حَائِضًا أَوْ امْرَأَةً فِي دُبُرِهَا أَوْ كَاهِنًا فَقَدْ كَفَرَ بِمَا أُنْزِلَ عَلَى مُحَمَّدٍ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ

"جنهن زال سان حيض دوران يا ان جي پٺئين عضووي ۾ همبستري ڪئي يا نجومي ،ڀوپي (ياجادوگر ) وٽ آيو ۽ ان جي ڳالھ سچو کي سمجھيائين ته محمد ﷺ تي نازل ٿيل ڪتاب قرآن جو انڪارڪيو.“

جنهن جهالت ۽ هن مسئلي کان اڻ ڄاڻائي جي ڪري حيض جي حالت ۾ همبستري ڪئي ان تي ڪوبه ( ڪفارو) نه ٿيندو بلڪ جنهن مسئلو معلوم هجڻ کان پوءِ ائين ڪيو ته جن علماء ڪرام جي نزديڪ وٽ ڪفاري جي حديث صحيح آهي ڪفاري جي ادائيگي جو حڪم ڏين ٿا پر ڪفاري جي ادائگي جي قائل علماء ۾ڪفاري جي مقدار ۾ اختلاف آهي

ڪجھ علماء جي فتوى جي مطابق چاهي ته اڌ دينار ڏي چاهي ته پورودينار ڏي

ڪجھ عالمن جي فتوى جي مطابق جيڪڏهن حيض جي ابتدائي ڏينهن ۾ ۽ گھڻي هجڻ وقت همبستري ڪيائين ته هڪ دينار۽ جيڪڏهن آخري ڏينهن ۾ يا پاڪائي واري غسل کان اڳ آيو ته اڌ دينار ڏيندو([41])

ڪجھ جاهل ، ڪمزرو ايمان پنهنجي زال جي پٺئين عضووي قضا حاجت پوري ڪرڻ جي جڳھ ۾ جماع ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن جڏهن ته اهو ڪڌو ڪم ڪبيره گناھ اهي رسول الله ﷺ جن ائين ڪندڙ کي لعنتي قرار ڏنو آهي

ابوهريرہ روايت ڪي ٿو ته رسول الله جن فرمايو ته

ملعون من أتى امرأة في دبرها "

اهوشخص لعنتي آهي جيڪو پنهنجي زال جي پٺئين عضوي ۾ جماع ڪري ٿو

بلڪ پاڻ ﷺ جن فرمايو:

ڪيتريون ئي سليم فطرت واريون پاڪ دامن عورتون انهيءِ غير فطري طريقي کان انڪار ڪنديون آهن

پر ڪجھ مڙس پنهجي زالن کي انهيءَ حرام ڪم تي راضي نه هجڻ ڪي طلاق جي ڌمڪي ڏيندا آهن

ڪجھ عورتون علماء کان مسئلا معلوم ڪرڻ ۾حيا محسوس ڪنديون آهن انڪري ان جا مڙس انهيءَ ڪڌي ڪم جي حلال هجڻ جو دوکو ڏيندا آهن .

ڪڏهن ڪڏهن ته هن آيت جي ذريعي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن

نِسَاؤُكُمْ حَرْثٌ لَكُمْ فَأْتُوا حَرْثَكُمْ أَنَّى شِئْتُمْ

" اوهان زالون اوهان جي لاءِ پوک آهن ان ڪري پهنجي پوک ۾ جيئن چاهيو اتان اچو .“

هي ءَ ڳالھ ته سڀني کي معلوم آهي ته سنت قرآن جي وضاحت ڪري ٿي انڪري سنت اسان کي اهوئي سمجھائي ٿي ته اڳئين طرف کا ن اچي يا پٺئين طرف کان اڇي پر جماع اولاد پيدا ٿيڻ واري جڳھ ۾ ڪري اها ڳالھ واضح آهي ته پٺييون عضوو اولاد پيدا ڪرڻ جي لاءِ نه هوند و آهي پر قضا حاجت پورو ڪرڻ لاءِ هوندوآهي شادي جي پاڪائي واري زندگي ۾ هن ڪڌي ڪم جو سبب انهن عادتن کان توبه ڪرڻ کان سواءِ شادي ڪرڻ آهي جيڪي جنسي عادتن يا سيڪسي فلمون جيڪي جاهل معاشري مان ورثي ۾ ملنديون آهن .

زالن جي وچ ۾ انصاف نه ڪرڻ

شيطان جي ته اها ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته ماڻهن کي فتني ۽ حرام جي ڪمن ۾ مبتلا ڪري.

انهيءَ ڪري الله تعالى پهنجي فرمان جي ذريعي خبردار ڪيو آهي ته :

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا لَا تَتَّبِعُوا خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ وَمَنْ يَتَّبِعْ خُطُوَاتِ الشَّيْطَانِ فَإِنَّهُ يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ سورة النور :21

شيطان انسان جي جسم ۾ رت وانگر گردش ڪري ٿو غير محرم عورت سان اڪيلائپ ، برائي ۾ وجهڻ جي لاءِ شيطان جو هڪ وڏو ذريعو آهي .

انڪري شريعت هن برائي جي هن ذريعي جو خاتمو ڪري ڇڏيو رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

قَالَ لَا يَخْلُوَنَّ رَجُلٌ بِامْرَأَةٍ إِلَّا كَانَ ثَالِثَهُمَا الشَّيْطَانُ

"ڪوبه شخص جڏهن ڪنهن اجنبي عورت سان اڪيلائي اختيار ڪندوآهي ته انهن ۾ٽيون شيطان هوندو آهي.“([42])

ابن عمر ﷦ جن روايت ڪري ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته :

.................................................

"اڄ جي ڏينهن کانپوءِ ڪوبه شخص ڪنهن به اڪيلي عورت وٽ نه اچي پر انهي سان گڏ هڪ يا وڌيڪ ماڻهوگڏهجن .“

انڪري ڪنهن به انسان جي لاءِ جائز نه آهي ته ڪنهن عورت سان اڪيلائي اختيار ڪري ڀلي اها عورت ڀاڄائي يا نوڪرياڻي ئي ڇونه هجي اهڙي طرح بيمار عورت جو اڪيلي سر وڃڻ به جائز نه آهي .“پر ڪجھ ماڻهو پنهنجو پاڻ يا ڪنهن ٻي تي ڀروسو ڪندي انتهائي غفلت ڪندا آهن جنهن جي ڪري زنا جهڙي بدڪاري يا ان جي ذريعي نسب نامي جو خلط ملط ۽ حرام اولاد جهڙا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا آهن .“

اجنبي عورتن سان هٿ ملائڻ

اسان جي معاشري ۾ ڪجھ اهڙيون اجتماعي رسمون رائج ٿي ويون جيڪي شريعت جي بالڪل خلاف آهن ايتري قدر جو ماڻهن جي برين عادتن جي انڌي پيروڪاري الله جي حڪمن تي غالب ٿي وئي آهي .

ايستائين جو جيڪڏهن توهان ڪنهن کي شرعي حڪم ٻڌايو يا دليلن سان مسئلو واضح ڪريو ته جواب ۾ توهان کي قدامت پسندي ( يا بنياد پسندي ، شدت پسندي ، دهشتگرد) رشتا ٽوڙيندڙ صاف نيت تي شڪ ڪندڙ ، جھڙا طعنا ٻڌڻا پوندا

بهر حال اجنبي عورت سان هٿ ملائڻ هڪ بري عادت آهي جهالت ڀريل سماجي زندگي جي انڌي تقليد آهي چاچي جي ڌيءُ ،پڦيءَ جي ڌيءُ ، ماسي جي ڌيء ،چاچي ڀاڄائي ،مامي سان هٿ ملائڻ پاڻي پيئڻ کان وڌيڪ آسان سمجھيو ويو

پر شرعي طور جيڪڏهن هن مسئلي جي خطرناڪي تي غور ڪن ته ڪڏهن به ائين نه ڪن

"لأَنْ يُطْعَنَ فِي رَأْسِ أَحَدِكُمْ بِمِخْيَطٍ مِنْ حَدِيدٍ خَيْرٌ لَهُ مِنْ أَنْ يَمَسَّ امْرَأَةً لا تَحِلُّ لَهُ"

رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" توهان مان ڪنهن جي مٿي ۾لوھ جي سوئي جو نشانو لڳايو ته هي هن لاءِ ڪنهن عورت کي ڇهڻ کان وڌيڪ بهترآهي.“([43])

ڪنهن غير محرم عورت کي ڇهڻ هٿن جو زنا آهي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

الْعَيْنَانِ تَزْنِيَانِ وَالْيَدَانِ تَزْنِيَانِ وَالرِّجْلَانِ تَزْنِيَانِ وَالْفَرْجُ يَزْنِي

(حرام شين کي ڏسڻ سان ) اکيون به زنا ڪنديون آهن ،(حرام شين کي ڇهڻ) هٿن جو زنا آهي ،(حرام ڪمن ڏانهن وڃڻ ) پيرن جو زنا آهي ۽ شرمگاھ به زنا ڪندي آهي.“([44])

اهڙي طرح پاڻ ﷺ جن فرمايو ته :

اني لا اصافح النساءَ

" آئون عورتن هٿ نه ملائيندو آهيان .“

عائشہ ﷦ جن بيان فرمائي ٿي ته :

وَلَا وَاللَّهِ مَا مَسَّتْ يَدُهُ يَدَ امْرَأَةٍ قَطُّ

الله جوقسم! (بيعت ۾ ) پاڻ ﷺ جن ڪنهن عورت جي هٿ نه ڇهيو ،پاڻ ﷺ جن عورتن سان بيعت به زباني وٺندا هئا([45])

هتي انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته جيڪي پنهجي ڀاءُ سان هٿ نه ملائڻ جي ڪري طلاق جي ڌمڪي ڏيندا آهن .هتي هيءِ به معلوم هجڻ گھرجي ته ڊائريڪٽ هٿ ملائڻ يا درميان ڪو ڪپڙو وغيره رکڻ جو ڪوبه فا.ئدو نه آهي ٻنهي صورتن ۾ هٿ ملائڻ حرام آهي.

عورت جو خوشبو لڳائڻ

عورت جو خوشبو لڳائي مردن وٽان لنگھڻ هڪ عام معمولي ڳالھ بڻجي وئي آهي جڏهن ته نبي ڪريم ﷺ جن هن کان تمام گھڻو روڪيو جڏهن نبي ﷺ جو فرمان آهي ته

أَيُّمَا امْرَأَةٍ اسْتَعْطَرَتْ ثُمَّ مَرَّتْ عَلَى الْقَوْمِ لِيَجِدُوا رِيحَهَا فَهِيَ زَانِيَةٌ

جيڪا به عورت ڪجھ ماڻهن وٽان گذري ٿي اهي ان جي خوشبو کي محسوس ڪن ته اها زاني عورت آهي([46])

ڪجھ عورتون هن مسئلي ۾ ايتري قدر بي پرواهي جو شڪار آهن جو اهي خوشبو لڳائي ڊرائيور ، دڪاندار ، اسڪول جي گيٽ ڪيپر وٽان گذرنيديون آهن پر شريعت هن مسئلي ۾ ايتري قدر سختي ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت گھر ۾ خوشبو لڳائي ۽ پوءِ ٻاهر وڃڻ جو ارادو ڪري يا ڀلي مسجد وڃڻ جو اردوهجيس تڏهن پهريائين غسل ڪري ان خوشبو جي اثر کي ختم ڪري

نبي ﷺ جن جو فرمان آهي ته :

أَيُّمَا امْرَأَةٍ تَطَيَّبَتْ ثُمَّ خَرَجَتْ إِلَى الْمَسْجِدِ لِيُوجَدَ رِيحُهَا لَمْ يُقْبَلْ مِنْهَا صَلَاةٌ حَتَّى تَغْتَسِلَ اغْتِسَالَهَا مِنْ الْجَنَابَةِ

" جيڪا به عورت مسجد ڏانهن خوشبو لڳائي ويئي ته ته جيئن انجي خوشبو محسوس ٿئي ته ان جي نماز ان وقت تائين قبول نه ٿيندي جيستائين اها جنابت واروغسل نه ڪري .“([47])

اسين الله وٽ شڪايت ڪريون ٿا ته اڄلڪھ شادي ۽ نڪاح جي تقريبن ۾عورتون ڪيتري قدر خوشبو استعمال ڪنديون آهن ،اهي عورتون بازارن ،گاڏين ،هجومن ،ايستائين جو رمضان جي راتين ۾ مسجدن ۾به پر ڪشش خوشبو استعال ڪنديون آهن اسلامي شريعت ۾ عورت خوشبو اهڙي استعمال ڪري جنهن جو رنگ ظاهر ۽ خوشبو لڪيل هجي الله کان دعا آهي ته الله اسان کي پهنجي عذاب کان محفوظ رکي ڪجھ بي سمجھ مردن ۽ عورتن جي گناھن جي ڪري نيڪ مردن ۽ عورتن جي پڪڙ نه ڪري .

اڪيلي عورت جوسفر ڪرڻ

بخاري ۽ مسلم ۾ابن عباس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته

" ڪابه عورت محرم کانسواءِ سفر نه ڪري“

هي حڪم هر قسم جي سفر کي شامل آهي ايستائين جو حج جي سفر ۾ به اهوئي حڪم آهي عورت جو اڪيلي سر سفر ڪرڻ اوباش قسم جي ماڻهن کي اڀاري ٿو ته جيڪي هن جي پويان پئجي ويندا آهن عورت ذات ڪمزور آهي انڪري دوکي ۾ اچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هن جي عزت ۽ شرافت به داغدار ٿي ويندي آهي

اهڙي طرح جهاز ۾ به اڪيلي سر سفر ڪرڻ جائز نه آهي ڀلي هڪ ايئرپورٽ تي ساڻنس ڪو رخصت ڪندڙ ۽ ٻي تي ڪو استقبال ڪنددڙ ئي ڇونه هجي

جيڪڏهن جهاز ڪنهن فني خرابي جي ڪري ڪنهن ٻي ايئرپورٽ تي لٿو يا دير ٿي وئي يا جهازجي اڏامڻ ۾ دير ٿي وئي ته پوءِ هن اڪيلي عورت جي ڪير نگھباني ڪندو انهي قسم جا واقعا اڪثر پيش اچن ٿا

محرم جي لاءِ چار شرطون آهن

1 مسلمان هجڻ

2 بالغ هجڻ

3 عقلمند هجڻ

4 مرد هجڻ

جيئن رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

عورت جو محرم ان جو پيءُ ، پٽ ، ڀاءُ يا مڙس يا هر اهو شخص آهي جنهن سان ان عورت جو نڪاح ڪرڻ حرام آهي([48])

اجنبي عورت کي ڏسڻ

الله تعالى جو فرمان آهي :

قُلْ لِلْمُؤْمِنِينَ يَغُضُّوا مِنْ أَبْصَارِهِمْ وَيَحْفَظُوا فُرُوجَهُمْ ذَلِكَ أَزْكَى لَهُمْ إِنَّ اللَّهَ خَبِيرٌ بِمَا يَصْنَعُونَ (30) وَقُلْ لِلْمُؤْمِنَاتِ يَغْضُضْنَ مِنْ أَبْصَارِهِنَّ وَيَحْفَظْنَ فُرُوجَهُنَّ

سورة النور 30 -31

رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي ته "_____________________________“

"الله تعالى جي طرفان حرام ڪيل (بري نظر) اک جي زنا آهي .“

ڪنهن به شرعي عذر جي ڪري ڪنهن غير محرم عورت کي ڏسڻ جائز نه آهي جيئن ڪنهن شخص جو ڪنهن عورت جي لاءِ نڪاح جو پيغام موڪليو هجي ان کي ڏسڻ ،يا ڊاڪٽر جو بيمار عورت کي ڏسڻ جائز آهي.

بي حيائيءَ تي راضي رهڻ

ابن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ ثَلَاثَةٌ قَدْ حَرَّمَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ الْجَنَّةَ مُدْمِنُ الْخَمْرِ وَالْعَاقُّ وَالدَّيُّوثُ الَّذِي يُقِرُّ فِي أَهْلِهِ الْخَبَثَ “ [49]

ٽن ماڻهن تي الله تعالى جنت کي حرام ڪيو آهي

1 دائمي شرابي

2 _والدين جو نافرمان

3 ديوث جيڪو پنهنجي گهر وارن ۾ خباثت تيخاموشي اختيار ڪري

پنهجي نسب کي تبديل ڪرڻ

ڪنهن به مسلمان جي لاءِ جائز نه آهي ته پنهجو پاڻ پهنجي پيءِ کان علاؤ ڪنهن ٻي شخص شخص جي لاءِ منسوب ڪري يا پهنجي خانداني نسبت ڪنهن اهڙي خاندان سان ملائي جنهن سان هن جو ڪوبه تعلق نه آهي

ڪجھ ماڻهو پنهجي ذاتي مفاد جي لاءِ ڪوڙا سرٽيفڪٽ وٺندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندوآهي ته ته پيءُ پنهجي اولاد کي ننڍي عمر ۾ ڇڏي ڏويندوآهي انڪري اولاد نفرت جي ڪري پنهجي نسبت ڪنهن ٻي شخص جي طرف ڪندا آهن نسب نامي کي تبديل ڪرڻ جو تمام صورتون حرام آهن

ائين ڪرڻ سان نڪاح ،ميراث ، محرميت ،جهڙن معاملن ۾وڏو بگيڙ ايندو آهي

سعد ۽ ابوبڪره کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته

جنهن ڄاڻي واڻي پهنجي پيءُ کان علاؤ ڪنهن ٻي شخص جي لاءِ پنهجي نسبت ڪئي ته ان تي جنت حرام آهي

شريعت ۾ هر اهو معاملو حرام آهي جنهن سان نسب نامي ۾ تبديلي ۽ ڪوڙ جي ملاوٽ هجي

ڪجھ ماڻهو جڏهن زال سان جڳهڙوڪنداآهن ته ان تي بدڪاري جو بي بنياد الزام لڳائيندي ٻارکان لاتعلقي جو اظهار ڪندا آهن جڏهن ته اهو ٻار انهي جي بستري تي پيدا ٿيو آهي

اهڙي طرح ڪجھ عورتون پنهجي مڙسن سان خيانت ڪندي بدڪاري ڪري ان جي نسب ۾ اهو ٻار به داخل ڪري ڇڏينديون آهن جيڪو ان جو حقيقي اولاد نه هوندو آهي هن باري ۾ تمام گھڻي سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي

وياج کائڻ

الله تعالي وياجين کان سواءِ ڪنهن به ٻي سان جنگ جو اعلان نه فرمايو آهي

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَرُوا مَا بَقِيَ مِنَ الرِّبَا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ (278) فَإِنْ لَمْ تَفْعَلُوا فَأْذَنُوا بِحَرْبٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسُولِهِ (279) سورة البقره 278 – 279

اي ايمان وارؤ !الله کان ڊڄو جو ڪجھ وياج باقي رهيل آهي سو ڇڏي ڏيو جيڪڏهن اوهين مؤمن آهيو پوءِ جيڪڏهن ائين نه ڪندؤ ته الله ۽ ان جي رسول جي طرفان (توهان جي خلاف )جنگ جو اعلان آهي “

هن گناھ جي بدترين هجڻ جي لاءِ الله تعالى جي ڌمڪي ئي ڪافي آهي حڪومتن ۽ انفرداي زندگين تي نظر رکندڙ هر شخص ڄاڻي ٿو ته وياجي معاملن ڪيتريون تباهيون مچائيون آهن مثلا:

بک ، افراط زر ، تفريط زر قرضن جي ادائيگي کان عاجز اچڻ اقتصادي صورتحال جو مفلوج ٿيڻ ،ڪيترن ئي ڪمپنين ۽ ادارن جي بربادي بي روزگاري جي شرح ۾ اضافو سخت محنت سان ڪمايل آمدني وياجي قرضن ۾ ادا ڪرڻ سموري دولت جو چند سرمائيدارن جي هٿن ۾اچي وڃڻ جنهن معاشري ۾ اونچ ۽ نيچ جهڙي طبقاتي جنگ جو پيدا ٿيڻ ،

انهن برائين جي ڪري وياجي ڏي وٺ ڪندڙن کي ايتري قدر سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي .

وياج جي معاملي ۾ بنيادي فريق يا سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح سهڪار ڪندڙن کي نبي ﷺ جن جي زباني لعنتي قرار ڏنو ويو آهي .

جابر ﷦ کان روايت ته :

(عَنْ جَابِرٍ قَالَ

لَعَنَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ آكِلَ الرِّبَا وَمُؤْكِلَهُ وَكَاتِبَهُ وَشَاهِدَيْهِ وَقَالَ هُمْ سَوَاءٌ)

"رسول الله ﷺ جن وياج کائيندڙ ۽ کارائيندڙ سودي معاملي جي ٻنهي گواهن ۽لکڻ واري تي لعنت ڪئي آهي فرمايائون ته اهي سڀ گناھ ۾ برابر آهن.“([50])

هن تي حديث جي ڪري وياجي معاملي جي لکت (ڪلرڪي )حساب ڪندڙ کي جو رڪاڊ رکڻ (رجسٽراري )

وصولي ڪندڙ ۽ ڏيندڙ ( مينجنگ يا ڪيشري ) اهڙي طرح انهي جي حفاظت ڪرڻ سهڪار جي ڪابه صورت جائز نه آهي .“

نبي ﷺ جن تمام تاڪيد سان هن گناھ جي برائي بيان ڪئي آهي :

ابن مسعود کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

وياج جا ٽيهتر قسم آهن،معمولي قسم جي وياج جو گناھ ماءُ سان زنا جي برابرآهي “

اهڙي طرح پاڻ ﷺ جن فرمايوته جيڪو به ڄاڻي واڻي وياج جو هڪ درهم به کائي ته هي ان جي لاءِ زنا کان ڇٽيھ دفعا وڌيڪ گناھ آهي “

وياج جوحرام هجڻ سڀني جي لاءِ برابر آهي چاهي اهو وياجي معاملو امير يا غريب جي وچ ۾

هي ڳالھ به مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڪيترائي امير هن وياج جي ڪري ڪنگال ٿي ويا وياج جومال ڪيترو به گھڻو ڇونه هجي پر ان جي برڪت ختم ٿي ويندي آهي

نبي ﷺ جن فرمايو ته

وياج ڀلي گھڻو پر ان جو انجام آخر نقصان ئي آهي

وياج هڪ بدترين گناھ آهي پر الله تعالى هن هن گناھ مان توبه ڪرڻ ان مان ڇوٽڪاري جو طريقو به ٻڌايو آهي

وَإِنْ تُبْتُمْ فَلَكُمْ رُءُوسُ أَمْوَالِكُمْ لَا تَظْلِمُونَ وَلَا تُظْلَمُونَ البقره : (279)

"جيڪڏهن توها وياج کان توبه ڪريو ٿا توهان جي لاءِ اوهان جو اصل مال آهي نه ظلم ڪريو نه وري اوهان تي ظلم ڪيو وڃي “

لازم آهي ته هڪ مومن هن ڪبيري گناھ کان بچي ۽ هن جي برائي جو ٻين ۾شعور پيدا ڪري ايستائين جو انهن ماڻهن جي دلين ۾ شعور پيدا ڪري جيڪي بينڪن ۾ پيسو رکائين جو انهن کي اهو احساس ٿي وڃي ته انهن جي لاءِ مال جي ضايع يا چوري ٿيڻ جهڙن خطرن يعني انتهائي مجبوري جي حالت ۾ رکڻ جائز آهي جيئن هڪ مجبور ماڻهو مردار کائيندو آهي گڏو الله تعالى کان معافي گھري۽ وس آهر ان جو ڪو ٻيو انتظام ڪري ۽ انهن جي لاءِ پنهجي بينڪ جي کاتن جي عيوض وياج وٺڻ جائز نه آهي پر جيڪڏهن ڪنهن جي کاتي ۾ ڪا وياجي رقم اچي وئي آهي ته ڪنهن جائز ڪم ۾ خرچ ڪري ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري پر خيرات يا ثواب جي نيت نه ڪري

ڇوته الله فقط پاڪ مال ئي قبول ڪندو آهي ۽ ڪنهن به طريقي سان ان وياجي رقم مان فائدو حاصل نٿو ڪري سگھجي نه کائڻ ،پيئڻ، نه لباس يا سواري يا گھر جي خريدڻ يا پنهنجي ماءُ پيءُ ،زال يا ٻارن جي خرچي ۾ استعال ڪرڻ جائز نه آهي اهڙي طرح زڪوات جي ادائيگي ، ٽيڪس جي ادائيگي يا پنهجي پاڻ تان ڪنهن ظلم کي ختم ڪرڻ ۾ استعمال نٿو ڪري سگھجي بلڪ الله کان ڊڄندي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري .

سامان جو عيب لڪائڻ

هڪ دفعي رسول الله ﷺ جن اناج جي کوڙي وٽان گذريا پاڻ ﷺ جن پنهجو هٿ مبارڪ ان اناج ۾ داخل ڪيو ته پاڻ ﷺ جن کي ان ۾ آلاڻ محسوس ٿي پاڻ ﷺ جن ان اناج جي مالڪ کان پڇيو ته

مَا هَذَا يَا صَاحِبَ الطَّعَامِ

هي آلائڻ ڪٿان آئي آهي

قَالَ أَصَابَتْهُ السَّمَاءُ يَا رَسُولَ اللَّهِ

ته ان عرض ڪيو اي الله جا نبي ﷺ مينهن وسڻ جي ڪري ان ۾ آلائڻ ٿي وئي آهي پاڻ ﷺ جن فرمايوته ته

قَالَ أَفَلَا جَعَلْتَهُ فَوْقَ الطَّعَامِ كَيْ يَرَاهُ النَّاسُ مَنْ غَشَّ فَلَيْسَ مِنِّي

پوءِ آلي اناج کي مٿي ڇونه رکيئي ؟ جنهن به دوکو ڪيو ان جو اسان ڪوبه تعلق نه آهي([51])

جن واپارين کي الله جو خوف نه هوندو آهي اهي سامان جو عيب لڪائڻ ۾ مختلف طريقا اختيار ڪندا آهن

جيئن عيب تي ڪا چپڪندڙ شيءِ لڳائي ، عيب واري سامان کي ٿيلهي ۾ سموري سامان کان هيٺيان رکڻ ،ڪيمايائي مادو استعال ڪري ان کي بظاهروڌيڪ بهتر بنائڻ يا وري اليڪٽرونڪ شين جي خراب آواز کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جڏهن خريدار ان شيءِ کي کڻي گھر ايندو آهي ته اها جلدي خراب ٿي ويندي آهي ڪجھ دڪاندار ته مدي خارج ٿيڻ جي تاريخ کي به بدلائي ڇڏيندا آهن يا وري ڪجھ خريدار کي ان جي جانچ پڙتال ڪرڻ نه ڏيندا آهن ڪيترائي گاڏين يا انهن جي پرزن کي وڪڻندڙ کي انهن جي خرابي کي ظاهر نه ڪندا آهن اهي سڀ صورتون حرام آهن نبي ﷺ جن فرمايو ته

هڪ مسلمان ٻي مسلمان جو ڀاءُ آهي ان ڪري ڪنهن به مسلمان جي لاءِ جائز نه آهي ته هو ٻي مسلمان کي وضاحت ڪرڻ کان سواءِ ڪا عيب واري شيءِ وڪڻي ڏي.“([52])

ڪجھ ماڻهو اهو سمجھندا آهن ته ڪجھ غير واضح لفظ چوڻ سان هنن جي ذميدري ختم ٿي ويندي مثلا گاڏي وڪڻندڙ چوي ته

لوھ جو ڍير وڪڻان ٿو پر انهن کي ياد رکڻ گھرجي ته انهن جو واپار برڪت کان خالي هوندوآهي

نبي ﷺ جن فرمايوته :

الْبَيِّعَانِ بِالْخِيَارِ مَا لَمْ يَتَفَرَّقَا أَوْ قَالَ حَتَّى يَتَفَرَّقَا فَإِنْ صَدَقَا وَبَيَّنَا بُورِكَ لَهُمَا فِي بَيْعِهِمَا وَإِنْ كَتَمَا وَكَذَبَا مُحِقَتْ بَرَكَةُ بَيْعِهِمَا

"وڪڻندڙ ۽ خريدارکي مجلس ما اٿڻ کان اڳ سودي ڦيرائڻ جو اختيار هوندو آهي پوءِ جيڪڏهن ٻنهي هڪ ٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ وضاحت ڪئي ته انهن جي انهي واپار ۾ برڪت ٿيندي پر جيڪڏهن عيب ڇپايائون يا ڪوڙ ڳالهايون ته انهن جي واپار ۾ برڪت ختم ٿي ويندي آهي.“([53])

واپار يا نيلامي جي وقت ڪجھ ماڻهو وٺڻ جي نيت کان سواءِ ڪنهن شي ءِ کي گھڻي قيمت ۾وٺڻ جي آفر ڪندا آهن يا نيلامي وقت وڏي ٻولي لڳائيندا آهن انهن جومقصد خريد ڪرڻ نه هوندو پر اهي ٻين خريدارن کي وڏي قيمت تي وٺڻ جي لاءِ آماده ڪندا آهن رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

"لا تناجشوا “[54]

دوکي جو واپار نه ڪريو

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اهو طريقو جو دوکي جي هڪ صورت آهي نبي ﷺ جن فرمايو :

" المكر و الخديعة في النار " [55]

" سازش ۽ دوکو ددوزخ ۾ (وڃڻ جو سبب) آهن.“

مارڪيٽن ،نيلام گھرن گاڏين جي شورمن تي ڪيترن سودا ڪرائيندڙ ڪميش هولڊرن جي ڪمائي ناپاڪ حرام هوندي آهي انهن مان اڪثر ته دوکي جو واپار ڪندا آهن مثلا خريدار کي دوکي ڏيڻ يا سامان وڪڻڻ واري کي ان اصل قيمت کان انتهائي گھٽ قيمت تي سامان وٺڻ پر جيڪڏهن اهو مال انهن جو هجي ته معاملو برعڪس هجي يعني ٻيڻي يا ٽيڻي قيمت تي وڪن ها اهڙي طرح اهي الله جي ٻانهن کي دوکو ڏيئي نقصان ڏينداآهن ..

جمعي جي ٻي اذان کان پوءِ وٺڻ ۽ وڪڻڻ

الله تعالى جون فرمان آهي ته :

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا إِذَا نُودِيَ لِلصَّلَاةِ مِنْ يَوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا إِلَى ذِكْرِ اللَّهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَكُمْ إِنْ كُنْتُمْ تَعْلَمُونَ سورة الجمعة

ڪيترائي دڪاندار جمعي جي ٻي اذان (جيڪا امام جو خطبو شروع ڪرڻ کان پهريائين ڏني ويندي آهي )1

ڪيترائي واپاري مسجد سامهون ٻانگ بڌڻ کان پوءِ به واپار ۾ مصروف رهندا آهن هنن سان گناهن ۾ اهي به شامل آهن جيڪي مسجد جي گيٽ تي ڏندڻ ووڪڻندا آهن ڪيترائي هوٽلن، ماني جي دڪانن ۽ ڪارخانن جا مالڪ جمعي نماز جي وقت به ملازمن کي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن بظاهر ته اهي پنهجو نفعو وڌائي رهيا آهن پر حقيقت ۾ وڏي نقصان ۾ آهن اهڙي طرح ملازمن تي نبي ﷺ جن جي هن فرمان جي پيروي ڪرڻ لازمي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" لَا طَاعَةَ لِبَشَرٍ فِي مَعْصِيَةِ اللَّهِ “

"الله تعالى جي نافرماني ڪرائڻ ۾ ڪنهن به انسان جي ڪابه ڳالھ نه مڃي ويندي.“([56])

1 پهرين ٻانگ سيدنا عثمان ﷦ مديني جي آبادي وڌي وڃڻ جي ڪري مديني ۾ زوراء نالي هڪ چوڪ تي ڏياري ته جيئن سڀني کي اطلاع ملي پر انهيءِ ٻانگ جو نبي ﷺ جن، ابوبڪر ،عمر رضي الله عنهما جي زماني ڪوبه ثبوت ڪونه ٿو ملي اهوئي سبب هو جو ابن عمر ﷦ انهي کي بدعت قرار ڏيندا هئا اسان جي لاءِ رسول اڪرمﷺ جي طريقي ۾ بهترين نمونو آهي. “ مترجم

جوا

الله تعالى جو فرمان آهي ته

"يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالْأَنْصَابُ وَالْأَزْلَامُ رِجْسٌ مِنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ “ لمائده 90

"بي شڪ شراب ،جوا ،بت ۽ تيرن سان فال ڪڍڻ شيطاني عمل آهي انهي ءَ کان بچو ته جيئن توهان ڪامياب ٿيو.“ ا

اسلام کان اڳ جاهليت جي زماني جا ماڻهو جوا کيڏندا هئا انهن ۾ جوا جي رائج صورتن مان مشهور صورت هيءَ هئي ته :

ڏھ ماڻهوهڪ اٺ جي خريداري ۾ ڀائيوار ٿيندا هئا پوءِ تيرن جي ذريعي سان پهنجوڀاڳ آزمائيندا هئا پر انهن مان ستن کي رائج طريقي جي مطابق مقرر ٿيل حصو ملندو هو پر باقي ٽن کي ڪجھ به نه ملندو هو .

باقي هن زماني ۾ ته جوا جون ڪيتريون ( جديد ) صورتون موجود آهن چند صورتون ذڪر ڪجن ٿيون

1 پرائيز بانڊ يا لاٽري

عام طور تي ماڻهو ڪجھ بانڊ يا سرٽيفڪٽ وٺندا آهن جن تي مخلتف قسام جي نمبرنگ پرنٽ ڪيل هوندي اهي انهن نمبرن جي مطابق لاٽري جي رقم ملندي آهي انهي جي رزلٽ جي پهريون ٻيو ۽ ٽيون نمبرحاصل ڪندڙن کي مختلف انعام ڏنا وينداآهن .اها صورت واضح حرام آهي پوءِ انهيءِ کي چاهي ڪو ڀلو نالو ڇونه ڏين

2 خريد ڪيل سامان مان ڪنهن پکي جو نڪرڻ يا خريداري وقت خريدار ڪو مخصوص نمبر ڏيڻ جنهن مطابق انعام کٽيندڙن جي تعين ڪيو ويندو آهي

3 ويماپاليسي Insurance) )

ويمو ڪرائڻ به جوا جي هڪ صورت آهي

باھ کان يا ڪنهن تڪليف کان بچڻ لاءِ ،انشورنس به جوا جي هڪ شڪل آهي اڄڪلھ زندگين ، گاڏين ۽ مختلف شين ، ايستائين جو ڪجھ ڳائڻا پهنجي آواز جو انشورنس ڪرائيندا آهن انهيءَ کان علاوه ٻيون به ڪيتريون صورتون آهن .([57])

اهي سڀ جوا جون صورتون آهن اڄڪلھ ته هن گناھ جي لاءِ خاص ڪلب ۽ ادارا ۽ سنٽر قائم ٿي چڪا آهن جن هن گناه جي لاءِ سبز ٽيبل جي نالي تي اڏا مشهورآهن اهڙي طرح مختلف راندين فٽ بال (ڪرڪيٽ ، هاڪي )جي مقابلن (ٽورنامينٽ ۾ شرط ۽ بازي لڳائڻ به جوا جي هڪ صورت آهي . اهڙي طرح ڪجھ دڪانن ڪلبن ۽ تفريح جي جڳهين تي ڪجھ اهڙيون به رانديون (Games ) وغيره هونديون آهن جيڪي جوا تي مشتمل آهن انهن مان هڪ فلپر گيم به آهي .

راندين جي مقابلن جي شرعي حيثيت

راندين جي مقابلن جون ٽي قسمون آهن

1) اهڙا مقابلا جنهن جو مقصد ديني هجي اهي انعام يا انعام کانسواءِ هر صورت ۾ جائز آهن (جهاد ۾ استعال ٿيندڙ)گهوڙن ،اٺن ۾( ڦڙتي پيدا ڪرڻ لاءِ )ڊوڙ جو مقابلو ڪرائڻ نشاني بازي جو مقابلو ڪرائڻ ،راجح قول جي مطابق شرعي علم ۾ رغبت ڏيارن لاءِ مقابلو ڪرائڻ جيئن حفظ قران جو مقابلو

(2 )اهي مقابلا جن جو مقصد ته ديني نه آهي پر اهي جائز آهن جيئن فٽ بال ڊوڙ جو مقابلو وغيره پر انهن جي جائز هجڻ لاءِ هي شرط آهي ته نمازون ضايع نه ٿين ،جسم جو اهو حصو ظاهر نه ٿئي جنهن کي لڪائڻ واجب آهي.

3 اهڙي ريت اهي مقابلا جيڪي حرام يا حرام جو ذريعو آهن جيئن حسن جو مقابلو باڪسنگ جو مقابلو جنهن ۾ چهري تي ماريوويندوآهي اهڙي طرح سڱن وارن گھيٽن کي ويڙهائڻ يا ڪڪڙن کي ويڙهائڻ جهڙ امقابلا به جائز نه آهن.“

چوري

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

{وَالسَّارِقُ وَالسَّارِقَةُ فَاقْطَعُواْ أَيْدِيَهُمَا جَزَاء بِمَا كَسَبَا نَكَالاً مِّنَ اللّهِ وَاللّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ }

المائدة / 38.

چوري جي گناهن مان سڀ کا وڏو گناھ بيت الله جي حاجين جي چوري ڪرڻ آهي ۽ اهڙو چور الله جي زمين تي سڀ کان وڌيڪ ۽ افضل جڳھ ڪعبة الله ۾ رهڻ جي باوجود الله جي حدن کي حيثيت نٿو ڏي جڏهن ته نبي ﷺ نماز ڪسوف دوران دوزخ جي مشاهدي بابت فرمايو ته

(لقد جئ بالنار وذلكم حين رأيتموني تأخرت مخافة أن يصيبني من لفحها، وحتى رأيت فيها صاحب المحجن يجر قصبه [أمعاءه] في النار، كان يسرق الحاج بمحجنه [عصا معقوفة الطرف] فإن فطن له قال: إنما تعلق بمحجني، وإن غفل عنه ذهب به..)

منهجي سامهون دوزخ جي باھ کي آندو ويو جنهن وقت توهان مون کي نماز ۾ ان باھ جي تيزيءَ جي ڊپ کان پوئتي هٽندو ڏٺو متان اها مونکي نه جلائي ايتسائين جو مون ان ڪندري (مڙيل لٺ ) واري کي ڏٺو جيڪو دورخ ۾ پنهنجا آنڊا گھيلي رهيو هو هن جو ڏوهه هيءُ هو ته انهي ڪندري مڙيل لٺ سان حاجين جو سامان چوري ڪندو هو جيڪڏهن حاجين کي خبر پوندي هئي ته چوندو هو تنهجوسامان اوچتومنهجي لٺ ۾ ڦاسي پيو آهي پر جيڪڏهن حاجي کي خبر نه پئجندي هئي ته ان جو سامان کڻي وٺندو هو. “([58])

اهڙي طرح سڀ کان وڏي چوري هيءَ آهي ته مسلمانن جي اجتماعي مالن کي چورايو وڃي هن گناھ جو لاءِ فقط اهوڀ بهانو پيش ڪندا آهن ته اسين به ان مان ائين چوري ڪريون پيا جيئن ٻيا چوري ڪن پيا پر ايترو به ڪونه ٿا سوچين سڀني مسلمانن جي مال مان چوري ڪري رهيا آهن الله جي خوف کان محروم ماڻهن جي عمل کي دليل بنائڻ جائز نه آهي ڪجھ ماڻهو ڪافرن جومال چوري ڪندي هي دليل ڏيندا آهن ته اهين ته ڪافر آهن پر انهن جو اهو دليل پيش ڪرڻ به جائز نه آهي ڇاڪاڻ جو فقط انهن ڪافرن جو مال لٽڻ جائز آهي جيڪي مسلمان سان جنگ ڪن ٿا ڪافرن جي باقي ڪمپنين يا سڀني ڪافرن لاءِ اهو حڪم نه آهي .چوري جي هڪ قسم هيءُ به آهي ته ٻين جا خيسا ڪٽيا وڃن يا ٻين جي گھر مهمان بنجي انهن جي گھر مان چوري ڪئي وڃي ،ڪجھ ماڻهو مهمانن جي بيگين مان سامان چوري ڪندا آهن ڪجھ ماڻهو ڪجھ تجارتي مرڪزن ۾ وڃي ڪو سامان پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائيندا آهن ڪجھ عورتون به ائين ڪنديون آهن ڪجھ ماڻهو سستين ۽ ننڍين شين جي چوري کي معمولي سمجھندا آهن

جڏهن ته نبي ﷺ جن جو فرمان آهي ته

لعن الله السارق يسرق البيضة فتقطع يده ويسرق الحبل فتقطع يده "

"اهڙي چور تي الله جي لعنت آهي جيڪو (شروع ۾ ) بيضوچوري ڪري ٿو(۽ چوري جو عادي بنجي وڃي آخرڪار انجام ۾ ) هٿ ڪٽائي ٿو ۽ اهڙي طرح ان شخص تي به الله جي لعنت هجي جيڪو (شروع ۾ هڪ رسي چوري ڪري (۽ چوري جو عادي بنجي وڃي آخرڪار انجام ۾ ) هٿ ڪٽائي ٿو. “([59])

الله کان معافي گھرڻ ان ماڻهو تي واجب آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي ڪابه شيءِ چوري ڪئي آهي چاهي ظاهر ظهور ان تائين پهچائي يا لڪيل يا ڪنهن ٻي شخص جي واسطي اصل مالڪ تائين پهچائي ۽ پر جيڪڏهن ڪوشش جي باوجود اهو اصل مالڪ نه ملي ته ان جي حق ۾ ثواب جي نيت ڪري خيرات ڪري ڇڏي .

رشوت جي ڏي وٺ

ڪنهن حقدار جو حق مارڻ يا باطل کي رائج ڪرڻ جي لاءِ جج يا حڪم رشوت ڏيڻ ڪبيرو گناھ آهي .ڇوته ان سان فيصلي ۾ ظلم حقدار کان حق کسجڻ جهڙيون ٻيون برائيون ڦهلجن ٿيون

الله تعالى جو فرمان آهي

{وَلاَ تَأْكُلُواْ أَمْوَالَكُم بَيْنَكُم بِالْبَاطِلِ وَتُدْلُواْ بِهَا إِلَى الْحُكَّامِ لِتَأْكُلُواْ فَرِيقًا مِّنْ أَمْوَالِ النَّاسِ بِالإِثْمِ وَأَنتُمْ تَعْلَمُونَ}

البقرة/ 188.

ابو هريرة ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" لعن الله الراشي والمرتشي في الحكم "

رسو ل الله فيصلي ۾رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ تي لعنت ڪئي آهي([60])

هن زماني ۾ هيءَ برائي عام ٿي چڪي اهي ايستائين جو ڪيترن ئي ملازمن جي آمدني جو اهم ذريعو بڻجي وئي آهي بلڪي ڪجھ ڪمپنين جي بجٽ ۾ رشوت به هڪ شق بنجي ويئي آهي ڪيترائي معاملا آهن جيڪي رشوت کان شروع ٿين ٿا ۽ رشوت تي ختم ٿين ٿا هن سان غريب طبقي کي انتهائي گھڻو نقصان پهتو آهي هن جي ڪري ڪيترين ئي براين جنم ورتو آهي ڪيترن ئي ملازمن جي خاتمي جو ذريعو بنجي ويئي آهي بهترين ڪم به ان جو ٿيندو آهي جيڪو رشوت ڏي ٿو ۽ جيڪو رشوت نٿوڏي ان جي ڪم کي حيثيت نٿي ڏني وڃي بلڪ ان کي ڪافي دير ڪرائي وڃي ٿي ڪيترائي رشوت ڏيندڙ جيڪي هن کانپوءِ ايندا آهن اهي هن کان پر هن کان ڪيتروئي اڳ پنهجو ڪم ڪرائي ويندا آهن هن رشوت جي ڪري ڪم جي اصل مالڪ کي آمدني ۽ ان جو نفعو ملڻ جي بجاءِ وڪڻندڙ ۽ وٺندڙ ايجنٽن کي ملي ويندو آهي انهن برائين جي ڪري نبي ﷺ جن انهن سمورن ڀائيوارن تي لعنت ڪئي آهي عبد الله بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" لعنة الله على الراشي والمرتشي "

"رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ تي الله تعالى جي لعنت آهي. “([61])

زمين تي ناجائز قبضوڪرڻ

جڏهن ڪو ماڻهو الله جي عذاب کان بي خوف ٿي ويندو آهي ته ان ماڻهو جي اها طاقت ۽ تدبير ان ماڻهو جي لاءِ وڏو جوکو بنجي ويندي آهي جنهن کي ٻين جي مالن تي قبضي ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪندو آهي.

ڪنهن زمين تي ناجائز قبضو ڪرڻ جي تمام گھڻي سخت سزا ٻڌائي ويئي آهي

عبد الله بن عمر کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :

:" من أخذ من الأرض شيئا بغير حقه خسف به يوم القيامة إلى سبع أرضين "

جنهن ڪنهن جي زمين تي ناحق قبضو ڪيو ته قيامت جي ڏينهن ان کي ستن زمينن جي اندر غرق ڪيو ويندو.“([62])

" أيما رجل ظلم شبرا من الأرض كلفه الله أن يحفره (في الطبراني: يحضره) حتى آخر سبع أرضين ثم يطوقه يوم القيامة حتى يقضى بين الناس "

"جنهن به ڪنهن جي زمين جي هڪ ٻاڙي به تي به ناجائز قبضو ڪيو ته الله قيامت جي ڏينهن ان کي ست زمينون کوٽڻ جي سزا ڏيندو پوءِ ماڻهن جي وچ ۾فيصلي تائين ان جي ڳچي ۾ ستن زمينن جو ڳٽ پهرايوويندو.“([63])

اهڙي طرح قبضي جي نيت سان زمين جي حدن ۽ نشانين کي مٽائڻ جيئن مٽائيندڙ جي حصي ۾ پاسي واري جي زمين به شامل ٿي وڃي انهي باري رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" لعن الله من غير منار الأرض "

"الله جي ان تي لعنت آهي جيڪو زمين جي نشانن ۽ حدن کي مٽائي ٿو.“([64])

سفارش سببان تحفن جي ڏي وٺ

ٻانهي تي الله تعالى جي نعمتن مان هڪ وڏي نعمت هي به آهي ته جو هن کي ماڻهن ۾ هڪ وڏومقام عطا ڪري جڏهن هو انهي نعمتن جو شڪر ڪندو هجي

انهيءَ نعمت جي شڪر ادا ڪرڻ جو هڪ ذريعو هيءُ به آهي ته انهيءَ سان مسمانن کي گھڻي کان گھڻو فائدوپهچائي مسلمان کي فائدي پهچائڻ جي لاءِ رسول الله ﷺٖ جن جو فرمان آهي :

مَنْ اسْتَطَاعَ مِنْكُمْ أَنْ يَنْفَعَ أَخَاهُ فَلْيَفْعَلْ

"جيڪو اوهان مان مسلمانن کي فائدو پهچائڻ جي طاقت رکي ٿو ته ان کي گھرجي ته هو انهن کي فائدو پهچائي“([65])

هن جي مقام ۽ مرتبي جي فائدن مان هڪ فائدو هي به آهي ته:

جنهن به پنهنجي اثر رسوخ سان ڪنهن مسلمان تان ڪنهن ظلم کان ڇوٽڪارو ڏنو يا ناجائز يا حرام ڪم ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن تي زيادتي ڪرڻ کانسواءِ سچي نيت سان ڪنهن مسلمان کي فائدوڏنائين ته يقينا اهڙو الله تعالى وٽ تمام گھڻو اجر پائيندو جيئن رسول الله ﷺجن فرمايو:

اشْفَعُوا تُؤْجَرُوا

"سفارش ڪريو ۽ ثواب پايو. “ ([66])

پر انهيءَ سفارش جي بدلي ۾ تحفو وغيره قبول ڪرڻ ناجائز آهي

ابو امامہ رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺٖ جن فرمايو ته :

مَنْ شَفَعَ لِأَحَدٍ شَفَاعَةً فَأَهْدَى لَهُ هَدِيَّةً فَقَبِلَهَا فَقَدْ أَتَى بَابًا عَظِيمًا مِنْ الرِّبَا

"جنهن به ڪنهن شخص جي حق ۾ سفارش ڪئي ۽ سفارش ڪرائيندڙ ان سفارش تي سفارشي کي تحفو ڏنو جيڪڏهن ان قبول ڪري ورتو ته اهو وياج جي هڪ وڏي دروازي ۾ داخل ٿيو ويو.“([67])

ڪجھ ماڻهو نوڪريون ڏيارڻ جي عوض ۾يا هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن ٽرانسفر ڪرائڻ جي لاءِ يا مريض کي علاج جون سهولتون ڏيارڻ جي لاءِ خود ئي ڪنهن شي يا رقم جي آفر ڪندا آهن

راجح ڳالھ هيءَ آهي ته اهو سڀ ابو امامہ گذريل حديث جي ڪري حرام آهي پر حديث جي ظاهر مان ثابت ٿئي ٿو ته طئي ٿيل نه به هجي تڏهن به اهو تحفووٺڻ جائز نه آهي نيڪي جو ڪم ڪندڙ جي لاءِ اهوئي ڪافي آهي ته الله تعالى ان کي ثواب ڏيندو

حسن بن سهل رحمہ الله وٽ هڪ شخص سفارش ڪرائڻ جي لاءِ آيو ته پاڻ ان جي سفارش ڪئي جنهن جي ڪري ان جو ڪم ٿي ويو انهي تي اهو شخص حسن جو شڪرو ادا ڪرڻ لڳو حسن کيس چيو ته تون ڪهڙي شي جو شڪريو ادا ڪرين ٿو اسين سمجھون ٿا ته مقام ۽ مرتبي جي به هڪ زڪوات آهي جيئن مال جي زڪوات هوندي آهي انڪري تنهجي ڪم اچي مون پنهجو فرض ادا ڪيو آهي([68])

هتي هي ڳالھ سمجھائڻ مباسب معلوم ٿئي ٿي ته ڪنهن شخص پنهنجي معاملي جي پيروي يا سار سنڀال جي لاءِ ڪنهن تي اجرت تي رکيو آهي ته هيءِ معاملو مزدور ڪم ڪرائڻ ۾ شمار ٿيندو هيءِ شرعي شرطن سان جائز آهي پر جيڪڏهن ڪو پنهجي مقام مرتبي يا سفارش کي استعال ڪري مال ڪمائي ته ان کان منع آهي

مزدور کان پورو ڪم وٺڻ ۽ ان جو حق نه ڏيڻ

نبي ﷺ جن مزدور جي حق ادائيگي جي تمام گھڻي تاڪيد ڪئي آهي

نبي ﷺ جن جو فرمان آهي

" أعطوا الأجير أجره قبل أن يجف عرقه "

مزدورن کي ان جو پگھر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ان جي اجرت ادا ڪريو ([69])

مسلمانن جي معاشرن ۾ هڪڙوظلم هي به آهي ته ڪجھ ڪم ڪندڙن ۽ مزدورن ۽ ملازمن کي انهن جا حق نٿا ڏنا وڃن

مزدورن تي ٿيندڙن ظلم جون چند صورتون هيٺ ڏجن ٿيون

1 جڏهن مزدور وٽ ڪا دلي نه هجي ته مزدور جي حق کان بلڪل انڪار ڪرڻ هن مزدور جوحق دنيا ۾ ته ضايع ٿي ويو پر قيامت جي ڏينهن الله تعالى وٽ بلڪل ضايع نه ٿيندو

مظلومن جو مال کائيندڙ کي قيامت جي ڏينهن آندو ويندو ته ان وقت هن جون سموريون نيڪيون مظلوم کي ڏنيون وينديون جيڪڏهن ظالم جون نيڪيون ختم ٿي ويون ۽ مظلوم جا حق باقي هوندا ته ته مظلوم جا گناھ ظالم تي وڌا ويندا پوءِ ظالم کي گھيلي دوزخ ۾ اڇلايو ويندو

2 مزدور جوحق پورو نه ڪرڻ بلڪه ناحق طور هن جي پگهار گھٽ ڪرڻ جڏهن الله تعالى جو فرمان آهي

(ويل للمطففين) المطففين/1

ماپ ۽ تور ۾ گھٽتائي ڪندڙن لاءِ بربادي آهي

انهن جو هڪ مثال هيءُ آهي ته ڪجھ ڪم ڪرائيندڙن (ويزا موڪلي ) ٻاهرين ملڪن مان مزدور گھرائيندا آهن انهن سان طي ٿيل پگھار تي هڪ معاهدو ڪندا پوءِجڏهن اهي ملازم انهي معاهدي مطابق ڪم شروع ڪندا آهن ته اهي مالڪ انهي معاهدي جي فارم ۾ تبديلي ڪري پگھار گھٽ ڪري ڇڏيندا آهن مزدور مجبور ٿي ڪري انهي گھٽ پگهار تي ڪم ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو حق به ثابت نه ڪري سگھندا آهن ۽ پنهنجي معاملي جي شڪايت الله وٽان ڪندا آهن جيڪڏهن مالڪ مسلمان هجي ۽ مزدور ڪافر هجي ته مسلمان انهي مزدور تي انهيءَ طرح ظلم ڪري ته اهوسلوڪ ان مزدور جي اسلام قبول ڪرڻ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويندو آهي ۽ اهڙو مالڪ انهي مزدور جي اسلام قبول نه ڪرڻ جي ڪري گنهگار ٿيندو آهي

3 مزدور تي مقرر ٿيل ڪم کان وڌيڪ اضافي ڪم وٺڻ يا ڪم جومدو وڌائڻ مثال جيڪڏهن مقرر ٿيل ٽائيم اٺ ڪلاڪ هو پر ڪم ٻارنهن ڪلاڪ وٺڻ ۽ مقرر ٿيل وقت کا وڌيڪ اوور ٽائيم جي اجرت به نه ڏيڻ.“

4 مزدور جي حقن جي ادائيگي ۾ ٽال مٽول ڪرڻ ۽ مزدور جي طرفان تمام گھڻي ڪوشش ،شڪايت عدالت ۾ ڪيس ڪرڻ جي باوجود هن کي پگھار نه ڏيڻ ڪڏهن ڪڏهن ته مالڪ جي نيت هيءَ به هوندي آهي ته مزدور ٿڪجي پنهنجو حق نه وٺي ۽ پگھار جو مطالبو نه ڪري يا مالڪ انهن جون پگهارون روڪي انهن کي پنهجي ڪاروبار ۾ لڳائڻ چاهيندوآهي ۽ ڪجھ مالڪ ته انهن جون پگھارون وياجي قرضن ۾ڏيئي ڇڏيندا آهن جڏهن مسڪين ملازمن وٽ گھروارن جو خرچ پکو موڪلڻ ياخود وٽ هڪ ڏينهن گذارو ڪرڻ جو خرچ به نه هوندو آهي جڏهن ته پنهجي ٻارن خاطر پنهجو ديس ڇڏي پرڏيھ ۾ آيو اهڙن مالڪن کي تباهي بربادي هجي ۽ قيامت جي ڏينهن ڏکوئيندڙ عذاب ڀوڳڻ جي لاءِ تيار رهڻ گھرجي .“

سيدنا ابو هريرہ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته الله تعالى جو فرمان آهي

قال الله تعالى: ثلاثة أنا خصمهم يوم القيامة رجل أعطى بي ثم غدر ورجل باع حرا وأكل ثمنه ورجل استأجر أجيرا فاستوفى منه ولم يعطه أجره "

"قيامت جي آئون ٽن ماڻهن سان جڳهڙو ڪندس هڪ اهو ماڻهو جنهن منهجي نالي سان معاهدوڪيو پوءِ ان کان ڦري ويو ٻيو اهو ماڻهو جنهن ڪنهن آزاد انسان کي وڪڻي ان جي قيمت کاڌي ۽ ٽيون اهوماڻهو جنهن مزدور کان پورو ڪم ورتو پر ان کي ان جي مزدوري نه ڏنائين([70])

اولاد کي تحفا ڏيڻ ۾ ظلم ڪرڻ

ڪجھ ماڻهو پنهجي اولاد مان ڪجھ ٻارن کي تحفن سان نوازيندا آهن ڪجھ کي محروم ڪندا آهن اولاد سان اهڙي ناانصافي حرام آهي پر جيڪڏهن ڪو شرعي سبب هجي عذر هجي ته اولاد مان ڪنهن هڪ کي تحفو ڏيئي سگھجي ٿومثلااولاد مان ڪنهن کي ڪا اهڙي ضرورت يا مصيبت اچي جيڪا ٻين تي ته نه ائي هجي مثلا هو بيماريءَ ۾مبتلا ٿي ويو يا قرضي ٿي ويو کيس ڪمائڻ جو ذريعو نٿو ملي يا ان جا ٻار گھڻا آهن يا هو علم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ ان جو ڪو ڪمائڻ جو ذريعو نه آهي يا قرآن حفظ ڪرڻ کانپوءِ والد کيس هن جي انهي محنت تي ڪو تحفو ڏنو ته انهن شرعي سببن جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو خاص تحفو ڏي ته ۾ ڪوبه حرج نه آهي پر هي نيت به رکي ته جيڪڏهن منهجي باقي اولاد ۾ ڪو ٻيو جيڪڏهن ضرورت مند ٿيو ته آئون ان کي ائين ڏيندس جيئن مون هن کي ڏنو انهي جو دليل الله تعالى جو هيءَ عمومي دليل آهي

انصاف ڪريو اهوتقوى جي ويجھو آهي ۽ الله تعالى کان ڊڄو

۽ خاص دليل نبي ﷺٖ جن حديث آهي

عَنْ النُّعْمَانِ بْنِ بَشِيرٍ أَنَّ أَبَاهُ أَتَى بِهِ إِلَى رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ فَقَالَ إِنِّي نَحَلْتُ ابْنِي هَذَا غُلَامًا فَقَالَ أَكُلَّ وَلَدِكَ نَحَلْتَ مِثْلَهُ قَالَ لَا قَالَ فَارْجِعْهُ

سيدنا نعمان بن بشير ﷦ فرمائي ٿو ته منهجو پيءُ مونکي نبي ﷺ جن جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽ پاڻ ﷺ جن کي عرض ڪيائين ته مون پنهجي هن پٽ کي هڪ غلام تحفي ۾ڏنو آهي رسول الله ﷺ جن پڇيو ته ڇا تو پنهجي باقي اولاد کي به اهڙو تحفو ڏنو آهي ته انهيءَ عرض ڪيو ته نه پا‎ڻ ﷺ جن فرمايو ته انهي تحفي کي واپس وٺ([71])

پوءِ بشير ﷦ جن گھر موٽيا ۽ اهوغلام واپس ورتائون

هڪ ٻي حديث جا لفظ آهن

اتَّقُوا اللَّهَ وَاعْدِلُوا فِي أَوْلَادِكُمْ

الله کان ڍڄو۽ پنهجي اولاد ۾ انصاف ڪريو

هڪ ٻي حديث جا لفظ هن طرح آهن ته

فَلَا تُشْهِدْنِي إِذًا فَإِنِّي لَا أَشْهَدُ عَلَى جَوْرٍ

ته پوءِ مون کي ظلم تي گواھ نه بنائي ڇوته آ.ئون ظلم تي گواھ نه ٿيندو آهيان .“([72])

ڪجھ خاندانن ۽ ڪٽنبن جي حالت جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ڪجھ گھر جا وڏا پنهجي اولاد مان هڪ کي ٻئي تي ترجيح ڏين ٿا ۽ الله کان نٿا ڊڄن ۽ پنهجي اولاد ۾ دشمني ۽ نفرت پيدا ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي خلاف انهنجي دلين ۾ ڪدورت ۽ نفرت پيدا ڪن ٿا .

ڪنهن پٽ کي فقط ان ڪري نوازيائين ته ان جي شڪل چاچي سان ملي ٿي ۽ ڪنهن کي فقط ان ڪري محروم ڪيائين ته هو پنهجي مامي جي سان مشابهت رکي ٿو يا ڪنهن جون ٻه زالون هجن هڪ زال جي اولاد کي خوب نوازي پر ٻي زال جي اولاد کي محروم رکي يا هڪ زال جي اولاد کي انتهائي اعلى درجي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ۽ ٻي جي اولاد سان بالڪل برعڪس سلوڪ ڪري.

اولاد سان انهي نانصافي جو انجام به پيءُ کي ئي ڀوڳڻو پوندو ڇوته پيءُ جي شفقت کان محروم انسان ايندڙ وقت ۾ پنهنجي پيءُ جو فرمان بردار نه ٿيندو

نبي ﷺ ان شخص کي فرمايو جنهن پنهنجي اولاد مان هڪ کي ٻي تي ترجيح ڏني

"...أليس يسرك أن يكونوا إليك في البر سواء..."

ڇا توکي پسند نه آهي ته تنهجو اولاد فرمانبرداريءَ ۾ برابري هجي. “([73])

ضرورت کان سواءِ ماڻهن کان سوال ڪرڻ

سيدنا سهيل بن حنظلي روايت ڪري ٿو ته رسول الله ﷺ جن فرمايو

من سأل وعنده ما يغنيه فإنما يستكثر من جمر جهنم قالوا وما الغنى الذي لا تنبغي معه المسألة قال قدر ما يغديه ويعشيه

جنهن به شخص سوال ڪيوجڏهن ان وٽ ايترو ڪجھ مال موجو هجي جيڪو هن کي ڪفايت ڪندو هجي ته اهو دوزخ جون اماڙيون گڏ ڪري رهيو آهي صحابه ڪرام عرض ڪيو ڪفايت ڪيتري مال۾ٿيندي پاڻ ﷺ جن فرمايو ته ايترو جنهن سان هو صبح يا شام گذاري سگھي([74])

ابن مسعو ﷦ جن کا روايت ته رسول الله ﷺٖ جن فرمايو ته

" من سأل وله ما يغنيه جاءت يوم القيامة خدوشا أو كدوشا في وجهه "

جنهن وٽ ايترو مال آهي جيو ان کي ڪافي آهي پوءِ جيڪڏهن سوال ڪري ٿو ته قيامت جي ڏينهن هن حال ۾ حاضر ٿيندو جو هن جو چهري زخمي هوندو([75])

ڪجھ گداگر مسجدن ۾ ماڻهن جي سامهون پنهنجون مجبوريون بيان ڪري ماڻهن جي ذڪر ۽ دعائن ۾ خلل وجھندا آهن ڪجھ ته ڪوڙا سرٽيفڪٽ پيش ڪندا آهن ۽ ڪوڙا قصا بيان ڪندا آهن

ڪڏهن ڪڏهن ته پيشاور گداگر ته پنهجي خاندان کي مختلف مسجدن ۾ ويهاريندا آهن

اهڙي طرح مختلف مسجدن ۾ پکڙجي ويندا آهن آخر ۾سڀ گڏ ٿي ڪري ويهندا آهن جڏهن ته اهي ايترا شاهوڪار هوندا آهن جو الله کان سواءِ ڪو به نه ڄاڻندو آهي جڏهن هو مرندا آهن ته انهن جو ميراث هوندو آهي انهن کان علاؤ ڪيترائي محتاج ۽ فقير هوندا آهن جن کي اڻ ڄاڻو امير سمجھندا آهن ڇوته اهي ماڻهن کان نه گھرندا آهن جو ماڻهو انهن کي خيرات ڏين

واپس نه ڪرڻ جي نيت سان قرض وٺڻ

الله تعالى وٽ حقوق العباد کي تمام گھڻي اهميت حاصل آهي ٻانهن جي حقن مان ان ان وقت تائين ڇوٽڪارو نه ملندو جيستائين قيامت جو ڏينهن نه اچي جنهن ڏينهن دينار ۽ درهم جو مطالبو نه ڪيو ويندو پر فقط نيڪين يا گناهن سان فيصلوٿيندو

الله تعالى جو فرمان آهي ته

(إن الله يأمركم أن تؤدوا الأمانات إلى أهلها) النساء : 58

"الله تعالى توهان کي حڪم ڏي ٿو توهان امانت رکندڙن جون امانتون موٽائي ڏيو.“

قرض جي ادائيگيءَ ۾ سستي ڪرڻ اسان جي معاشري ۾ هڪ معمولي ڳالھ سمجھي وڃي ٿي ڪجھ ماڻهو بنيادي ضرورتن جي لاءِ قرض نه وٺندا آهن بلڪ صرف انهي جي لاءِ وٺندا آهن ته مال متاع ۽ نئين گاڏين يا انهي قسم جي عارضي سامان جي گھڻائي ۾ ٻين جي برابري ڪن يا انهن مان ڪيترائي ته قسطن جي چڪر ۾ڦاسي ويندا آهن اهڙين قسطن جي صورتن ۾ گرفتارٿيندا آهن جيڪي يا ته حرام آهن يا مشڪوڪ آهن قرض جي ادائيگي ۾ سستي ڪرڻ آخر سڌي طرح قرض ادا ڪرڻ جي بجاءِ ٽال مٽول يا ٻين جي مالن کي ضايع ڪرڻ جهڙي گناھ تائين پهچائيندي آهي رسول الله ﷺ جن هن عمل جي بري انجام کان ڊيڄاريندي فرمايو ته :

" من أخذ أموال الناس يريد أداءها أدى الله عنه ومن أخذ يريد إتلافها أتلفه الله "

جيڪو ماڻهن قرض ۾ مال ورتو ۽ ادائيگي جي نيت آهي ته الله تعالى ان کي قرض جي ادائيگي ۾توفيق ڏيندو پر جنهن ماڻهوءَ ضايع ڪرڻ جي نيت سان ورتو ته الله تعالى ان کي ضايع ڪندو.([76])

ڪيترائي ماڻهو قرض جي ادائيگي جي معاملي کي انتهائي هلڪوسمجھندا آهن جڏهن ته هو الله تعالى وٽ انتهائي اهم آهي ايستائين جو شهيد به تمام گھڻيون خوبيون ،هڪ وڏومرتبو ،تمام گھڻو ثواب حاصل ڪرڻ جي باوجود قرض ادا نه ڪرڻ جي چٽي کان بچي نٿو سگھي انهيءَ جو دليل رسول الله ﷺ جن جو هيءُ فرمان آهي ته

" سبحان الله ماذا أنزل الله من التشديد في الدين والذي نفسي بيده لو أن رجلا قتل في سبيل الله ثم أحيي ثم قتل ثم أحيي ثم قتل وعليه دين ما دخل الجنة حتى يقضى عنه دينه

سبحان الله قرض جي معاملي ۾ ڪيتري قدر سختي نازل ڪئي وئي آهي مون کي ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ منهجي جي جان آهي جيڪڏهن هڪ شخص الله راھ ۾ شهيد ٿي وڃي پوءِ وري زندھ ڪيو وڃي ۽ وري شهيد ڪيو وڃي ۽ وري زندھ ڪيو وڃي ۽ شهيد ڪيو وڃي ۽ پوءِ جيڪڏهن هو قرضي آهي ته جنت ۾داخل نه ٿيندو جيستائين ان جي طرفان قرض ادا نه ڪيووڃي([77])

حرام کائڻ

جنهن ماڻهو کي الله جو خوف نه هوندو آهي ته ان کي هيءَ پراھ نه هوندي آهي نه ان جي آمدنيءَجو ذريعو ڪهڙو ۽ ڪمايل مال کي ڪٿي خرچ ڪري ٿو بلڪ سندس مقصد پنهجي سرمايي کي وڌائڻ هوندو آهي ڀلي کينس حرام جي طريقي مثلا چوري ،رشوت ،زبردستي مال ڦٻائڻ، ڪوڙ ،دوکي ،حرام ڪاروبار ، وياجي معاملي ،يتيم جو مال کائڻ يا ڪنهن حرام ڪم جي اجرت ۾ مثلا نجومي جي پيشي جي عوض ،بدڪار يا ڳائڻ وڄائڻ جي عوض يا مسلمان جي بيت المال يا مسلمانن جي مشترڪ ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ يا سواءِ ڪنهن ضرورت جي سوال ڪرڻ يا انهي قسم جي ڪنهن ٻي ناجائز يا حرام ذريعي سان حاصل ڪئي هجيس هي انهن حرام ذريعن سان ڪمايل مال مان ڪپڙا سواري ، ياگھر وٺي ٿو يا ڪرائي تي گھر وٺي ان کي ساز وسامان سان سنوري ٿو ۽ پنهجي پيٽ ۾ حرام کي داخل ڪري ٿو.

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" كل لحم نبت من سحت فالنار أولى به... "

"هر اهو جسم جيڪو حرام ڪمائي مان پليو آهي اهو دوزخ جي لائق آهي .“([78])

هن ماڻهوءَ کان قيامت جي ڏينهن پڇيو ويندو ته مال ڪهڙ ذريعن مان ڪمايائين ۽ ڪٿي خرچ ڪيائين اتي هن جي لاءِ تباھي ۽ بربادي هوندي جنهن به ماڻهو وٽ حرام مال باقي آهي ته ان مان جلدي ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو حق ماريو اٿس ته فورا ان کي واپس ڪري ۽ ان کان معافي گھري ان ڏينهن کان اڳ جنهن ڏينهن ظالم۽ مظلوم جي درميان فيصلو روپين ،پيسن سان نه پر نيڪين ۽ گناهن جي ڏي وٺ سان ڪيو ويندو.“

وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائڻ

اسلامي شريعت جو هڪ اهم قانون آهي "لاضرر ولا ضرار “ ته ڪوبه ڪنهن کي نقصان نه پهچائي نه وري ان کي نقصان پهچايو وڃي .نقصان پهچائڻ جي هڪ هيءَ به صورت آهي ته وصيت سان سڀني يا ڪجھ وارثن کي گھاٽو پهچايو وڃي .

ان طرح ڪرڻ وارو رسول اڪرم ﷺ جي هن بددعا جو مستحق بنجي ويندو آهي :

عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ قَالَ مَنْ ضَارَّ أَضَرَّ اللَّهُ بِهِ وَمَنْ شَاقَّ شَقَّ اللَّهُ عَلَيْهِ

جيڪوڪنهن مسلمان کي نقصان پهچائيندو ته الله ان کي نقصان پهچائيندو ۽ جنهن مسلمان کي تڪليف ۾ وڌو ته الله به ان کي تڪليف ۾ وجھندو([79])

وصيت ۾ نقصان جي هڪ صورت هيءَ به آهي ته ڪنهن وارث کي ان جي شرعي حق کان محروم ڪيو وڃي يا وصيت ذريعي ڪنهن کي ان جي شرعي حصي کان علاه ڪو ٻيو حصو ڏنو وڃي اهي ملڪ جن جو عوام ڪنهن شرعي حاڪم جي ماتحت نه هوندو آهي اتي مروج انسانن جو ٺاهيل غير شرعي قانون حقدار جي شرعي حق جي حصول لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي ويندو آهي . اهي غير شرعي عدالتون اهڙي ظلم تي مشتمل وصيت کي معتبر سمجھنديون آهن جيڪي وصيتون ڪنهن وڪيل يا رجسٽرار جي وسيلي لکيون وڃن انهن جي انهي لکت سببان انهن جي لاءِ بربادي آهي ۽ انهن جي انهن جي ڪرتوتن جي ڪري انهن لاءِ تباهي آهي

شراب

الله تعالى جو فرمان آهي ته

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آَمَنُوا إِنَّمَا الْخَمْرُ وَالْمَيْسِرُ وَالْأَنْصَابُ وَالْأَزْلَامُ رِجْسٌ مِنْ عَمَلِ الشَّيْطَانِ فَاجْتَنِبُوهُ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ المائده 90

"بي شڪ شراب ،جوا ،بت ۽ تيرن سان فال ڪڍڻ شيطاني عمل آهي انهي ءَ کان بچو ته جيئن توهان ڪامياب ٿيو.“

شراب کان پري رهڻ جو حڪم شراب جي حرام هجڻ جو واضح دليل آهي شراب جو ذڪر ڪافرن جي بتن سان ڪري هن جي برائي کي وڌيڪ نمايان ڪيو ويوآهي

ان ڪري انهن ماڻهن وٽ ڪو به دليل نه آهي جيڪي چون ٿا شراب کان بچڻ جو حڪم آهي پر حرام هجڻ جو ذڪر نه آهي جڏهن ته حديث ۾ شرابي کي سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي

جابر﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو:

إِنَّ عَلَى اللَّهِ عَزَّ وَجَلَّ عَهْدًا لِمَنْ يَشْرَبُ الْمُسْكِرَ أَنْ يَسْقِيَهُ مِنْ طِينَةِ الْخَبَالِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ وَمَا طِينَةُ الْخَبَالِ قَالَ عَرَقُ أَهْلِ النَّارِ أَوْ عُصَارَةُ أَهْلِ النَّارِ

الله تعالى جو هي ذمو آهي ته ماڻهو نشائي کي طينة الخبال پياري صحابه ڪرام عرض ڪيو ته

اي الله جا رسول ! طينة الخبال ڇا آهي ؟ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته دوزخين جو پگھر يا گند ( پيشاب ، گندگي ، رت وغيرہ ) آهي

هن وقت شراب جا ڪيترا ئي قسم آهن جن جا عربي يا عجمي زبان ۾ مختلف نالا آهن جئين

بيرة Beer جعہ Heer الڪحل Alcohol فودڪا vodka

شمپانيا Champagne وغيره(Whisky , Wine , Gin )

۽ هن امت ۾ اهي ماڻهو ظاهر ٿي چڪا آجن جن جي باري ۾ نبي ﷺ جن اڳواٽ ئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي

" ليشربن ناس من أمتي الخمر يسمونها بغير اسمها "

منهنجا امت جا ماڻهو شراب پيئندا ۽ ان جو نالو تبديل ڪندا([80])

اهي ماڻهو حقيقت کي لڪائي دوکو ڏيندي ان کي روح افزا چون ٿا الله تعالى جو فرمان آهي ته

يُخَادِعُونَ اللَّهَ وَالَّذِينَ آَمَنُوا وَمَا يَخْدَعُونَ إِلَّا أَنْفُسَهُمْ وَمَا يَشْعُرُونَ البقرہ (9)

اهي (منافق پنهجي گمان مطابق ) الله ۽ مؤنن کي دوکي ڏين ٿا پر اهي پنهجو پاڻ کي ئي دوکو ڏيئي رهيا آهن پر سمجھن نٿا “

بهرحال شريعت هڪ قاعدو بيان ڪيوآهي ته جنهن دين سان مذاق ڪرڻ جا سمورا ذريعا بند ٿي ويندا

" كل مسكر خمر وكل مسكر حرام "

هر نشي واري شيءِ شراب جي حڪم ۾آهي ۽ هر نشي واري شيءِ حرام آهي.“([81])

هر اها شيءَ جيڪا عقل تي غالب اچي ۽ نشو ڪري اها حرام آهي ان جو قليل مقدار به حرام آهي ۽ ڪثير مقدار به حرام آهي جيئن حديث ۾ آهي

" ما أسكر كثيره فقليله حرام "

جنهن شيءَ جو جو گھڻومقدار نشو ڪري ان جو ٿورو مقدار واپرائڻ جائز نه آهي([82] )

بهرحال ان کي ڪيترا به نالا ڏنا وڃن پر ان جو حڪم اهوئي هڪ آهي

شرابي جي لاءِ نبي ڪريمﷺ جن جي هيءَ نصيحت ڪافي آهي ته

مَنْ شَرِبَ الْخَمْرَ وَسَكِرَ لَمْ تُقْبَلْ لَهُ صَلَاةٌ أَرْبَعِينَ صَبَاحًا وَإِنْ مَاتَ دَخَلَ النَّارَ فَإِنْ تَابَ تَابَ اللَّهُ عَلَيْهِ وَإِنْ عَادَ فَشَرِبَ فَسَكِرَ لَمْ تُقْبَلْ لَهُ صَلَاةٌ أَرْبَعِينَ صَبَاحًا فَإِنْ مَاتَ دَخَلَ النَّارَ فَإِنْ تَابَ تَابَ اللَّهُ عَلَيْهِ وَإِنْ عَادَ فَشَرِبَ فَسَكِرَ لَمْ تُقْبَلْ لَهُ صَلَاةٌ أَرْبَعِينَ صَبَاحًا فَإِنْ مَاتَ دَخَلَ النَّارَ فَإِنْ تَابَ تَابَ اللَّهُ عَلَيْهِ وَإِنْ عَادَ كَانَ حَقًّا عَلَى اللَّهِ أَنْ يَسْقِيَهُ مِنْ رَدَغَةِ الْخَبَالِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ وَمَا رَدَغَةُ الْخَبَالِ قَالَ عُصَارَةُ أَهْلِ النَّارِ

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته جنهن شراب پيتو ۽ نشو ڪيائين ته ان جي نماز چاليھن ڏينهن تائين قبول نه ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن مرندو ته دوزخ ۾ داخل ٿيندو ۽ جيڪڏهن زندگي ۾ سچي توبه ڪيائين ته الله ان کي معاف فرمائيندو پر جيڪڏهن وري شراب پيتائين ته ان جي نماز چاليھن ڏينهن تائين قبول نه ٿيندي جيڪڏهن مري ويو ته دوزخي آهي پر جيڪڏهن زندگي ۾ سچي توبه ڪيائين ته کيس الله تعالى معاف فرمائيندو پر جيڪڏهن وري شراب پيتائين ته الله جو ذمو آهي ته ان کي ردغة الخبال پياريندو صحابه ڪرام عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ! ردغة الخبال ڇا آهي ؟ پاڻ ﷺ جن فرمايو ته دوزخين جي جسم مان نڪرندڙ پگھر يا گندگي، پيشاب ، گندو رت وغيرہ ) آهي.“([83])

اهي ڌمڪيون عام نشائين لاءِ پوءِ انهن جوڪهڙو حال ٿيندو جيڪي دائمي نشا.ئي يا شراب جو وڏو استعمال ڪن ٿا

سون ۽ چانديءَ جا ٿانؤ استعمال ڪرڻ

اڄ جي پر فتن دور ۾ ڪي گهر هوٽلون ۽ دڪان ان شيءِ کان کالي نه آهن جو اتي سون ۽ چانديءِ ٿانؤ رکيل نه هجن بلڪه اڄ ان شيءِ کي ماڻهون عظيم گفٽ تور هڪ ٻئي کي مختل موقعن ۽ موسمن ۾ پيش ڪن ٿا ڪجهه ماڻهون اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي گھرن کي ته ان شيءِ کان محفوظ رکن ٿا پر ٻين جي گھر ۾ وڃي ڪري انهن ٿانؤن ۾ کائن پيئن ٿا هي سڀئي امور شرعي طور تي حرام آهن جيئن ته پاڻ حضور اڪرمﷺ جن ففرمايو آهي ته

أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ الَّذِي يَأْكُلُ أَوْ يَشْرَبُ فِي آنِيَةِ الْفِضَّةِ إِنَّمَا يُجَرْجِرُ فِي بَطْنِهِ نَارَ جَهَنَّمَ([84])

جيڪو شخص سون ۽ چانديءَ جي ٿانؤن ۾ کائيندويا پيئندو ته قيامت جي ڏيهن ان جي پيٽ ۾ جهنم جي باهه ٻهڪائي ويندي هي حڪم انهن سڀني شين تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي ٿانؤ کائڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا جهڙي طرح پليٽون، چمچا، گلاس وغيره ۽ جيڪي ماڻهون ائين چون ٿا ته اسين سون ۽ چانديءَ جون شيون صرفف سجاوٽ طور رکون ٿا ته اهو به طريقو حرام آهي ته جيئن انهن ڪمن کي روڪيو وڃي.

ڪوڙي گواهي

{فَاجْتَنِبُوا الرِّجْسَ مِنَ الْأَوْثَانِ وَاجْتَنِبُوا قَوْلَ الزُّورِ}

ألا أنبئكم بأكبر الكبائر " ثلاثا " الإشراك بالله وعقوق الوالدين ـ وجلس وكان متكئا ـ فقال: ألا وقول الزور قال فما زال يكررها حتى قلنا: ليته سكت "([85])

(وما شهدنا إلا بما علمنا) يوسف / 81.

موسيقي

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

وَمِنَ النَّاسِ مَنْ يَشْتَرِي لَهْوَ الْحَدِيثِ لِيُضِلَّ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَيَتَّخِذَهَا هُزُوًا أُولَئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُهِينٌ

ابن مسعود ﷦ قسم کڻي فرمائيندو هو ته الله تعالى جو هيءُ فرمان ڳائڻ وڄائڻ جي باري ۾ نازل ٿيو ابو عامر ۽ ابو موسى اشعري رضي الله عنهما کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو

منهجي امت ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا جيڪي ڳائڻ زنا ، ريشم ڳائڻ وڄائڻ کي جائز قرار ڏيندا([86])

انس ﷦ جن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته

هن امت تي هيٺيان عذاب نازل ٿيندا

1 زمين ۾ غرق ٿيڻ

2 پٿرن جو مينهن وسڻ

3 شڪلين جو تبديل ٿيڻ

نبي ﷺ جن دهل وڄائڻ کان روڪيو آهي ۽ بانسري ۽ باجي جي آواز کي بيوقوفاڻو ۽ گناھ جو آواز قرار ڏنواٿن

سلف صالحين مان امام احمد بن حنبل جهڙن امامن وضاحت ڪئي آهي ته ڳائڻ وڄائڻ جا اوزار سارنگي ،تنبورو ،بانسري باجي جو استعال حرام آهي

هن حديث ۾ ڳائڻ وڄائڻ جر پراڻن اوزان کان منع ڪيو ويو آهي ان ۾اڄلڪلھ جا نوان اوزار به شامل آهن جيئن گيٽار(Guitar) پيانوPiano)) باجو (Zither)وغيرہ

بلڪه اهي هوش ۽ هواس گم ڪرڻ ۾ اهي پراڻن اوزارن کان وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا

موسيقي جو نشوشراب جي نشي کان وڌيڪ برو آهي ۽ ان جو گناھ ان وقت وڌي ويندو آهي جڏهن ان سان ڪنهن ڳائيڻي عورت جو آواز به شامل ٿي وڃي ۽ بالخصوض جڏهن ان گاني ۾ عشق ،محبت جا ٻول يا ڪنهن جي خوبصورتي جو نقشو بيان ڪيل هجي

ڳائڻ وڄائڻ دل ۾ نفاق جي بيماري پيدا ڪندو آهي

هن زماني ۾ موسيقي هڪ تمام وڏوفتنو آهي هن فتني کي وڌائڻ ۾گھڙين ، گھنٽين ، ٻارن جي گيمن ،ڪمپيوٽر ٽيليفون (۽ موبا.ئل ) وڏوذريعو آهن

ايستائين جو انهي فتني کان بچڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي تمام وڏي پختي ارادي سان انهيءَ کان بچي سگھجي ٿو . الله تعالى مددگار آهي .

غيبت

گلا ۽ مسلمان جي پامالي ڪرڻ ڪيترين ئي محفلن جي رونق ۽ خوشيءَ جو ذريعو بڻجي ويو آهي الله تعالى پنهجي ٻانهن کي گلا کان روڪيو آهي ۽ ان کي هڪ اهڙي ڀيانڪ صورت سان تشبيھ ڏني آهي

الله تعالى جو فرمان آهي ته

(ولا يغتب بعضكم بعضا أيحب أحدكم أن يأكل لحم أخيه ميتا فكرهتموه) الحجرات/12.

اوهان مان ڪوبه ڪنهن جي گلا نه ڪري ڇا اوهان مان ڪواهو چاهي ٿو ته پنهنجي مردار ڀاء جوگوشت کائي ته توهان يقينا ناپسند ڪندا

نبي ﷺ جن هن غيبت جي مفهوم کي واضح ڪندي فرمايو:

" أتدرون ما الغيبة ؟ قالوا الله ورسوله أعلم. قال: ذكرك أخاك بما يكره قيل: أفرأيت إن كان في أخي ما أقول ؟ قال: إن كان فيه ما تقول فقد اغتبته وإن لم يكن فيه فقد بهته "

اوهان کي خبر آهي گلا ڇا کي چئبو آهي ؟عرض ڪيائون الله ۽ ان جو رسول بهتر ڄاڻن ٿا. پاڻ ﷺ جن فرمايو ته توهان پنهجي ڀاء جو ذڪر ڪريو جنهن کي هوءَ ناپسند ڪري صحابه ڪرام عرض ڪيو اي الله جا نبي ﷺ جيڪڏهن ان ۾ اها برائي موجود هجي جيڪا آئون بيان ڪري رهيو آهيان ته اها به گلا ۾ شمار ٿيندي؟ پاڻ ﷺ‬جن فرمايو ان ۾ موجود برائي بيان ڪيئي ته اها ان جي گلا آهي پر جيڪڏهن اها خرابي ان ۾موجود نه آهي ته تو الزام تراشي ڪئي .“([87])

يعني غيبت هيءَ آهي ته توهان پنهنجي ڀاءُ جي ڪا اهڙي ڳالھ ڪريو جيڪا ان کي ناپسند لڳي پوءِ ان جوتعلق اخلاقي خرابي سان هجي يا جسماني خرابي سان هجي گلا جون ڪيتريون ئي صورتون آهن هڪ هيءَ به آهي ته ڪنهن مسلمان تي ٺٺول ۽ مذاق ڪندي ان جي برائين کي بيان ڪيو وڃي .

ماڻهو هن مسئلي ۾ تمام گھڻو بي پرواھ آهن جڏهن ته جڏهن هيءَ تمام گھڻو برو قابل مذمت عمل آهي.

رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" الربا اثنان وسبعون بابا أدناها مثل إتيان الرجل أمه وإن أربى الربا استطالة الرجل في عرض أخيه "

وياج جا ٻاهتر دروازا آهن سڀ کان ننڍو دروازي جي ارتڪاب ڪرڻ جو گناھ ماءُ سان زنا جي برابر آهي ۽ سڀ کان وڏو وياج هيءُ آهي ته مسلمان ڀاءُ جي بي عزتي ڪئي وڃي([88])

جيڪو به شخص ڪنهن محفل ۾ موجود هجي ۽ اتي ڪنهن مسلمان جي گلا ٿي رهي آهي ته هن تي واجب آهي ته ان کي روڪي۽ پنهجي مسلمان ڀاءُ جو دفاع ڪري

" من رد عن عرض أخيه رد الله عن وجهه النار يوم القيامة "

"جيڪو پنهجي مسلمان جو دفاع ڪندو ته قيامت جي ڏينهن الله تعالى ان جي چهري کان دوزخ جي باھ کي هٽائيدو.“([89])

چغلخوري

فساد ڦهلائڻ جي نيت سان هڪ شخص جي ڳالھ کي ٻي تائين پهچائڻ کي چغلخوري چئبو آهي رشتن ۽ تعلقات کي ٽوڙڻ ۽ ماڻهن ۾ دشمني ،نفرت جي باھ ٻارڻ جو هڪ وڏو ذريعو آهي ان ڪڌي ڪم جي مذمت ۾ الله تعالى جوفرمان آهي

(ولا تطع كل حلاف مهين هماز مشاء بنميم) القلم/11.

حذيفہ ﷦ جن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" لا يدخل الجنة قتات "

"چغلخور جنت ۾ داخل نه ٿيندو .“([90])

ابن عباس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ مديني جي هڪ باغ وٽان گذريا پاڻ ﷺ جن ٻن انسانن جو آواز بڌو جن تي انهن جي قبرن ۾ عذاب ٿي رهيو هو پاڻ ﷺ جن فرمايو

" يعذبان، وما يعذبان في كبير - ثم قال - بلى [وفي رواية: وإنه لكبير] كان أحدهما لا يستتر من بوله وكان الآخر يمشي بالنميمة... "

انهن تي عذاب ٿي رهيو آهي پر ڪنهن مشڪل ڪم جي ڪري نه ٿي رهيو آهي (يعني ان کان بچڻ تمام آسان هو ) هڪ راويت جا لفظ آهن ته هڪ ڪبيري گناھ جر ڪري عذاب ٿي رهيو آهي انهن مان هڪ وپيشاب ( جي ڇنڊن) کان نه بچندو هو ۽ ٻيو چغلخوري ڪندو هو .“([91])

چغلخوري جي سڀ کان بري صورت هيءَ ته زال ۽ مڙس کي هڪ ٻي جي خلاف ڀڙڪايو وڃي ڪري انهن جي تعلق کي خراب يا ٽوڙيو وڃي اهڙي ڪيترائي ملازم پنهجي ملازم ساٿين کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ انهن جون شڪايتون انچارج تائين پهچائيندا آهن چغلخوري جو اهي سڀ صوررتن حرام آهن

ماڻهن جي گھرن ۾ اجازت کان سواءَ جهاتيون پائڻ

{يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّى تَسْتَأْنِسُوا وَتُسَلِّمُوا عَلَى أَهْلِهَا } النور/27،

اي ايمان وارؤ پنهجي گھرن کان علاوه ٻين جي گھرن ۾ايستائين داخل نه ٿيو جيستائين اجازت نه وٺو ان ۾ رهنددڙن تي سلام نه چئو

گھرن ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جي حڪمت هيءَ ته گھر وارن جي مخفي يا ڇپائڻ لائق شين تي نظر نه پوي نبي ﷺ جن فرمايوته

إنما جعل الاستئذان من اجل البصر"

اجازت جوحڪم نگاھ جي ڪري ڏنو ويو آهي.“([92])

اڄڪلھ عمارتن جو هڪ ٻئي جي ويجھو يا مليل هجڻ جي ڪري دروازا ۽ دريون هڪ ٻئي جي سامهون کلنديون آهن جنهن ڪري بي پردگي جو وڏو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ڪيترائي پنهجي نظرن جي حفاظت نه ڪندا آهن ڪڏهن ڪڏهن مٿي رهندڙ پهنجي گھر جي دروازن يا درين يا گيلرين مان هيٺين گھرن ۾ تڪيندا رهندا آهن هي خيانت آهي پاڙيسرين جي عزتن جي پامالي ۽ حرام جو ذريعو آهي ڪيترين ئي برائين ۽ فتنن جو ذريعوآهي هن معاملي کي خطرناڪ قرار ڏيڻ جي لاءِ ٻين جي گھرن ۾ جھاڪيندڙ جي اک ڦوڙڻ ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو جرمانو نه لڳائڻ وارو دليل ئي ڪافي آهي

نبي ﷺ جن فرمايو

" من اطلع في بيت قوم بغير إذنهم فقد حل لهم أن يفقئوا عينه "

جيڪوٻين جي اجازت کانسواءِ انهن جي گھرن ۾ جھانڪي ٿو گھر جي مالڪ جي لاءِ جائز آهي ته ان جي اک ڦوڙي.“([93])

هڪ روايت ۾ آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته

" ففقئوا عينه فلا دية له ولا قصاص

ان جي اک ڦوڙيو ان تي ڪابه ديت (چٽي ) يا قصاص ( بدلو ) نه آهي .“([94])

ٻن شخصن جو ٽين شخص کان الڳ ٿي ڪن ڦس ڪرڻ

جيڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ ٽي سخص آهن ته ان وقت ٻن جو ٽي کان الڳ ٿي ڪن ڦس ڪرڻ مجلس جي آدابن جي لاءِ هڪ وڏي آفت آهي ۽ ان شيطان جي پيروي آهي جيڪومسلمان ۾اختلاف پيداڪرڻ چاهي ٿو.

رسول الله ﷺ جن جو هن جو حڪم ۽ سبب واضح ڪندي فرمايوته:

" إذا كنتم ثلاثة فلا يتناجى رجلان دون الآخر حتى تختلطوا بالناس أجل (أي من أجل كما ورد في بعض الروايات) أن ذلك يحزنه"([95])

جڏهن اوهين ٽي ڄڻا هجو ته ٻه ڄڻا ٽي کان الڳ ٿي ڪري ڪن ڦس نه ڪريوجيستائين ٽن کان وڌيڪ ماڻهو نه هجن ڇوته ٻن جو ٽي کان الڳ ٿي ڳالھيون ڪرڻ سان ٽيون شخص اداس ٿيندو .“

اهڙيءَ طرح ٽن جو چوٿي کي ڇڏي سس ڦس ڪرڻ يا ٻه ڄڻن جو ڪنهن زبان ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جنهن کي ٽيو نٿو سمجھي اهي سڀ سس ڦس جي حڪم ۾ آهن

ان ۾ڪوبه شڪ نه آهي ته ائين ڪرڻ ۾ ٽئين ماڻهو جي گھٽتائي يا ان کي پنهجي خلاف سازش جي وهم ۾ مبتلا ڪرڻ آهي .“

ڪپڙولٽڪائڻ

ڪيترائي ماڻهو ڪپڙوهيٺ لٽڪائڻ انتهائي معمولي سمجھندا آهن جڏهن ته الله تعالى جي نزديڪ تمام وڏو گناھ آهي جو ڪجھ ماڻهون پنهنجو لباس ڀيڏين کان هيٺ لتڪائيندا آهن ۽ ڪجھ پنهجي پويا گھليندا آهن

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" ثلاثة لا يكلمهم الله يوم القيامة ولا ينظر إليهم ولا يزكيهم ولهم عذاب أليم: المسبل (وفي رواية: إزاره) والمنان (وفي رواية: الذي لا يعطي شيئا إلا منه) والمنفق سلعته بالحلف الكاذب"([96])

الله تعالى قيامت جي ڏينهن ٽن ماڻهن ڏانهن نه رحمت جي نظر ڪندو نه انهن کي پاڪ فرمائيندو انهن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي

1 ڪپڙو ڀيڏين کان هيٺ لٽڪائيندڙ

2 احسان جتائيندڙ

3 پنهجي سامان کي ڪوڙي قسم سان وڪڻندڙ

جيڪو به ماڻهو هيءَ دعوى ڪري ٿو ته هو تڪبر جي نيت سان ڪپڙو هيٺ ڪونٿو ڪري ته خود پنهجي پاڻ جي واکاڻ ڪري ٿو جيڪا ڪنهن به صورت ۾معتبر نه آهين حديث جي مطابق (تڪبر جو ارادو هجي يا نه هجي) پر ائين ڪرڻ جا.ئز نه آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" ما تحت الكعبين من الإزار ففي النار "

"جيڪو به ڪپڙو ڀيڏين کان هيٺ آهي اهو دوزخ ۾ (داخل ٿيڻ جو سبب) آهي([97])

پر جيڪڏهن ائين تڪبر سببان ائين ڪرڻ جو گناھ ۽ سزا وڌيڪ آهي ڇوته هن ڪپڙي لٽڪائڻ ۽ تڪبر جهڙا ٻه گناھ گڏ ڪيا آهن

رسول الله ﷺ ن فرمايوته

" من جر ثوبه خيلاء لم ينظر الله إليه يوم القيامة "

جيڪو ماڻهوپنهنجي ڪپڙي کي ڀيڏين کان هيٺ تڪبر جي نيت سان ئي لٽڪائي ٿو الله تعالى ان جي لاءِ نظر(رحمت) نه فرمائيندو([98])

ڪپڙي لٽڪائڻ جي حرمت هر قسم جي ڪپڙي کي شامل آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

الإسبال في الإزار والقميص والعمامة من جر منها شيئا خيلاء لم ينظر الله إليه يوم القيامة"

قميص ، شلوار ۽ پٽڪي ۾ به لٽڪائڻ ڪو (اهوئي حڪم آهي ته جيڪو ماڻهو انهن ڪپڙن مان ڪنهن ڪپڙي کي تڪبر جي نيت سان ئي لٽڪايو ٿو الله تعالى ان جي لاءِ نظر(رحمت) نه فرمائيندو([99])

البته عورت هڪ ٻاڙي يا هٿ جي برابر ڪپڙو ڀيڏي کان هيٺ لٽڪائي ته جيئن هوا يا ڪنهن ٻي سبب جي ڪري ان جو ڪپڙو ان جي جسمتان نه هٽي

هڪ ٻاڙي يا هٿ کان ڊگھو ڪپڙوعورت جي لاءِ به لٽڪائن جائز نه آهي

اڄلڪلھ ڪنوارن جو ڪپڙوڪيترائي ميٽر دگھو هوندو آهي ڪڏهن ته ڪنوار جي هلڻ ۾ به تمام ڏکيائي ٿيندي آهي جو هلڻ ۾ آساني ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻي عورت کي ان جي ڪپڙي کي سنڀالڻوپوندوآهي.“

مردن جو ڪنهن به طرح سون پائڻ

" أحل لإناث أمتي الحرير والذهب وحرم على ذكورها "

منهجي امت عورين جي لاءِ سون ۽ ريشم کي حلال ڪيو ويو آهي ۽ اهي ٻئي مردن تي حرام ڪيون ويون آهن([100])

" يعمد أحدكم إلى جمرة من نار فيجعلها في يده ؟! "

"ڇا اوهان مان ڪو ڄاڻي ٻجھي باھ جي اماڙي کي پنهجي هٿ ۾ رکڻ گھري ٿو .“([101])

عورتن جو سوڙها ۽ سنها ڪپڙ پائڻ

هن زماني اسان مسلمانن جي دشمنن جو هڪ حملو هيءَ به آهي ته هنن ڪپڙن جون اهڙيون ڊزائينون تيار ڪري اسان مسلمان ۾ ڦهيلائي ڇڏيون آهن (جيڪي شرعي لباس جي بالڪل خلاف آهن ) اهي ڪپڙا تنگ يا سنهڙا هجڻ جي ڪري اوگھڙ کي به ڪونٿا ڍڪين ڪجھ لباس ته اهڙا آهن جيڪي عورتون پهنجي محرم جي سامنهون به پائي نٿيون سگھن رسول الله ﷺ جن اڳواٽ اها پيشنگوئي ڪري ڇڏي ته عوررتون هن قسم جا غير شرعي لباس پهرينديون

پاڻ ﷺ جن فرمان آهي ته :

" صنفان من أهل النار لم أرهما: قوم معهم سياط كأذناب البقر يضربون بها الناس ونساء كاسيات عاريات مميلات مائلات رؤوسهن كأسنمة البخت المائلة، لا يدخلن الجنة ولا يجدن ريحها وإن ريحها ليوجد من مسيرة كذا وكذا "([102])

منهجي امت ۾ ٻه قسم اهڙا آهن جن کي مون نه ڏٺو آهي هڪ اها قوم هوندي جن جي هٿن ۾ ڳئون جي پڇ وانگر چهبڪون هونديون جيڪي ماڻهن کي هڻندا

ٻيو قسم انهن عورتن جو آهي جيڪي لباس پائڻ جي باوجود اگھاڙيون هونديون مردن کي زبردستي پاڻ ڏانهن مائل ڪندڙ انهن جا مٿا بختي اٺ جي ٿوهي وانگر هوندا اهڙيون عورتون جنت ۾ دخل نه ٿينديون بلڪ جنت جي خوشبو به محسوس نه ڪنديون جڏهن ته جنت جي خوشبو ڪيترن ئي ڏينهن پنڌ جي ڪرڻ کانپوءِ ايندڙ منزل تائين محسوس ٿيندي آهي .“

انهن لباسن ۾ عورتن جا اهي لباس به شامل آهن جيڪي هيٺيان کان کليل ۽ ڊگها هوندا آهن يا ذزائن جي طور تي انهن ۾ مختلف قسم جا سوراخ هوندا آهن

اهڙيون مختلف ڊيزائينون جن جي پهرڻ واري جي اوگھڙ ويهڻ سان ظاهر ٿي ويندي آهي ان قسم جا لباس حرام هجڻ سان گڏ ڪافرن جي مشابهت اهڙين خوار ڪندڙن ڊزائينن ۾انهن پيروي جهڙو گناھ به آهيالله اسان سڀني کي محفوظ رکياهڙي طرح لباس تي برين تصورين جو نقش هجڻ به انتهائي خطرناڪ معاملو آهيجيئين اداڪارن جون تصويرون ،ڳائڻن جون تصويرون ،شراب جي بوتلن جون تصويرون صليب جو نشان ، جاندارن جون تصويرون ،غير شرعي تنظيمن جا مخصوص لوگو Logo عزت ۽ شرافت کان خالي ڪنهن اوپري ٻولي ۾ لکيل اوپري عبارتون

وار ڳنڍڻ

اسماء بنت ابوبڪر کان روايت آهي ته هڪ عورت نبي ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ چيائين ته منهجي ڌيءَ جي نئين نئين شادي ٿي آهي خسري جي بيماري جي ڪري ان جا وار ڇڻي ويا آهن ڇا آئون ان کي (نقلي وار) لڳايان ؟ نبي ﷺ جن فرمايو ته :

" لعن الله الواصلة والمستوصلة "

"اصلي وارن سان ٻيا وار لڳائيندڙ (پيشاور) عورتون ۽ انهن کان وار لڳرائيندڙ عورتن نبي ﷺ جن لعنت فرمائي آهي .“([103])

جابر ﷦ کان روايت آهي

زجر النبي صلى الله عليه وسلم أن تصل المرأة برأسها شيئا "

نبي ﷺ جن هن ڳالھ تي سخت ناراضگي اظهار ڪيو ته ڪا عورت پنهجي مٿي ۾ نقلي وار لڳائي .“([104])

هن زماني نقلي وار لڳائڻ جون ( پارٽ وگ ) جهڙيون ڪيتريون ئي صورتن ظاهر ٿيون آهن جن جڳهين تي ان اهڙا ڪم ٿين ٿا ( بيوٽي پارلر ) جهڙيون جڳهيون موجود آهن

هن حرام ڪم جي هڪ صورت هيءَ به آهي ته اصلي وارن جي جڳھ تي ٻيا وار سرجري ڪري لڳايا وڃن جيئن ڪيترائي مرد ۽ عورتون فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪندا آهن

مردن جو عوررتن سان ۽ عورتن مردن سان مشابهت اختيار ڪرڻ

" لعن الله الرجل يلبس لبسة المرأة، والمرأة تلبس لبسة الرجل "([105])

"رسول الله ﷺ جن فرمايو انهن مردن تي لعنت فرمائي آهي جيڪي عورتن سان مشابهت ڪن ٿا ۽ انهن عورتن تي لعنت فرمائي جيڪي مردن جي مشابهت اختيار ڪن ٿيون “

ڪارو خضاب لڳائڻ

صحيح ڳالھ هيءَ آهي ته ڪارو خضاب لڳائڻ حرام آهي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" يكون قوم يخضبون في آخر الزمان بالسواد كحواصل الحمام لا يريحون رائحة الجنة "

آخري زماني ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو ايندا جيڪي جيڪي ڪارو خضاب ائين لڳائيندا ڄڻ (انهن جا وار ) ڪبوتر جي پر وانگر آهن اهي ماڻهو جنت جي خوشبو به محسوس نه ڪندا .“([106])

پوڙهائپ جا آثار شروع ٿيڻ وقت ڪاري خضاب لڳائڻ جو عمل به عام ٿي ويندو آهي هن سان ڪيتريون ئي برائيون پيدا ٿين ٿيون جيئن جيئن دوکو ۽ فريب اهڙي طرح الله تعالى جي ڏنل اصلي شڪل ۽ صورت کي ۽ تبديل ڪرڻ يقينا هن سان انسان جي ڪردار تي وڏواثرپوي ٿوهن سان اهو انسان خود دوکي ۾مبتلا رهندوآهي پاڻ ﷺ جن کان صحيح ثابت آهي ته پاڻ ﷺ جن ميهندي يا ڪنهن اهڙي هيڊي يا ڳاڙهي رنگ يا برائون مائل رنگ سان وارن کي رنگيندا هئا مڪي جي فتح واري ڏينهن جڏهن ابو قحافہ ﷦ جن کي خدمت پيش ڪيو ويو ته سندن مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار اڇي هجڻ جي ڪري اڇي رنگ واري گلن جو ٻوٽو محسوس ٿي رهيا هئا رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

غيروا هذا بشيء واجتنبوا السواد "([107])

انهن (اڇن وارن )کي ڪنهن رنگ سان بدلايوپرڪاري رنگ کان بچو

صحيح قول جي عورت جي لاءِ به هيءَ ساڳيو حڪم آهي يعني پنهجن اڇن وارن کي ڪاري رنگ سان خضان نٿي لڳائي سگھي .“

جاندار جي تصويرٺاهڻ

ابن مسسعود ﷺ جن کان روايت آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته:

" إن أشد الناس عذابا عند الله يوم القيامة المصورون "

"الله تعالى وٽ سڀ کان وڌيڪ عذاب انهن ماڻهن تي ٿيندوجيڪي تصويرون ٺاهيندڙ آهن .“([108])

ابو هريرة کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" قال الله تعالى: (ومن أظلم ممن ذهب يخلق كخلقي فليخلقوا حبة و ليخلقوا ذرة...)

الله تعالى فرمائي ٿو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم آهي جيڪو جيڪو ائين پيدا ڪرڻ چاهي ٿوجيئين آئون پيدا ڪريان ٿو منهجو کيس چيلنج آهي ته اناج جوهڪ داڻو ٺاهي ڏي يا هڪ ماڪوڙي ٺاهي ڏي .“([109])

ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول ﷺ جن فرمايو:

" كل مصور في النار، يجعل له بكل صورة صورها نفسا فتعذب في جهنم "

هر هڪ تصوير بنائندڙ دوزخ ۾ ويندو ان جي بنايل تصويرن کي هڪ جاندار جي صورت ڏني ويندي جيڪي ان کي عذا ب ڏيندا

ابن عباس فرمايو ته :

إن كنت لا بد فاعلا فاصنع الشجر وما لا روح فيه "

جيڪڏهن توکي ائين لازمي ڪرڻو اهي ته انهن شين جون تصويرون بنائي جن ۾ روح نه اهي .“([110])

هنن حديثن مان معلوم ٿيو ته انسان ،جانورن ۽ روح وارين شين جي تصوير بنائڻ جائز نه آهي پوءِ انهن جوسايو (عڪس ) هجي يا نه هجي پوءِ چاهي اها ڇپيل هجي يا هٿ جي دستڪاري سان ٺاهيل هجي يا ڪنهن شي ءِ کي کوٽي يا پوري يا نقش ڪري يا سانچي ۾ ٺاهي وئي هجي

حديث ۾تصوير جي سمورن قسمن جي حرمت بيان ڪئي وئي آهي

هڪ مسلمان جو شان هيءَ تان هو شرعي دليل کي مڃي وٺي ۽ ڪا ڇو ڇا (بحث) نه ڪري يا هي بهانو ڪري ته آئون ان کي پوڄيان ٿو نه ان جي اڳيان جھڪان ٿو

جيڪڏهن ڪو تصوير جي فقط هڪڙي برائيءَ تي غور ۽ فڪر ڪندو ته اهو شريعت ۾ تصوير جي حرام هجڻ جي حڪمت کي سمجھي ويندو اها برائي هيءَ آهي ته ان جي ڪري زنا ۽ جنسي خواهش جهڙين برائين جنم ورتو آهي هڪ مسلمان کي گھرجي ته پنهجي گھر مان روح وارين شين جون تصويرون نه رکي ته جيئن رحمت جي ملائڪن جي داخل ٿيڻ ۾ رڪاوٽ جو سبب نه بڻجن

نبي ﷺ جن فرمايو ته :

لا تدخل الملائكة بيتا فيه كلب ولا تصاوير "

"ان گھر ۾ رحمت جا ملائڪ داخل نه ٿيندا آهن جنهن ۾ ڪتو يا تصوير هجي.“([111])

ڪجھ ماڻهن جي ڪمرن ۾ مورتيون ۽ مجسما رکيل هوندا جيڪي يا اهي گھرن جي سجاوٽ لاءِ رکندا يا کين تحفي ۾ ملنداآهن اهي مجسما ڪافرن جي بتن وانگرهوندا آهن ان قسم جي حرمت عام تصويرن کان وڌيڪ آهي اهڙي طرح گھر۾ فريم ڪري لڳايل تصويرن جو گناھ لڪايل يا ويڙهيل تصويرن جي گناھ کان وڌيڪ آهي ڪيترائي انهن کي ڏسي انهن جي تعظيم ڪرڻ لڳنداآهن ڪيترائي غمگين ٿي ويندا آهن اهو چوڻ به صحيح نه آهي ته اهي تصويرون يادگيري خاطر آهن پر پنهنجي ڪنهن ويجھي مائٽ يا مسلمان جي حقيقي يادگيري ته انسان جي دل ۾هوندي آهي جنهن ياد جي تقاضا هيءَ آهي ته ان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جي دعا گھري وڃي بهرحال هر قسم جي تصوير کي گھر مان ڪڍڻ يا مٽائڻ لازمي آهي پر جيڪڏهن ڪنهن مٽائڻ مشڪل آهي ته ان جومعاملو الله جي حوالي آهي جيئن اهي تصويرون جن ڪري وڏي مصيبت پيدا ٿي وئي آهي جيڪي ڊڪشنرين ، ڏٻن يا انهن عام فائدي وارن ڪتابن تي پرنٽ ٿيل هونديون آهن اهڙين تصويرن جي مٽائن جي ڪوشش ڪئي وڃي هر قسم جي خراب تصوير کان پاسو ڪيو وڃي البته ضرورت جي ووقت تصوير کي محفوظ رکي سگھجي ٿو جيئن شناختي ڪارڊ پاسپورٽ وغيرہ

ڪجھ عالم انهن تصوويرن جي به اجازت ڏني آهي جيڪي ڪم ڪار وغيره ۾ پيرن هيٺيان لتاڙڻ ۾ اينديون ( جن کي ڪابه حيثيت حاصل نه هوندي آهي “

ڪوڙو خواب بيان ڪرڻ

ڪجھ ماڻهو ڪوڙا خواب ٺاهي بيان ڪندا آهن ته جيئن ان جي مقام مرتبي ۾واڌرو ٿئي ۽ مشهور ٿي وڃن يا ڪو مالي فائدو حاصل ڪن يا جنهن سان دشمني آهي ان کي ڊيڄارين ڪيترن ئي جاهل ماڻهن جو خوابن تي انڌو اعتقاد هوندو آهي جيڪي هن ڪوڙ جي ڪري دوکو کائيندا رهندا آهن ڪوڙا خواب بيان ڪرڻ جي باري ۾ سخت ڌمڪي ڏني وئي آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" إن من أعظم الفرى أن يدعي الرجل إلى غير أبيه أو يري عينه ما لم تر ويقول على رسول الله صلى الله عليه وسلم ما لم يقل "

سڀ کان وڏو ڪوڙ هيءُ آهي ته ڪوبه ماڻهو پهنجو پاڻ کي پيءُ کان علاه ڪنهن ٻي شخص ڏي منسوب ڪري يا اهڙو خواب بيان ڪري جيڪوهن نه ڏٺو آهي يا

رسول ﷺ‬ ڏانهن اهڙي ڳالھ منسوب ڪري جيڪا هن نه فرمائي آهي .“([112])

رسول الله ﷺ جن فرمايو

" من تحلم بحلم لم يره كلف أن يعقد بين شعيرتين ولن يفعل...الحديث

"جنهن ڪوڙو خواب بيان ڪيو ته ان کي ٻن جون ۾ ڳنڍ لڳائڻ جي سزا ڏني ويندي ۽ ڪڏهن به انهن کي ڳنڍ نه لڳائي سگھندو .“([113])

" من تحلم بحلم لم يره كلف أن يعقد بين شعيرتين ولن يفعل...الحديث ،

سزا بظاهر ته ڪم آهي پرآهي حقيقت ۾ هڪ اهڙي ڪم جي جيڪو انسان جي وس ۾ نه هجڻ جي ڪري انتهائي تڪليف ڏيندڙ عمل آهي .“([114])

قبر تي ويهڻ ،لتاڙڻ يا قبرستان ۾ قضاءِ حاجت ڪرڻ

ابوهريرہ ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو:

" لأن يجلس أحدكم على جمرة فتحرق ثيابه فتخلص إلى جلده خير له من أن يجلس على قبر "

توهان مان ڪو شخص باھ جي اماڙي تي ويهي جيڪا هن جا ڪپڙا ساڙي جسم تائين پهچي وڃي ائين ڪرڻ هن شخص جي لاءِ ڪنهن قبر تي ويهڻ کان وڌيڪ بهتر آهي([115])

ميتن کي دفنائڻ وقت ڪيترائي ماڻهو قبرن کي پيرن يا (ڪڏهن ڪڏهن ) جتين سان سان لتاڙيندڙ آهن مري ويلن جي پوئيرن جو احترام نه ڪندا آهن رسول الله ﷺ جن ان حرڪت کي ڪبيرو گناھ قرار ڏنو آهي

پاڻ ﷺ جن فرمايو ته :

"لأن أمشي على جمرة أو سيف أو أخصف نعلي برجلي أحب إلي من أن أمشي على قبر مسلم... "

"منهجو ڪنهن باھ جي اماڙي ،تلوار تي هلڻ يا پنهنجي پير کي سبي ڇڏڻ منهنجي نزديڪ مسلمان جي قبر تي هلڻ کان وڌيڪ بهترآهي .“([116])

هر عقلمند انسان ڄاڻي ٿو ته قبرن تي هلڻ يا ويهڻ ايتري قدر سخت گناھ آهي ته پوءِ ته قبرستان جي زمين تي ناجائزقبضو ڪري اتي رهائشي فروفيشنل رهائشي منصوبو تيار ڪرڻ ڪيتري قدر نه وڏو گناھ آهي .اهڙي طرح ڪيترائي بدنصيب قبرستان جي ديوار ٽپي اتي قضا حاجت ڪندا آهن ڪري انهيءِ گندگيءَ سان ميتن کي انهيِءَ گندگي سان تڪليف پهچائيندا آهن

جڏهن ته نبي ﷺ جن جو فرمان آهي

" وما أبالي أوسط القبر قضيت حاجتي أو وسط السوق

منهجي نزديڪ قبرستان ۾ قضا حاجت ڪرڻ يا بازار جي وچ تي قضا حاجت ڪرڻ برابر آهي .“ ([117])

مطلب ته ٻنهي جڳهين تي پيشاب ڪرڻ جي برائي برابرآهي جيڪي ماڻهو قبرستانن (خاص طور تي پراڻن قبرستانن ۾جنهن جي ديوار ڪري وئي آهي ) ۾ڪچرو ۽ گندگي اڇلائيندا آهن انهي جي لاءِ ساڳي ڌمڪي ۽ گناھ اهي

قبرستان جي زيارت جي ادب ۾ هيءِ ڳالھ به شامل آهي ته قبرستان ۾ هلڻ دوران جتي نه پائي

پيشاب کان نه بچڻ

اسلامي شريعت هر ان سٺي ڳالھ جو حڪم ڪيو آهي جيڪا انسان ذات کي سڌاري انهن مان هڪ گندگي ختم ڪرڻ جو حڪم آهي انڪري دين اسلام( پاڻي يا پٿرن سان ) صفائي جو مڪمل طريقو ٻڌايو آهي ڪيترائي ماڻهو سستي جو شڪار آهن انهن جو جسم يا ڪپڙا گندا رهندا آهن انهي حالت ۾ نماز به ڪونٿي ٿئي بلڪ نبي ﷺ انهي قبر جو عذاب جون ذريعو قرار ڏنو آهي

ابن عباس کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ مديني جي هڪ باغ وٽان گذريا پاڻ ﷺ جن ٻن انسانن جو آواز بڌو جن تي انهن جي قبرن ۾ عذاب ٿي رهيو هو پاڻ ﷺ جن فرمايو

" يعذبان، وما يعذبان في كبير - ثم قال - بلى [وفي رواية: وإنه لكبير] كان أحدهما لا يستتر من بوله وكان الآخر يمشي بالنميمة... "

انهن تي عذاب ٿي رهيو آهي پر ڪنهن مشڪل ڪم جي ڪري نه ٿي رهيو آهي (يعني ان کان بچڻ تمام آسان هو ) هڪ روايت جا لفظ آهن ته هڪ ڪبيري گناھ جي ڪري عذاب ٿي رهيو آهي انهن مان هڪ پيشاب ( جي ڇنڊن) کان بچندو هو ۽ ٻيو چغلخوري ڪندو هو.“([118])

بلڪ نبي ﷺ جن فرمايوته

" أكثر عذاب القبر في البول "

گھڻو ڪري قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ جي ڪري ٿيندو)آهي([119])

پيشاب جي ڇنڊن نه بچڻ عام طور تي پيشاب ۾ جلدي ڪرڻ ۽ ختم ٿيڻ کان اڳ ئي اٿي وڃڻ آهي يا ڪنهن شيءَ کي ٽيڪ لڳائڻ جي ڪري ائيڻ ٿيندو آهي يا ڪنهن سخت جڳھ تي پيشاب ڪرڻ جي ڪري ڇنڊا واپس ڪپڙن کي لڳندا آهن يا پاڻي وغيره استعال نه ڪرڻ جي ڪري ائين ٿيندو آهي اڄلڪلھ ته ڪافرن جي مشابهت ڪندي ڪجھ مختلف ديوران سان پيشاب جي لاءِ ڪوموڊو لڳايا ويندا آهن جن ۾پيشاب ڪندڙ اندرئين يا ٻاهرين طرف بغير ڪنهن حيا جي پيشاب ڪندو آهي ۽ پيشاب ڪرڻ کانپوءِ گندگي صاف ڪرڻ کانسواءِ مٿي کڻي وٺندو آهي اهوماڻهو ٻه گناھ گڏ ڪري ٿو هڪ ته پنهنجي اوگھڙ کي ماڻهن کان ڪونٿو لڪائي ٻيو ته پيشاب جي ڇنڊن کان ڪونٿو بچي .“

جاسوسي ڪرڻ

الله تعالى جو فرمان آهي ته :

(ولا تجسسوا...) الحجرات/11

"جاسوسي نه ڪريو.“

ابن عباس ﷦ کان روايت آهي رته رسول الله ﷺ جن فرمايو :

" من استمع إلى حديث قوم وهم له كارهون صب في أذنيه الآنك يوم القيامة... "

"جنهن به ڪنهن قوم جي ناپسنديدگي جي باوجود انهن جو ڳالهيون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي ڪنن ۾ (گرم پگھرايل شيهو وڌو ويندو.“([120])

پر جيڪڏهن ڪنهن قوم کي نقصان ڏيڻ جي لاءِ انهن جون ڳالهيون اڳتي موڪلڻ جاسوسي سان گڏچغلخوري به هڪ ٻيو وڏو گناھ آهي رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" لا يدخل الجنة قتات "

" چغلخور جنت ۾ داخل نه ٿيندو .“([121])

برو پاڙيسري

الله تعالى اسان کي پاڙيسري سان سهڻي سلوڪ جو حڪم ڏيندي فرمايو :

{وَاعْبُدُواْ اللّهَ وَلاَ تُشْرِكُواْ بِهِ شَيْئًا وَبِالْوَالِدَيْنِ إِحْسَانًا وَبِذِي الْقُرْبَى وَالْيَتَامَى وَالْمَسَاكِينِ وَالْجَارِ ذِي الْقُرْبَى وَالْجَارِ الْجُنُبِ وَالصَّاحِبِ بِالجَنبِ وَابْنِ السَّبِيلِ وَمَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ إِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبُّ مَن كَانَ مُخْتَالاً فَخُورًا} لنساء/36.

" ۽ الله جي ئي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ ۽ پيءُ ۽ ويجھن مائٽن ،يتمين ،مسڪينن ، ويجھڙائي وارن پاڙيسرين ۽ ڌارين پاڙيسرين ۽ ڀر واري دوست ۽ مسافر ۽ جن غلامن جا اوهان جا سڄا هٿ مالڪ ٿيا آهن انهن سڀني سان سهڻوسلوڪ ڪريو ۽ بيشڪ الله تعالى هٺيلي ۽ فخر واري کي پسند نٿو ڪري .

پاڙيسري جوحق عظيم هجڻ جي ڪري ان کين تڪليف ڏيڻ به حرام آهي

ابو شريح کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايوته :

" والله لا يؤمن والله لا يؤمن والله لا يؤمن، قيل ومن يا رسول الله ؟ قال: الذي لا يأمن جاره بوائقه "

الله جوقسم اهو شخص مومن نٿو ٿي سگھي ، الله جوقسم اهو شخص مومن نٿو ٿي سگھي ، الله جوقسم اهو شخص مومن نٿو ٿي سگھي ، صحابہ ڪرام عرض ڪيو اي الله جا نبي ﷺ !ڪنهن جي باري ۾ فرمايو ٿا “ پاڻ ﷺ جن فرمايوجنهن جي برائي کان ان جا پاڙيسري محفوظ نه هجن([122])

نبي ﷺ جن هڪ پاڙيسري طرفان ٻي پاڙيسري جي نيڪي يا برائي بيان ڪرڻ کي نيڪي ۽ برائي جو معيار قرار ڏنوآهي

ابن مسعود ﷦ جن کان روايت آهي ته

كيف لي أن أعلم إذا أحسنت أو إذا أسأت ؟

هڪ شخص عرض ڪيو ته الله جا نبي ! مونکي ڪنهن ماڻهو جي نيڪ يا بري هجڻ جي ڪيئن خبر پوندي

رسول ﷺ جن فرمايو:

إذا سمعت جيرانك يقولون: قد أحسنت فقد أحسنت، وإذا سمعتهم يقولون: قد أسأت فقد أسأت "

ته جيڪڏهن ان جي پاڙيسرين کي ان جي نيڪي ڪندي ٻڌين ته ان کي نيڪ سمجھ ۽ جيڪڏهن پاڙيسرين ان جي برائي ڪندي ڏسين ته ان کي برو سمجھ([123])

پاڙيسري کي تڪليف پهچائڻ جون مختلف صورتون آهن

مثلا : پنهنجي پاڙيسريءَ کي مشترڪ ديوار تي ڪاٺي (ٽيئر ،گاڊر ) لڳائڻ کان منع ڪرڻ يا پنهجي ديوارکي پاڙيسري جي اجازت کانسواءِ ايترو مٿي کڻي وڃي جوهوسج جي روشني يا فطري هوا کان محروم ٿي وڃي يا هن جي گھر جي طرف کلندڙ درين يا دروازن کولي ته ان جي گھر پردي وارين شين کي ڏسي سگھي ،يا عام وقت يا آرام جي وقت مختلف آوازن: در ڪڙڪائڻ يا رڙين سان ان کي پريشان يا ان جي اولاد کي مارڻ يا سندن گھر يا چائنٺ تي ڪچرو اڇلائڻ وغيرہ

اهي برائي جيڪڏهن پنهنجي ويجھي پاڙيسري سان ڪري ٿو ان جو گناھ اڃان به وڌي ويندو آهي

رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

" لأن يزني الرجل بعشر نسوة أيسر عليه من أن يزني بامرأة جاره.. لأن يسرق الرجل من عشرة أبيات أيسر عليه من أن يسرق من بيت جاره "

ڪنهن ماڻهو جو ڏهن عورتن سان زنا ڪرڻ جو گناھ پاڙيسري جي زال سان زنا ڪرڻ کان گھٽ آهي ........

اهڙي طرح ڪنهن ماڻهو جو ڏهن گھرن مان چوري ڪرڻ جو گناھ پاڙيسري جي گھر مان چوري ڪرڻ جي گناھ کان گھٽ آهي([124])

وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائڻ

اسلامي شريعت جو هڪ اهم قانون آهي "لاضرر ولا ضرار “ ته ڪوبه ڪنهن نقصان نه پهچائي نه وري ان کي نقصان پهچايو وڃي .نقصان پهچائڻ جي هڪ هيءَ به صورت آهي ته وصيت سڀني يا ڪجھ وارثن جي کي گھاٽو پهچايو وڃي .

ان طرح ڪندڙ کي رسول الله ﷺ وارو رسول اڪرم ﷺ جي هن بددعا جو مستحق بنجي ويندو آهي :

عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ قَالَ مَنْ ضَارَّ أَضَرَّ اللَّهُ بِهِ وَمَنْ شَاقَّ شَقَّ اللَّهُ عَلَيْهِ

" جيڪوڪنهن مسلمان کي نقصان پهچائيندو ته الله ان کي نقصان پهچائيندو ۽ جنهن مسلمان کي تڪليف ۾ وڌو ته الله به ان کي تڪليف ۾ وجھندو .“ ([125])

" وصيت ۾ نقصان جي هڪ صورت هيءَ به آهي ته ڪنهن وارث ان جي شرعي حق کان محروم ڪيو وڃي ،يا وصيت ذريعي ڪنهن کي ان جي شرعي حصي کان علاؤ ڪو ٻيو حصو ڏنو وڃي اهي ملڪ جن جي عوام ڪنهن شرعي حاڪم جي ماتحت نه هوندا آهن اتي مروج انسانن جو ٺاهيل غير شرعي قانون حقدار جي شرعي حق جي حصول لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بنجي ويندو آهي . اهي غير شرعي عدالتون اهڙي ظلم تي مشتمل وصيت کي معتبر سمجھنديون آهن جيڪي وصيت ڪنهن وڪيل يا رجسٽرار جي وسيلي لکيون وڃن انهن جي انهي لکت سببان انهن جي لاءِ بربادي آهي ۽ انهن جي انهن جي ڪرتوتن ڪري انهن لاءِ تباهي آهي

تاش ،شطرنج ،ڇڪو کيڏڻ

ماڻهڻ ۾ رائج ڪيتريون رانديون حرام ڪمن تي مشتمل هونديون آهن انهن مان هڪ تاش ،شطرنج ،ڇڪويا انهن جي قسمن ۾ شمار ٿيندڙ رانديون به حرام آهن اهي سڀ رانديون جوا جو دروازو کوليندڙآهن

نبي ﷺ جن فرمايو ته

أَنَّ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ مَنْ لَعِبَ بِالنَّرْدَشِيرِ فَكَأَنَّمَا صَبَغَ يَدَهُ فِي لَحْمِ خِنْزِيرٍ وَدَمِهِ

بريده ﷦ جن کان راويت آهي ته

جيڪو به شطرنج ،ڇڪي ، تاش سان کيڏي ٿو ته ڄڻ ان پنهنجا هٿ سوئر جي گوشت ۽ رت ۾ ڀريا([126])

ابو موسي ﷦ کان روايت آهي ته رسو ل الله ﷺ جن فرمايو ته

مَنْ لَعِبَ بِالنَّرْدِ فَقَدْ عَصَى اللَّهَ وَرَسُولَهُ

جنهن شطرنج، ڇڪي، تاش کيڏي ان الله ۽ ان جي رسو ل جي نافرماني ڪئي([127])

مؤمن کي ڪنهن شيءِ تي ناحق لعنت ڪرڻ

ڪيترائي ماڻهو ڪاوڙ جي وقت پنهجي پاڻ تي قابو نه ڪري سگھندا آهن ۽ انسانن جانورن ۽ بي جان شين ۽ ڏينهن ۽ لمحن کي تي لعنت ڪرڻ شرووع ڪري ڏينداآهن ڪڏهن ڪڏهن ته پنهجي پاڻ تي يا اولاد تي لعنت ڪندا آهن يا زال ۽ مڙس هڪٻئي تي لعنت ڪندا آهن جڏهن ته ائين ڪرڻ حرام ۽ انتهائي خطرناڪ معاملو آهي

ابو زيد ثابت کان راوايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو

مؤمن تي لعنت ڪرڻ ان جي قتل جي برابر آهي

عورتن ۾ هيءَ بيماري گھني هوندي آهي ۽ نبي ﷺ جن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهائي لعت عورتن جيب گھڻائي جي دوزخ ۾ وڃڻ جو سبب آهي

اهڙي طرح لعنت ڪندڙ سفارش ڪرڻ جو مرتبو نه ماڻيندا انهي کان وڌيڪ بري ڳالھ هي ءَ آهي ته لعنت چوندڙڏانهن ئي موٽندي آهي ڄڻ ته هن شخص پهنجو پاڻ الله جي رحمت کان پري رهڻ جي دعا ڪئي آهي .“

ماتم ڪرڻ

ڪيتريون عورتون ميت جي وقت رڙيون ڪنديون آهن منهن تي ڌڪ هڻنديون آهن ،يا ميت جي فخريه واکاڻ بيان ڪنديون اهي سڀ ناجائز آهن .

اهڙي طرح ڪپڙا ڦاڙڻ ،وار پٽڻ يا ڪوڙائڻ جهڙا عمل الله جي فيصلي تي ناراض هجڻ ۽ بي صبريءَ جو دليل آهن نبي ﷺ ائين ڪندڙ تي لعنت ڪئي آهي .

ابو امامہ کان راويت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

لعن الخامشة وجهها والشاقة جيبها والداعية بالويل والثبور "

نبي ﷺ جن چهري تي رانڀوٽا پائيندڙ،ڪپڙا ڦاڙيندڙ،پنهنجي پاڻ کي تباهي بربادي جا پاراتا ڏيندڙ عورت تي لعنت ڪئي آهي .“([128])

ابن مسعود ﷦ روايت ڪري ٿو رسول الله جن فرمايو ته

عَنْ عَبْدِ اللَّهِ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَطَمَ الْخُدُودَ وَشَقَّ الْجُيُوبَ وَدَعَا بِدَعْوَى الْجَاهِلِيَّةِ

" جنهن پنهنجي رخسار کي ڌڪ هنيا ۽ ڪپڙا ڦاڙيا ۽ جهالت جون پڪارون پڪاري ٿو ان جو اسان سان ڪوبه تعلق نه آهي“([129])

نبي ﷺٖ جن فرمايو ته

النَّائِحَةُ إِذَا لَمْ تَتُبْ قَبْلَ مَوْتِهَا تُقَامُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَعَلَيْهَا سِرْبَالٌ مِنْ قَطِرَانٍ وَدِرْعٌ مِنْ جَرَبٍ

"ماتم ڪندڙ عورت جيڪڏهن مرڻ کان پهريائين توبه نٿي ڪري ته ان قيامت جي ڏينهن ان حالت ۾ بيهاريو ويندو جو ان تي گندرف ۽خارش واري قميص هوندي .“ ([130])

چهري کي مارڻ يا داغڻ

عَنْ جَابِرٍ قَالَنَهَى رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَنْ الضَّرْبِ فِي الْوَجْهِ وَعَنْ الْوَسْمِ فِي الْوَجْهِ

جابر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله جن چهري تي مارڻ ۽ چهري تي نشان لڳائڻ( داغڻ کان ) منع فرمايو.([131])

ٽي ڏينهن کان مٿي تعلقات ٽوڙڻ

شيطان جي سازشن مان هڪ سازش هيءِ به ته مسلمان جي پاڻ تعلق ۽ واسطي کي ٽوڙي پوءِ جيڪي شيطان جي انهي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهن اهي پنهجي مسلمان ڀاءَ سان ڪنهن عذر شرعي کان سواءِ واسطا ٽوڙي الڳ ٿي ويندا آهن يا ڪنهن عارضي مفاد جي خاطر يا بيجا راءِ جي ڪري ائين ڪندا آهن يا اها ناراضگي ڪافي وقت رهندي آهي ڪڏهن ڪڏهن ان سان ڳالھ ٻولھ نه ڪرڻ جو قسم کنيو ويندو آهي يا ان جي گھر نه وڃڻ جي نذر مڃي ويندي آهي پوءِواٽ ويندي ان کي ڏسي ان کان منهن موڙيو ويندو آهي ۽ مجلس ۾ ان جي ساڄي ۽ کاٻي طرف ويٺلن سان ته هٿ ملايو ويندو آهي پر هن کان منهن موڙيو ويندو آهي اهي شيون مسلمان سماج ۾ڪمزوريون پيدا ڪنديون آهن انڪري شريعت هن عمل روڪڻ لاءِ واضح حڪم ۽ سخت ڌمڪي ڏني آهي

ابو هريرہ﷦ جن کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته

لا يحل لمسلم أن يهجر أخاه فوق ثلاث فمن هجر فوق ثلاث فمات دخل النار "

ڪنهن به مسلمان لاءِ جائز نه آهي پنهجي مسلمان ڀاءَ کان ٽي راتين (ڏينهن )کان مٿي واسطو ٽوڙي پر جيڪڏهن ٽن ڏينهن کان مٿي ائين ڪيائين ته دوزخ ۾ داخل ٿيندو([132])

ابو خراش اسلمي کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو

" من هجر أخاه سنة فهو بسفك دمه "

جنهن هڪ سال تائين پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان واسطوٽوڙيو ته ڄڻ ان پنهجي ڀاءَ جو رت وهايو آهي .“([133])

هن معاملي جي برائي جي لاءِ اها ڳالھ ئي ڪافي ته ائين ڪندڙ جي بخشش کان محروة رهندو آهي

ابو هريرة ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته :

" تعرض أعمال الناس في كل جمعة مرتين، يوم الإثنين ويوم الخميس فيغفر لكل عبد مؤمن إلا عبدا بينه وبين أخيه شحناء فيقال: اتركوا أو أركوا (يعني أخروا) هذين حتى يفيئا "

هفتي ٻه ڀيرا سومر ۽ خميس جي ڏينهن ماڻهن جي عملن کي (الله تعالى)وٽ پيش ڪيو وڃي ٿوپوءِ هر ڪنهن مومن انسان کي بخشيووڃي ٿو سواءِان جي جنهن پنهجي مسلمان ڀاءَ سان ناراضگي رکي انهن جي باري ۾ چيو ويندوآهي ته انهن کي ڇڏي ڏيو ايستائين جو اهي صلح ڪن([134])

انهن ٻنهي مان جيڪو به توبه ڪري ٿو ته ان کي گھرجي پنهجي ڀاءِ ڏي وڃي ان کي سلام چئي ملاقات ڪري جيڪڏهن هن ائين ڪيو پر ٻي صلح کان انڪار ڪيو ته هن جي ذميداري ختم ٿي وئي هاڻي گناھ صلح نه ڪندڙ تي ٿيندو

ابوايوب ﷦ کان روايت ته رسول الله ٖﷺ جن فرمايو ته :

لَا يَحِلُّ لِرَجُلٍ أَنْ يَهْجُرَ أَخَاهُ فَوْقَ ثَلَاثِ لَيَالٍ يَلْتَقِيَانِ فَيُعْرِضُ هَذَا وَيُعْرِضُ هَذَا وَخَيْرُهُمَا الَّذِي يَبْدَأُ بِالسَّلَامِ

ڪنهن به مسلمان لاءِ جائز نه آهي پنهنجي مسلمان ڀاءَ کان ٽي راتين (ڏينهن )کان مٿي واسطو ٽوڙي ان کان الڳ رهي جو جڏهن هڪئي سان ملن ته هڪٻئي کان منهن موڙين انهن ٻنهي ۾ بهترين انسان اهو آهي جيڪو ( ناراضگي ختم ) ڪر ي سلام چوڻ ۾اڳرائي ڪري ٿو .“

پر جيڪڏهن تعلق ۽ واسطو ڪنهن شرعي سبب جي ڪري ٽوڙيو وڃي مثلا بي نمازي آهي يا بدڪاري ڏي سڏيندڙ آهي جيڪڏهن اها اميد آهي ته تعلق ٽوڙڻ سان اهو ماڻهو گناھ کان رڪجي ويندو ۽ ان تي ان اثر پوندو ۽ پنهجي غلطي جو احسان ٿيندو ته اهڙي صورت تعلق ٽوڙڻ واجب آهي پر جيڪڏهن اهو خطرو آهي ته تعلق ٽوڙن سان ان جي گناهن ۽ بدڪارين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ته ان ڪري اهڙي صورتحال ۾ تعلق ٽوڙڻ نه گھرجي ڇوته اها ان وقت اها شرعي مصلحت نه هوندي آهي بلڪ بگاڙوڌندو آهي پر اهڙي ماڻهوسان سهڻو سلوڪ نصيحت خيرخواهي ڪرڻ بهتر رهندو

جيڪي معاشري ۾ عام حرام ڪم هئا انهن جو ذڪر ڪيو ويو آخر ۾ الله کان ان جي سهڻن نالن جي واسطي سان سوال ڪريون ٿا اسان کي پهنجي اهڙو خووف عطا ڪري جيڪو اسان جي گناهن جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي وڃي

۽ اسان کي پنهنجي اطاعت جي اهڙي توفيق سان مالامال ڪري جنهن سان اسين سندس جنت ماڻيون ۽ اسين کانئس پنهنجن گناهن جي معافي، معاملن ۾ ڪوتاهين جي بخشش جو سوال ڪريون ٿا ۽ کانئس سندس ٻاجھ سان سندس حلال روزي جي حصول ۽ حرام کان بي پرواھ ٿيڻ جو سوال ڪريون ٿا ته اسان جي توبه کي قبول فرمائي بي شڪ دعائون قبول ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي

وصلي الله علي النبي الامي وصحبہ اجمعين والحمد لله رب العالمين



[1] « هذا حديث صحيح الإسناد ولم يخرجاه » (1) سورة : مريم آية رقم : 64 المستدرك على الصحيحين للحا كم

[2]- مسلم ڪتاب الفضائل حديث نمبر( 130 ) طبع عبد الباقي

[3] - ابو داؤد حديث نمبر 3486 ،صحيح ابي داؤد حديث نمبر 977 (متفق عليہ ز )

[4] متفق عليہ بخاري حديث نمبر 22522 طبع : البغا

[5] مسلم حديث نمبر 1978 ط عبد الباقي

[6] سنن الڪبرى للبيهقي 10 / 116 سنن الترمذي حديث نمبر 3095

[7] مسند احمد 2/ 429 ،صحيح الجامع حديث نمبر (5939)

[8] صحيح مسلم 4/1151

[9] بخاري مع الفتح 2 / 333

[10] مسند احمد 4 / 156 سلسلة الصيحيحة حديث نمبر 492

[11] مسلم 4 / 2289

[12] مسلم حديث نمبر 2955

[13] مسند احمد 1 | 389 ،صحيح الجامع (3955)

[14] معجم اللڪبير للطبراني 18 / 162 ،صحيح الجامع 5435

[15] ابوداؤد حديث نمبر(3910) سلسلة الاحايث الصحيحة 1065 هن حديث ۾ ضعف آهي انڪري بهتر اهو آهي ته ان کي مجهول جي صيغي سان بيان ڪيو وڃي

[16] ابوداؤد حديث نمبر 3910 ،السلسة الصحيحة 430

[17] بخاري مع الفتح 11 /530

[18] مسند احمد 2/ 125، صحيح الجامع حديث نمبر 6204

[19] ابوداؤد حديث نمبر(3253) ،سلسلة الاحاديث الصحيحة حديث نمبر( 94 )

[20] بخاري مع الفتح 11 /536

[21] مسند احمد 5 / 310 صحيِح الجامع 997

[22] ابو داؤد 1 / 533 صحيِح الجامع 7224

[23] صحيح ابن خريمہ 1 /332 تفصيل ڏسندا صفة صلاة النبي للالباني

[24] بخاري مع الفتح 2 /274

[25] ابوداؤد 1/581صحيح الجامع حديث نمبر (7452)هن جي اصل صحيح مسلم معقيب ﷦ کان منقول آهي

[26] سنن الڪبرى للبيهقي 10 / 104 ، السلسلة الصحيح 1795

[27] مسلم 1 / 320 -321

[28] مسلم حديث نمبر (474) ط عبد الباقي

[29] البيهقي 2 /484 علا مہ الباني هن کي حسن قرار ڏنوآهي ( ارواء الغليل 2 / 290 )

[30] بخاري حديث نمبر 756 ط .البغا

[31] بخاري مع الفتح 2/339

[32] مسلم 1/395

[33] مسلم 1/396

[34] صحيح لمسلم 1 /102-103

[35] صحيح الجامع حديث نمبر (2971)

[36] مسند احمد 1 /300 ، صحيح الجامع حديث نمبر (6565)

[37] بخاري مع الفتح 6 / 314

[38] زوائد البزار 2 / 181 صحيح الجامع 547

[39] مسند احمد 5 / 277 ،صحيح الجامع (2703)

[40] المعجم اللکبير للطبراني 17 / 2703

[41] مسند احمد 2/ 429 ،صحيح الجامع حديث نمبر (5939)

[42] ترمذي 3 /474 ،مشڪاة المصابيح (3118)

[43] طبراني 20 / 212 ، صحيح الجامع (4921)

4مسلم 3 / 1489

[45] مسلم3 / 1489

[46] مسند احمد ، صحيح الجامع 105

[47] مسند احمد 2 / 444 صحيح الجامع 2703

[48] مسلم2 /977

[49] " مسند أحمد - ( 11 / 153)5117 -

[50] مسلم3 / 1219

[51] مسلم 1 / 99

[52] ابن ماجہ 2 / 754 صحيح الجامع 6705

[53] بخاري مع الفتح 4 / 328

[54] بخاري انظرفتح الباري484/10

[55] السلسلة الصحيحة 1057

[56] مسند احمد 1 / 129 احمد شاڪر مصري هن کي صحيح قرار ڏنو آهي هن جي اصل بخاري ۽ مسلم۾موجود آهي

[57] انشورنس جي تفصيلي حڪم لاءِ ڏسندا عربي رسالو مجلة البحوث الاسلامية شمارو نمبر:17، 19، 20

[58] مسلم 904.

[59] بخاري 12 / 81

[60] أحمد 2/387 ,صحيح الجامع 5069.

[61] ابن ماجة 2313 , صحيح الجامع 5114.

[62] البخاري مع الفتح 5/103.

[63] الطبراني في الكبير 22/270 , صحيح الجامع 2719

[64] مسلم بشرح النووي 13/141.

[65] مسلم 4 /1726

[66] ابوداؤد 5132 هي بخاري ۽ مسلم ۾ موجود آهي ڏسندا فتح الباري 10 / 450 ڪتاب الادب باب تعاون المؤمنين بعضهم بعضعا

[67] مسند احمد 5 / 261 صحيح الجامع 6292

[68] الاداب الشرعية لابن المفلح 2 / 176

[69] ابن ماجة 2/817 , صحيح الجامع 1493.

[70] البخاري مع فتح الباري 4/447.

[71] بخاري حديث مع الفتح 3 / 211

[72] مسلم 3 /1243

[73] . رواه الإمام أحمد 4/269 وهو في صحيح مسلم رقم 1623

[74] " رواه أبو داود 2/281 , صحيح الجامع 6280

[75] الإمام أحمد 1/388 , صحيح الجامع 6255.

[76] بخاري مع الفتح 5 / 54

[77] سنن النسائي 7 / 314 صحيح الجامع الصغير 3594

[78] المعجم الڪبير للطبراني 19 / 136 صحيح الجامع الصغير حديث نمبر 4495

[79] مسنداحمد 3 / 453 صحيح الجامع 6348

[80] الإمام أحمد 5/342 , صحيح الجامع 5453.

[81] صحيح لمسلم 3 / 1587

[82] أبو داود 3681 , صحيح أبي داود 3128

[83] ابن ماجة رقم 3377 صحيح الجامع

[84] صحيح مسلم - (ج 10 / ص 401)

[85] البخاري مع الفتح 5/261.

[86] بخاري مع الفتح 6 / 333

[87] مسلم 4/2001.

[88] السلسلة الصحيحة 1871.

[89] أحمد 6/450 ,صحيح الجامع 6238.

[90] رواه البخاري انظر الفتح 10/472 , النهاية لابن الأثير 4/11

[91] رواه البخاري انظر فتح الباري 1/317.

[92] رواه البخاري انظر فتح الباري 11/24.

[93] مسلم 3/1699،

[94] "[رواه الإمام أحمد 2/385 وهو في صحيح الجامع 6022.

[95] البخاري مع فتح الباري 11/83،

[96] مسلم 1/102.

[97] مسند احمد 6 / 254 صحيح الجامع للصغير 5571

[98] بخاري :حديث نمبر 3465 ب البغا

[99] ابوداؤد 4 / 353 صحيح الجامع 2770

[100] الإمام أحمد 4/393, صحيح الجامع 207.

[101] مسلم 3//1655.

[102] رواه مسلم 3/1680

[103] مسلم 3/1676.

[104] رواه مسلم 3/1679.

[105] أبو داود 4/355 , صحيح الجامع

[106] أبو داود 4/419 ,صحيح الجامع 8153

[107] مسلم 3/1663.

[108] البخاري مع الفتح 10/382.

[109] البخاري مع فتح الباري 10/385.

[110] مسلم 3 /1671

[111] البخاري انظر الفتح 10/380.

[112] البخاري مع فتح 6/540،

[113] البخاري انظر الفتح 12/427

[114] البخاري مع الفتح 12/427

[115] رواه مسلم 2/667.

[116] ابن ماجة 1/499 , صحيح الجامع 5038.

[117] ابن ماجة 1/499 , صحيح الجامع 5038.

[118] رواه البخاري مع فتح الباري 1/317.

[119] الإمام أحمد 2/326 ,صحيح الجامع 1213

[120] الطبراني في الكبير 11/248-249 صحيح الجامع 6004

[121] البخاري انظر الفتح 10/472

[122] البخاري مع فتح الباري 10/443

[123] الإمام أحمد 1/402 , صحيح الجامع 623.

[124] البخاري في الأدب المفرد رقم 103 ,السلسلة الصحيحة 65،

[125] مسنداحمد 3 / 453 صحيح الجامع 6348

[126] مسلم حديث نمبر 4 / 1770

[127] مسند احمد 4 / 394 ،صحيح الجامع حديث نمبر 6505

[128] ابن ماجة 1/505 , صحيح الجامع 5068

[129] بخاري مع الفتح 3 / 163

[130] مسلم حديث نمبر 934

[131] مسلم

[132] أبو داود 5/215 , صحيح الجامع 7635.

[133] الأدب المفرد حديث رقم , صحيح الجامع 6557.

[134] رواه مسلم 4/1988